ٽنڊومستي ويجهو روڊ حادثو، 5 ڄڻا زخمي

0
198
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ٽنڊومستي(ن پ ا) ٽنڊومستي ويجهو روڊ حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڪوچ ٽريڪٽر ٽالي کي پٺيان زوردار ٽڪر هنيو، جنهن ۾ ڪوچ ڊرائيور سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ خانيوال واسي ڪوچ ڊرائيور محمد شھباز چاھون، رحيم يار خان واسي ڪوچ ڪنڊيڪٽر تصور حسين چٽا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي سوار راڄ محمد راڄپر، نوتن ملهه مارواڙي ۽ موھن مارواڙي شامل آھن، تيز رفتار ڪوچ ڪراچي کان ملتان وڃي رھي ھئي ته گاڏين کان ڪراس ڪري رھيو ھو ته ٽريڪٽر ٽرالي سامهون اچڻ ڪري حادثو پيش آيو، ٽنڊومستي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي زخمين کي ڦوري طور کڻائي گمس اسپتال گمبٽ آندو، ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو .