ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، زڪوات، ورڪس، عورتن جي ڀلائي، ماحوليات، بحالي ۽ صنعتن وارن کاتن جا سيڪريٽري تبديل ڪرڻ جو فيصلو، نون وزيرن جي سفارش تي سيڪريٽرين جي مقرري ڪئي ويندي. ان حوالي سان

مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ڪابينا ۾ 8 وزيرن جي واڌ کانپوءِ سنڌ حڪومت  8 کاتن  جا سيڪريٽري تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب صنعتن واري سيڪريٽري ياسين شر بلوچ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري نور سمون، اوقاف ۽ زڪوات کاتي جي سيڪريٽري منور مهيسر، ورڪس کاتي جي سيڪريٽري اعجاز شاھ، عورتن جي ڀلائي  واري سيڪريٽري تميز الدين کيڙو، ماحوليات کاتي جي سيڪريٽري نبيلا عمر، سوشل ويلفيئر کاتي جي سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ بحالي کاتي جي سيڪريٽري پرويز سيهڙ کي تبديل ڪري نون صوبائي وزيرن جي سفارشن تي 20 ۽ 21 گريڊ جي سيڪريٽرين جي مقرري ڪئي ويندي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين  صوبائي وزيرن کان سيڪريٽرين جي مقررين جو پروپوزل پڻ گھرائي ورتو آهي. صوبائي وزيرن پاران پروپوزل سروسز کاتي حوالي ٿيڻ بعد سيڪريٽرين جي مقررين ۽ بدلين جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت وٽ 20هين ۽ 21 گريڊ جا 20 کان وڌيڪ آفيسر پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهن.

لائيو اسٽاڪ جو سيڪريٽري 3 حڪومتي دورن ۾ برقرار

ڪراچي: لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري تي اڳوڻي پ پ حڪومت، نگران سرڪار ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ به نوازشون ، 17هين گريڊ جو آفيسرن هڪ ئي وقت ٽن اهم پوسٽن تي ويٺل آهي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب پ پ جي گذريل حڪومتي دور ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سيڪريٽري طور مقرر ٿيل حفيظ سيال نگران سرڪار کانپوءِ هاڻوڪي حڪومت ۾ به ساڳئي کاتي ۾ سيڪريٽري طور مقرر ٿيل آهي. واضح رهي ته موجوده حڪومت جي جوڙجڪ بعد لڳ ڀڳ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي تبديل ڪيو ويو آهي، رڳو لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ ساڳيو ئي سيڪريٽري مقرر ٿيل آهي. ذريعن ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ  کاتي ۾ 17هين گريڊ جي آفيسر آدم نبي کوسو وٽ پي ايس ٽو سيڪريٽري، پي ايس ٽو صوبائي وزير ۽ سيڪشن آفيسر ڊولپمينٽ جا 3 اهم عهدا حوالي ٿيل آهن. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ کانئس سيڪشن آفيسر جنرل جي اضافي چارج واپس ورتي وئي هئي.

 

ڪورنگي: بدلي ڪيل بااثر ڊپٽي ڪمشنر جو 24 ڪلاڪن ۾ آرڊر رد

ڪراچي: ڪورنگي مان بدلي ڪيل بااثر ڊپٽي ڪمشنر 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجو آرڊر ڪينسل ڪرائي ڇڏيو، ان ڏس ۾ 17 اپريل تي چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين ڊي سي ڪورنگي عامر حسين کي بدلي ڪري جواد مظفر کي ڊي سي ڪورنگي مقرر ڪيو هو، 18 اپريل يعني ڪالهه ئي چيف سيڪريٽري اهڙو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.