ڪراچي( رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ پوليس جي مبينه تشدد ۾ حراست هيٺ جوابدار جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، ڪلفٽن جو اڳوڻو ايس پي نيئر الحق ذميوار قرار، کانئس قلم 302 تحت جاچ ڪرڻ جي سفارش، ان ڏس ۾ ڊفينس جي درخشان ٿاڻي جي حراست ۾ جوابدار معيذ نسيم فوت ٿيو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ جوابدار تي تشدد جي تصديق ٿي هئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪم تي جاچ ڪندڙ ٽيم واقعي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي. ذريعن موجب جاچ ڪاميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي عرفان بلوچ پنهنجي  رپورٽ ۾ ڪلفٽن جي اڳوڻي ايس پي نيئر الحق کي باندي جي قتل ۾ سڌي ريت ملوث قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار معيذ نسيم ٿاڻي ۾ نه پر ايس پي ڪلفٽن جي ڪسٽڊي ۾ فوت ٿيو، ايس پي نيئر الحق رات جو ٿاڻي مان جوابدار کي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، صبح جو جوابدار جو لاش ٿاڻي آندو، فريادي ۽ ايس پي نيئر الحق پاڻ ۾ دوست آهن، انهي لاءِ ايس پي ڪلفٽن پنهنجا اختيار اورانگھيا، ايس پي کان قلم 302 يعني قتل ڪيس تحت جاچ ڪئي وڃي، رپورٽ موجب  ايس ايچ او واقعي ۾ سڌي ريت ملوث ناهي پر ايس ايچ او تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي، ايس ايچ او خلاف به ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ذريعن موجب اڳوڻو ايس پي ڪلفٽن نيئر الحق گرفتاري کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويو آهي ، هو جاچ ڪاميٽي آڏو به پيش ناهي ٿيو