پٿورو ويجهو نوجوان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
146

پٿورو(ن پ ا) پٿورو ويجهو شادي پلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صديق سهتو ۾ شادي شده ناري 23 سالا ڀوري زال هيمراج ڪولهي جيت مار زهريلي دوا پي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال پٿورو منتقل ڪيو ويو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب عمرڪوٽ اماڻيو ويو آھي، جڏهن ته آپگهات جو ڪارڻ گهرو اڻبڻت ٻڌايو وڃي پيو.