ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسڪول ايجوڪيشن کاتي لاڳاپيل سموري هيومن ريسورس جو سينٽرلائزڊ ڊيٽابيس ترتيب ڏيڻ، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ پليسمينٽ ميڪنزم آن لائين ڪرڻ ۽ 2012ع  جي ڀرتين جي تڪراري ڪيسن جي انڪوائري معاملن تي وڌيڪ وقت ضايع نه ڪرڻ ۽ درخواستون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان ڪالهه  تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ صوبائي وزير  سردار شاهه چيو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن ادارن جي سوا 2 لک آفيسرن، ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف ۽ ٻئي عملي جو سينٽرلائيز ڊ ڊيٽابيس ڊجيٽل بنيادن تي ٺاهيو وڃي، جنھن ۾ گريڊ 1 کان گريڊ 22 تائين جي سمورن ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل شامل ڪيا وڃن. هن چيو ته سينٽرلائيزڊ ڊيٽابيس جي ٻئي مرحلي ۾ آفيسرن، استادن ۽ ٻين ملازمن جي ڪارڪردگي رپورٽ کي ميڪنزم سان جوڙيو ويندو، جنهن سان ميرٽ ۽ بھتر ڪارڪردگي جي بنياد تي مراعتن ۽ پروموشن ڏيڻ جي عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صوبائي وزير  سردار شاهه چيو ته تعليم کاتي جي ايڇ آر ڊائريڪٽوريٽ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن کاتي ۾ ڪو به ملازم ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيو آهي ته ان جي داخلا رکي وڃي. صوبائي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ايڇ آر جي ڪجهه ٽيڪنيڪل پوسٽن کي ضرورت موجب مارڪيٽ بيس بڻائي اوپن اپائنٽمينٽ جي ضرورت آهي  تعليم واري وزير هدايت ڪئي ته مئي مھيني جي آخر تائين اي-ٽرانسفر پاليسي کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي ته جيئن استاد بدلي لاءِ آن لائين طريقي تحت اپلاءِ ڪري سگهن.  اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايچ آر ڊائريڪٽوريٽ غير فعال يا بند اسڪولن کي ٻيهر کولڻ جي درخواست وصول ڪندي،جوائنٽ ويريفڪيشن ٽيم ۽ تعليم واري سيڪريٽري جي مشاورت سان اسڪول جي پوزيشن بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي، صوبائي وزير هدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ نون ڀرتي ٿيل سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي سنڪشن اسٽرينٿ ۽ ضرورت جا تفصيل ڊائريڪٽوريٽ آف ايڇ آر پاران فراهم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالت ۾ ٻڌڻي  هيٺ درخواستن کانسواءِ 2012ع جي اپائنٽمينٽ جي تڪراري درخواستن کي مڪمل طور بند ڪيو وڃي،جلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورا ڊائريڪٽوريٽ استادن ۽ ملازمن جي ھر ھفتي جي ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.