اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري باجوڙ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اخونزاده چٽان حملي جي مذمت ڪندي حملي آورن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو آهي ته باجوڙ ۾ ننڍي چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي جي اميدوار اخونزاده چٽان کي نشانو بڻائڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت ننڍي چونڊن دوران امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جبر، تشدد ۽ دهشتگردي سان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي  جهڪائي نٿو سگھجي.