رياستي پاليسيون ۽ ديس جا ٻچا ڳڙڪائيندڙ دهشتگردي

0
105
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو آدمخور راڪاس “آدم بوءِ- آدم بوءِ” ڪندو ويڙها ويران ڪندو رهي ٿو. دهشتگرد قوتون ايتريون ته منظم آهن، جو اهي جڏهن به ۽ جتي به چاهين ٿيون، باهه ۽ بارود سان راند ڪري وڏو نقصان ڪري ٿيون وڃن ۽ هاڻي ته انهن قوتن جو نشانو پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز بڻجي رهيون آهن. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جڏهن دهشتگرديءَ جي ڪنهن واقعي جي خبر خبر ميڊيا جي توسط سان دنيا تائين نه پهچندي هجي. دهشتگرديءَ خلاف توڙي جو ملڪي فورسز مسلسل ويڙهاند ۾ رهيون آهن، پر ان جي باوجود دهشتگرديءَ ۾ گهٽتائي نه پئي اچي. ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 25 فوجي جوان شهيد ٿيا آهن، جنهن مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته دهشتگرديءَ جو نيٽ ورڪ ڪيترو منظم ۽ سگهارو آهي، جو دهشتگرد، ٽولن جي صورت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪين تي يا انهن جي گاڏين تي حملا ڪري رهيا آهن.

ڪئين ڏهاڪن کان هي ملڪ بدترين دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل رهيو آهي. هن ملڪ ۾ دهشتگردي وڌڻ جا بنيادي سبب رياستي پاليسيون آهن. جنرل ضياءَ جي دور کان وٺي هن ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هٿيار عام ٿيا. اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي ته رياستي سرپرستي ۾ “وار لارڊز” پيدا ڪيا ويا، جن کي افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جنگ ۾ استعمال ڪيو ويو. اسان آمريڪي مفادن جي جنگ وڙهي ۽ نتيجي ۾ اسان جو ملڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. جنرل مشرف جي دور ۾ به دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ اسان آمريڪي مفادن جي جنگ وڙهي. پاڪستان آمريڪا جو غير نيٽو اتحادي هو. ان دور ۾ به اسان جو ملڪ دهشتگرديءَ جو ميدان بڻيل رهيو. ايترو نقصان آمريڪا ۽ ان جي نيٽو اتحادين جو نه ٿيو، جيترو نقصان پاڪستان جو ٿيو. خودڪش حملن ۽ هر قسم جي دهشتگرديءَ ۾ نه صرف سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿيا پر وڏي تعداد ۾ عام ماڻهو پڻ انهن حملن ۾ شهيد ٿيندا رهيا. انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿيو. مطلب ته ٻن آمرن جي دور ۾ دهشتگرديءَ ۽ دهشتگردن کي هن ملڪ ۾ راهداري ملي ۽ مقدس جنگ جي نالي ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو. غلط رياستي پاليسين جي نتيجي ۾ “سٺا کٿابي” ۽ “خراب کٿابي” وارا اصطلاح تخليق ٿيا. رهيل ڪسر عمران خان جي حڪومت ۾ پوري ٿي وئي. آمريڪا جو افغانستان مان نڪرڻ ۽ “کٿابين” جي قبضي کانپوءِ افغانستان جي جيلن مان اهي “کٿابي” آزاد ڪيا ويا، جيڪي پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث هئا ۽ پاڪستان کي گهربل هئا. ٻئي طرف پاڪستان ۾ جيلن مان “کٿابين” کي آزاد ڪيو ويو. افغانستان جي جيلن مان پاڪستان کي گهربل “کٿابين” جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ “راشه راشه” جي رٽ لڳائي انهن کي پاڪستان ۾ راهداري ڏني وئي ۽ قبائلي علائقن ۾ “کٿابين” گڏجي مقامي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، پنهنجا قانون رائج ڪيائون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ۽ سزائون ڏيڻ شروع ڪيائون. اتي جي مقامي ماڻهن جي مهينن تائين احتجاج باوجود به رياست انهن جي واهر نه ڪئي. جڏهن احتجاج تمام گهڻا وڌيا ۽ عالمي ميڊيا تي خبرون رپورٽ ٿيڻ لڳيون ته پوءِ حڪومت آپريشن جي سرگرمي شروع ڪئي. اهي دهشتگرد، جيڪي ان وقت جبلن تي چڙهي ويا هئا، هاڻي جبلن تي برفباري کانپوءِ اتان لهي انهن دهشتگرد ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

هاڻي جڏهن عام چونڊون ٻن مهينن کان به گهٽ مفاصلي تي آهن، ان وقت دهشتگرديءَ جو زور وٺڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. وس وارن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ صرف هٿيارن سان کٽي نٿي سگهجي پر ان جي لاءِ عوامي ساٿ ۽ سهڪار به ضروري هوندو آهي. ان ڪري دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن دير جي گهڻ رخو ۽ سخت آپريشن شروع ڪيو وڃي. انهن جون نرسريون ختم ڪيون وڃن، ڇو ته نرسرين کي ختم ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرديءَ جو خاتمو ممڪن نه آهي. پاڙيسري ملڪ افغانستان کي به ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪيترن ئي واقعن ۾ پاڪستان خلاف افغان سر زمين جي استعمال جون شاهديون ملي چڪيون آهن. جيڪي راڪاس غلط رياستي پاليسين ذريعي پاليا، مچائي مواڙ ڪيا ويا، اهي هاڻ اسان کي ئي کائي رهيا آهن. ان ڪري رڳو ڪيستائين دهشتگرديءَ جي چيلهه چٻي ڪرڻ واري خوشخبريءَ تي باغ ۽ بهار ٿيندا رهنداسين؟ ملڪ جي پاليسي سازن کي خبر به آهي ته هي ملڪ عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي، ان ڪري اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي پڻ نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي سر زمين ٻين عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بنائڻ کان پرهيز ڪرڻي پوندي. نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو.