پنوعاقل ويجهو رولو ڪتن جي لوڌ جو حملو، معصوم نينگر کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو

    0
    18
    پنوعاقل ويجهو رولو ڪتن جي لوڌ جو حملو، معصوم نينگر کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو
    پنوعاقل ويجهو رولو ڪتن جي لوڌ جو حملو، معصوم نينگر کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو

    پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ويجهو رولو ڪتن نينگر کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ يوسف جوڳي ۾ رولو ڪتن جي لوڌ 10 ورهين جي آصف پٽ ممتاز جوڳي کي جسم جي مختلف حصن ۾ چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

    زخمي نينگر کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتان حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

    نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارٿن حوالي ڪيو ويو، معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، وارثن ٻڌايو ته رستي کان گذرندي رولو ڪتن نينگر تي حملو ڪري کيس ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هو بچي نه سگهيو