پنهنجن جون چٺيون

0
60
پنهنجن جون چٺيون
پنهنجن جون چٺيون

سنڌ ۾ وڌندڙ آپگھاتن جا واقعا!

(حصو ٻيون)

ھڪ ھڪ فرد ملي قوم ۽ سماج ٺاھيندو آھي، ان ڪري ھڪ ھڪ فرد جو پنھنجي سماج جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار جڙي ٿو جيڪڏهن سماج ۾ ھڪ به فرد پڙھيل لکيل نه ھجي ته ان جو اثر سڄي قوم، سڄي سماج تي پوي ٿو. ان ڪري ارسطو (arstotle) تعليم جي مقصد کي انساني مقصد ڪري ھڪ جھڙو سڏيو آھي، زرداري ليگ ھٿ سان گھڻي ۾ گھڻو متاثر سنڌي تعليم کي ڪيو آھي ته جيئن نه ھن قوم ۾ علم، شعور ھوندو نه ئي ھي ھڪ سماج يا قوم ٺھي سگھندي. سنڌ ۾ تعليم، ميرٽ جي لتاڙ، سفارشي ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر جھڙن غليظ عملن جو بنياد رکي ھڪ طرف تعليمي ادارن کي تباھ بڻايو ويو آھي ته ٻئي پاسي پورھيتن ۽ مزدور طبقي سان واسطو رکندڙ شاگردن کان تعليم جو حق کسيو پيو وڃي، انھيءَ ميرٽ جي لتاڙ جي ڪري سنڌ جا نوجوان دلشڪسته ۽ مايوس نوجوان پوءِ آپگھات ڪري زندگي جو انت ڇڏين ٿا. اسان ٻڌندا آيا آھيون ته قتل ھميشه زندھ انسان جو ٿيندو آھي پر سنڌ جي ھر ڪنڊ ڪرڇ ۾ ھر منٽ ھر سيڪنڊ ۾ توھان کي انسانيت جو قتل، ميرٽ جو قتل، اميدن جو قتل ٿيندي نظر ايندو. ھڪ سروي موجب سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن ۾ 1300 انسانن آپگھات ڪيا آھن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد پڙھيل لکيل نوجوانن جو آھي. گذريل سال سنڌ مينٽل اٿارٽي جي طرفان سنڌ ۾ ٿيندڙ آپگھاتن تي تيار ڪيل ھڪ تحقيقي رپورٽ منظر عام تي آئي ان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ ۾ گھڻي ۾ گھڻا آپگھاتن جا واقعا عمرڪوٽ ۾ ٿيا آهن، ان کان پوءِ ٿرپارڪر ۾ ان کان پوءِ ميرپورخاص ۾ پيش آيا آهن، انھن خودڪشيءَ جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو نوجوان شامل آھن، جن جو تقريبن شيڊيول ڪاسٽ سان تعلق آھي، جن جي عمر 15 کان 30 سالن جي اندر ڄاڻائي وئي، مان سمجھان ٿو ته اھي سمورا واقعا سماجي ڀڃ ڊاھ جو نتيجو آھن، جيڪا سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور کائيندي پئي وڃي.

احمد رضا ماڇي/نوابشاهه

ايس ايم پچاءَ بند جو بند پيل ڪم ٻيهر شروع ڪرايو!

چار سال اڳ جڏهن سنڌو درياهه جي ايس ايم بچاءَ بند کان 1500 فوٽن جي فاصلي تي ھو ته ڳوٺ ڪوڙي جي ڀاڻن جي عوام طرفان بار بار احتجاج ڪيو ويو ته سنڌو درياھ لاءِ اپاءَ وٺو، ٻي صورت ۾ سنڌو درياھ نوشھرو فيروز سميت ڪيترائي علائقا تباھ ڪري ڇڏيندو پر افسوس جو انتظاميان جي ڪن تي جونءِ به نه سُري، جڏھن 2023 جولاءِ ۾ درياھ ۾ چاڙھ آيو ته وري ڳوٺاڻن دانھون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ شوشل ميڊيا تي ايريگيشن سميت سنڌ حڪومت کي  ٻڌايو ته سنڌو درياھ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، ايمرجنسي لاڳو ڪري جلد کان جلد بند جي بچاءَ لاءِ اپاءَ وٺو پر نالائق ايريگيشن عملي ۽ ضلعي انتظاميان پاران ڪو اپاءُ نه ورتو ويو، بند جي خطرناڪ صورتحال ڏسي بند جي آسپاس جي علائقن مان ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا پر ايمرجنسي واري صورتحال ۾ ڪو ڪامورو يا ايريگيشن آفيسر بند تي اچڻ لاءِ تيار ئي نه ھو، جڏھن بند کي ھنڌان ھنڌان روڻيو پوڻ شروع ٿيون ته چيف ايريگيشن سکر ڏي ڪوڙي جي ڀاڻن جو عوام ڪنڊياري سندس گھر ويو ته مھرباني ڪري بند جو معائنو ڪيو، ان وفد جي وڃڻ کان پوءِ چيف انجنيئر ايريگيشن بند جو دورو ڪيو ۽ بند جي صورتحال خراب ڏسي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پر افسوس جو بند کي بچائڻ ۾ وڏي سستي ڪئي وئي، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري ڪجھ پئسن مان پنھنجا گھر ڀريا ويا ته ڪجھ پئسن جو اڻپورو پٿر آندو ويو، پٿر جي کوٽ ڏسي عوام پاران وڻ وجھي بند کي 2023ع جي نقصان کان بچاءُ ورتو ويو جيئن آگسٽ کان پوءِ بند تي دٻاءُ گھٽيو ته چيف انجنيئر ايريگيشن عوام کي دلاسو ڏياريو ته ڊسمبر ۾ بند جو ڪم ڪري درياھ کي پوئتي ھٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان منظوري وٺي ڪم ڪرايو ويندو، جڏهن ته نگران حڪومت وٽ بند جي مرمت جي ڪم لاءِ بل به ويو ته نگران حڪومت خطرو نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي بل رد ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪوڙي جي ڀاڻ سميت آس پاس جي ماڻھن ۾ مايوسي پکڙيل آھي. جيڪڏهن ايس ايم بچاءُ بند جو فورن ڪم نه ڪيو ويو ته ايس ايم پچاءُ بند ٽٽڻ کان پوءِ پھريان نيشنل ھاءِ وي کي ٻوڙيندو جنهن سبب پورو پاڪستان متاثر ٿيندو، جي خدا نه ڪري بند ٽٽي پوي ٿو ته ڀاڻ سعيد آباد تائين ڪو به علائقو پاڻي جي لپيٽ کان بچي نه سگھندو. اسان نگران حڪومت کان پرزور اپيل ٿا ڪريون ته ايس ايم بچاءَ بند جو بل جي منظوري ڏئي لکين جانين کي پچايو وڃي، اسان کي ٻيھر گھر ڇڏڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، ڏھاڙيدار مزدوري ڪندڙ طبقو ڪاڏي ذليل ٿيندو، خدارا جلد بند جو ڪم شروع ڪرايو وڃي.

صفدر عرف دودو خان سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ

سنڌ، تنگ آمد جنگ آمد!

انتهائي باخبر ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن جي دوستن کي يقين آهي ته هو سنڌ حڪومت جي نگران ڪابينا جو حصو بڻجندا، جن پنهنجي وس کان وڏي ڪوشش ڪئي پر ان وقت تائين سنڌ نگران ڪابينا جو حصو نه بڻجي سگهيا، انهن حلقن جي ويجهن ذريعن کان اها به خبر پئي آهي ته انهن جا نالا به لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن پر ڪجهه سببن جي ڪري معاملو تعطل جو شڪار ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ساڳئي حلقن جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وڏو وزير سنڌ مقبول باقر کي محترمه بڻائي رهيو آهي. عاليه امام صاحبه کي سندس خواهش موجب 90 ورهين جي ڄمار ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ٻئي طرف آرٽس ڪائونسل جي موجوده صدر احمد شاهه کي عالمي اردو ڪانفرنس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. مان صوبائي وزير کي اعلان ٿو ڪريان ته سنڌ جي عوام کي مليل اختيارن جو صحيح استعمال نه ڪرڻ عوام ۽ ڌرتي سان زيادتي جي برابر آهي. ذريعن مان اها به خبر پئي آهي ته سنڌ جيڪو هڪ زرعي صوبو آهي، جنهن جو مکيه شعبو زراعت ۽ خوراڪ کاتو آهي، اهي وزارتون خالي پيل آهن، هن وقت سنڌ ۾ زرعي جنسن جن ۾ ڪڻڪ خاص طور تي پوکي پئي وڃي پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جهڙيون زرعي ڀاڻ ڪارو مٽر ۾ ملي رهي آهي ۽ ڪڻڪ پوکڻ لاءِ جنس جا ٻج به ٻه غير معياري آهن، نمبر پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ نه ڪو زراعت وارو وزير آهي ۽ نه وري خوراڪ جو وزير، سنڌ جي زرعي توسيع جو ڊائريڪٽر جنرل به ڪجهه مهينن کان پوسٽنگ جو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي. سنڌ جو نگران وڏو وزير تعليم، ميونسپل مسئلن ۽ صحت بابت ايڊيٽوريل مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايڊيٽوريل سربراهن کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، اهي غير فعال آهن جيئن ته ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل زراعت توسيع، ڊي سيز، ڪمشنرز، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اينٽي ڪرپشن جا ڊائريڪٽر توڙي سنڌ جي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين ڪير آهي، اهي اهڙيون پگهارون وٺڻ لاءِ ڇا پيا ڪن؟ ۽ فائدا؟ اختيار ڏئي رهيو آهي، هتي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اليڪشن ٿيڻ جي باوجود به اليڪشن نه ٿئي يا ان ۾ ڪو ابهام هجي، تنهن هوندي به اوهان نگران آهيو، جيڪي سنڌ صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جا ذميوار آهيو. اندر ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻئي طرف سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ بدران بحران جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن. سنڌ صوبو ۽ ان جو عوام جيڪو ڪافي عرصي کان مختلف بحرانن جو شڪار آهي، ان ۾ وڌيڪ بحرانن کي برداشت ڪرڻ جي طاقت ناهي. اهو سوال ڪافي عرصي کان بحث هيٺ رهيو آهي ته انهن مسئلن ۽ ادارن جي بحرانن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪو متبادل ڳوليو وڃي. سنڌ جي خود نگران وڏي وزير مختلف ضلعن جا دورا ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته تعليم، صحت، زراعت، آبپاشي، ڪاليج، يونيورسٽيون، منهنجو مطلب ته ڏسو، هر شاخ تي هڪ الهه جهڙو ميگا ڪرپٽ سربراهه ويٺو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر وڏي پئماني تي اجلاس ڪري انهن کي سڌارڻ جون هدايتون ڏئي ۽ انهن کي ٽائيم فريم ڏئي ان دوران سڌارا رپورٽ پيش ڪري. ٻي صورت ۾ هو اتي نه رهن.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

ملڪ ۾ سول ۽ فوجي حڪمرانن ۾ فرق!

اڳوڻي اسپيڪر اسيمبلي ۽ وفاقي وزير گوهر ايوب خان 86 سالن جي ڄمار ماڻي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هو، ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور فوجي حڪمران جنرل ايوب خان جو پٽ هو جنهن 1958 ۾ مارشلا هڻي اقتدار سنڀاليو 10 سالن تائين طاقت ايوب خان وٽ هئي، ايوب خان جهڙي بااختيار ۽ طاقتور جو پٽ هجڻ ان لاءِ فخر جهڙي ڳالهه هئي پر گوهر ايوب ڪڏهن به خانداني بادشاهت قائم ڪرڻ يا پاڪستان جو صدر وزيراعظم بڻجڻ جي ڪڏهن خواهش نه ڪئي، سنڌ جي دانشور پير علي محمد راشدي تحريري طور تي فيلڊ مارشل ايوب خان کي بادشاهه بڻجڻ ۽ بادشاهت جو نظام قائم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو هو پر ايوب سڀني اختيارن باوجود بنيادي جهموريت جو نظام قائم ڪري صرف صدر پاڪستان بڻجڻ قبول ڪيو هو پنهنجي اختيارن ۽ طاقت جو فائدو کڻندي ايوب خان بادشاهت جو اعلان ڪري پئي سگهيو ان جا ٻئي پٽ ايوب خان ۽ اختر خان بادشاهت کي جاري رکڻ جا اهل هئا ٻئي نمبر تي طاقت ور فوجي حڪمران جنرل ضياءَ هو جنهن 05 جولاءِ 77 تي پ پ جي باني ذوالفقار ڀٽو جي ووٽ واري جهموري طريقي سان چونڊيل حڪومت ختم ڪري ڇڏي، جنهن کي 11 سال حڪمراني هئي جيڪو به وڏي عرصي دوران بادشاهت يا خلافت جو اعلان ڪري سگهي پيو پر ان آخري گھڙين تائين پنهنجي خاندان کي اقتدار ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو ان جا پٽ اعجازالحق ۽ انوارالحق سياست ۾ آهن پر صرف وفاقي يا صوبائي وزير تائين پرواز ڪيائون جنرل ضياءِ هٿان تراشيل سياستدان نوازشريف 03 ڀيرا وزيراعظم بڻجڻ بعد هاڻي ڇوٿون چڪر به وزيراعظم واري ڪرسي سنڀالڻ چاهي ٿو. ڳالهه ڪجي جنرل مشرف جي جيڪو وزيراعظم نواز شريف جو تختو اوندهو ڪري اقتدار ۾ آيو جنهن جي دهشت سان ڪاري ناڻي وارا پريشان ٿيا جنهن هڪ مهيني ۾ ڪارو ناڻو گڏ ڪندڙن ۽ ناجائز ملڪيتن تان قبضو ڇڏائڻ جو اعلان ڪيو ان کي به اقتدار تي گرفت هئي هو چاهي ها ته پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪري سگهي پيو پر ان جي حڪومتي دور ۾ ان جو پٽ بلال مشرف آمريڪا وڃي نوڪري ڪندو رهيو ۽ ان جي ڌيءُ ڊزائنگ جي ڪم ۾ مشغول رهي ڪلفٽن ۾ زم زمه پارڪ ان جي ڪوششن سان قائم ٿيو هو ان جي گهرواري صحبا مشرف پاڻ کي گهريلو ڪمن تائين محدود رکيو ذڪر ڪيل ٽئي فوجي حڪمران بادشاهت قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هئا پر ائين نه ڪيائون هن وقت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجڻ حق تصور ڪري ٿو ان جو والد ان مقصد لاءِ سرگرم پڻ آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

بيمار سماج کي جاڳائڻ جي ضرورت آھي؟‎

ڳوٺ زينگيجا رتيديري جي ڀرسان اوشاق زنگيجي جي سارين جي ديري کي باھ ڏئي ڇڏي، سڄي سال جي محنت  کي تباھ ڪري ڇڏيو، اھڙي رپورٽ رتيديري جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي. سندس ڏوھ اھو آھي سندس نياڻي مئٽرڪ ۾ پڙھي پئي. اھا نياڻي پنھنجي ڀائرن کي موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي ٿي پر نياڻين جي پڙھائي رڪاوٽون ۽ مونجھارا وڌا وڃن ٿا، سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽوريل ڇپيا آھن جنھن ۾ ھن نياڻي کي بھادر ۽ سنڌ جي ملالا به سڏيو آھي. ھن جديد دور ۾ سنڌ ۾ نياڻيون پڙھائڻ ۾ اڃان وڏيون ڏکيائيون درپيش آهن. تعليمي ادارن مان نياڻين جا لاش ملن ٿا. تعليمي ادارن ۾ زيادتين جا ڪيس Harsment cases ٿين ٿا، رستن ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ويندڙ نياڻين کي آوارا ۽ نوجوان ڇوڪرا تنگ ڪن ٿا، يونيورسٽين ۾ استاد مارڪن جي چڪر ۾ ڇوڪرين کي تنگ ڪن ٿا. تعليم مرد ۽ عورت کي حاصل جو برابر حق آھي پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ ڳوٺن جي بااثر ماڻھن گھرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي. بااثر اوشاق زنگيجي جي سارين جي فصل کي باھ ڏيڻ ھڪ بيمار سماج جو پيغام ئي آھي. سنڌ ۾ خبر ناهي ته ڪڏھن صحت مند سماج جڙندو. ھن نياڻي جي ڪھاڻي واقعي به ملالا کان گھٽ ناھي، بااثر ماڻھن جي اھڙي روش ۽ ڪردار کي سنڌ جي ھر نوجوان، ميڊيا ۽ قانون جا رکوالا ۽ انصاف ڏيندڙ ادارا به تحرڪ ۾ اچي اوشاق ۽ نياڻي سان انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رڪاوٽون ۽ ظلم زيادتي ڪندڙن کي عملن قانوني سزا ڏني وڃي. ھي رتيديري جي غريب مسڪين جو سڄو الھ تلھ تباھ ڪرڻ جا ڪارڻ به تعليم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون آھن. اڄ جي دجالي ۽ مھانگائي واري دور ۾ فصل کي تباھ ڪرڻ موت کان گھٽ ناھي، ان ھاري جون اکيون ان لٿل فصل ۾ ھونديون ۽ ان فصل سان گڏ ڪيتريون اميدون سلھاڙيل ھونديون آهن پر ظالمن ان جي محنت کي تباھ ڪري ان جي اميدن کي ئي چڪناچور ڪري ڇڏيو. اھڙن واقعن تي سنڌ ۾ قانون جي ادارن ۽ حڪومت کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، نه ته سنڌ ۾ اھڙي قسم جا واقعا معمول بڻجي ويندا. والدين پنھنجون نياڻين کي بنيادي حق تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيندا جيڪو سنڌ جو وڏو نقصان آھي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

انساني حق! هڪ رهجي ويل سوال؟

سماج ۾ هر انسان جا ڪُجهه حق ۽ ڪُجهه آزاديون هُجن ٿيون، جيڪي کيس ڄائي ڄم کان ملن ٿيون. ان حوالي سان هر مُلڪ جي آئين ۾ اُتان جي رهواسين کي ڪجهه بنيادي حق حاصل آهن، جن ۾ انسان جا اهڙا فطري حق به شامل آهن، جيڪي ان کان ڪڏهن به قانون يا دستور ذريعي کسي نٿا سگهجن. اهي حق سڀ کان پهريائين 1789ع فرانسيسي انقلاب کان پوءِ جوڙيل فرينچ ڊڪلئيريشن آف رائيٽس ۾ شامل ڪيا ويا. جنهن موجب برابري، آزادي، ملڪيت، سلامتي، جان جي حفاظت ۽ ڏاڍائيءَ کي روڪڻ جي حقن کي انسان جا “بنيادي حق” قرار ڏنو ويو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٿيل انساني حقن جي لتاڙ کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 10 ڊسمبر 1948ع ۾ “انساني حقن وارو عالمي پڌرنامو” پيش ڪيو، جنهن ۾ انساني حقن جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي. ان حوالي سان هر سال 10 ڊسمبر تي دُنيا ۾ بُنيادي انساني حقن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. عالمي انساني حقن جي پڌرنامي جو اثر انتهائي اهم آهي. ان جا اصول ڏکڻ کان اتر، اوڀر کان اولهه، ترقي پذير کان ترقي يافته، اشتراڪي کان سرمائداراڻا ملڪن، ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ ڪيترن ئي ملڪن جي آئينن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، بنيادي انساني قانون، جيڪي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973 جي آئين ۾ شامل ڪيا ويا، اهي ڪيترن ئي قسمن جا شهري، سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل حق آهن، جيڪي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ موجود آهن، جيڪي اتساهه جو سبب بڻيا. ان کان سواءِ، انهن ڪيترن ئي ٻين بين الااقوامي حقن جي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي جيڪي مختلف مامرن تي قانوني طور لاڳو ۽ غير لاڳو ٿيندڙ آهن، مرد ۽ عورت پيدا ڪيا ويا آهن حقن ۾ آزاد ۽ برابر رهڻ لاءِ. سماجي فرق صرف عام مفاد تي قائم ٿي سگھن ٿا هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ موجب انساني حقن جي لتاڙ جا اڻ ڳڻيا واقعا شامل آهن پر ان کان وڌيڪ اسين اهو سمجهون ٿا ته ماڻهن جي بنيادي حقن جي فراهمي حڪومت ۽ حڪومتي ادارا نه ڪري رهيا آهن. جيڪو انهن جو بنيادي فرض آهي. تعليم، صحت، رهائش، انصاف، امن امان، جمهوريت ۽ شهري حقن جي سلسلي ۾ به اسان جو رڪارڊ فخر جوڳو ناهي. پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ انسان جي بنيادي گهرجن ۽ حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اها هڪ ڊگهي فهرست آهي. صاف لڳي ٿو ته پاڪستان جي وڏي آبادي کي انساني حقن تائين رسائي ناهي. اچو ته ان عهد جي تجديد ڪريون ته حقدارن  کي انهن جو حق ڏياري رهنداسين ڇو ته اسان پرامن قوم آهيون. اسان کي گڏيل قومن جي سطح تي ان ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجو موقف مضبوط، پنهنجي فعاليت کي يقيني بڻائڻ گھرجي.

ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي/ ڪراچي

شاگرد سياست جو مستقبل!

ڪنھن به ملڪ جي ترقيءَ جو اندازو ان جي تعليمي نظام مان ئي لڳائي سگهجي ٿو، جي ڪنھن ملڪ جو تعليمي نظام بھتر آھي ته يقينن اھو ملڪ دنيا ۾ ھڪ بھتر مقام تي پهتل هوندو، ان جي ابتڙ ڪو ملڪ تعليم نظام ۾ پٺتي پيل آھي ته اھو ملڪ جيئن جو تيئن تنزليءَ ڏانهن روان دوان ھوندو. ملڪ جي ترقيءَ ۾ سياست ھڪ اھم جز آھي ۽ ان جي اندر سياست ۾ وري شاگرد سياست ھڪ وڌيڪ اھم جز آهي جنھن کي تقريبن ھر دور ۾ فراموش ڪيو ويو آھي. شاگردن کي سياست کان وٿيرو رکي شاگردن سان وڏي ناجائزي ڪئي پئي وڃي پر ڪير به ان حساس معاملي تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهي. شاگرد سياست جو ڪارو دور تڏھن شروع ٿيو جڏھن ضياءُالحق شاگرد يونين تي پابندي مڙهيندي پوري ملڪ ۾ شاگرد کان سياست جو حق کسي ورتو ۽ ايندڙ وقت لاءِ ملڪ ۾ شاگردن سان ناانصافي ٿيڻ کان اڳ ئي انھن جا هٿ وڍي ڇڏيا جو ھو ڪنھن به جائز مسئلي تي آواز نه اٿاري سگھندا، ان کان پوءِ ته بس ملڪي تعليمي ادارن کي سبب مليو ۽ انھن وس ڪونه گھٽايو ۽ شاگردن مٿان طرح طرح جون شاگرد مخالف پاليسيون ۽ فيصلا مڙهيندا ويا. شاگرد يونين تي پابندي کان پوءِ تعليمي ادارن جي انتظاميه طرفان اھڙيون اھڙيون پاليسيون آنديون ويون ۽ فيصلا ڪيا ويا جنھن سان شاگردن جو منھن ڏيڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو، جنھن ۾ هر ٻئي ڏينهن فيسن جي واڌ، ٻاھران آيل شاگردن کي ھاسٽل نه ڏيڻ، استادن طرفان نياڻين کي مارڪن جي نالي تي بليڪ ميل ڪرڻ، سالن کان ھڪ ئي پراڻيون ڦٽل بسون ٽرانسپورٽ جيڪي ڪيترا ئي ڀيرا مختلف حادثن جو شڪار پڻ ٿي چڪيون ھجن وري به شاگردن کي انھن بسن ۾ جانورن جيان ھلائڻ سميت اھڙا انيڪ مسئلا موجود آھن. شاگرد يونين نه ھجڻ ڪري ڪي شاگرد اھڙن جائز مسئلن تي ڌيان ڏيارڻ چاهين ته انھن مٿان اي ٽي سي جھڙا مختلف قلم ھنيا ويندا آھن جيڪا تمام ڏک ۽ افسوس جھڙي ڳالھ آھي. ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ خاص ڪري يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ سان ئي شاگردن جا مسئلا حل ٿيندا ۽ سياست ۾ شوق رکندڙ شاگرد ملڪي سطح تي سياست ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين مان ايندڙ پڙهيل لکيل شاگرد ئي ملڪي سياست جا علمبردار ٿين ته بھتر آ نه ڪي جيلن مان ايندڙ ڏوھارين کي سياست جو علمبردار ڪجي، جيڪي تعليمي اداران کي ڏوھارين جو ڳڙھ ۽ وڏيرن جون اوطاقون ڪري ويٺا ھجن. شاگردن لاءِ رڳو ڪتابي پڙھائي مڪمل ناھي، ڪتابي پڙھائي سان گڏوگڏ انھن کي ھڪ بھترين ماحول ۾ سياست ڪرڻ جو موقعو پڻ فراھم ڪيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿاري سگھن ۽ ساڻ ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف ڀرپور آواز بڻجڻ. اھو تڏھن ئي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو جڏھن ضياءُالحق جھڙن آمر سوچ جي مالڪن جي پاليسين کي تبديل ڪري شاگرد دوست پاليسيون آنديون وڃن ۽ شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي.

احسان مھدي راڄپر/نوابشاهه