هڪ چٺي ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ڏانهن!
گھوٽڪي ضلعي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪيميڪل واري کير جو هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. گهوٽڪي ضلعي ۾ هوٽلن تي هلندڙ چانھ ۾ جيڪو کير استعمال ڪيو وڃي ٿو اهو ڪيميڪل وارو کير آهي، جنهن خلاف اسان پاران تحريڪ جاري آهي، ڪيميڪل وارو کير جي اسعتمال جي ڪري هتان جا ماڻهو هيپاٽائيٽس سي، بي سي گردن ۽ ٻين بيمارين وٺجي ويا آهن، هتان جي دڪانن تي به اهو ئي ڪيميڪل وارو کير سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، گھوٽڪي جي شهرين پاران سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون ۽ هائيڊ پارڪ ۾ خط هلائڻ باوجود گهوٽڪي انتظاميا هن وقت تائين بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهڙو ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪرڻ سبب پوڙها، نوجوان ۽ معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جن ماڻهن وٽ پنهنجو مال ناهي انهن جي معصوم ٻارڙن ۾ ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪرڻ سبب مختلف بيماريون پيدا ٿي ويون آهن. اسان پاران هلايل مهم دوران اسان جون دانهون مسلسل سوشل ميڊيا سيمت اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ۾ ميڊيا ۾ هلي رهيون آهن پر وس وارا ڄڻ ته ٻوڙا، انڌا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن، ڪيميڪل وارو زهريلو کير واپرائڻ سبب هتان جا ماڻهو بيمارين سميت معاشي بدحال پڻ ٿي رهيا آهن، جيڪو کير صحت بجاءِ انسانن لاءَ زهريلو ثابت ٿي رهيو آهي پر گھوٽڪيءَ واسين جي ڪير به دانهن ورنائڻ وارو نه آهي. اسان جي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدارن کي گذارش آهي ته گھوٽڪيءَ ۾ ڪيميڪل واري کير جي وڪري تي پابندي لڳائي اهڙو زهر وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
فرمان علي لغاري /گهوٽڪي 
هو پري هجڻ باوجود قريب تر آهي!
هو مون کان پري هجڻ باوجود قريب تر لڳندو آهي، منهنجي دل ترائي تي چنڊ جيان اڀرندڙ شخص، پپن جهڙا پيار سندس زندگي جو خوبصورت حصو رهيا آهن. الائي ڇو آخر اڄ وقت اسان کي ڌڪاري وڃي سنڌوءَ جي ڪنارن تي ڦٽندڙ ساون سلن جيان بيهاري ڇڏيائين. سڀ وقتي تقاضائون ٿي سگهن ٿيون، يا ته وري منهنجون ئي غلطيون چئبيون. محبتن جي جڙيل دنيا ايئن جلدي ڇو بي سبب نفرتن ۾ تبديل ٿي وئي؟ هڪ ٻئي سان ملاقات کان سواءِ زندگي اڌوري ٿي لڳي! انساني مجبوريون ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري مصروف رهي سگهجي ٿو؟ هلو جيڪو وقت سيکاريندو آهي، سو شايد اهو ڪو ماڻهو يا ڪو مفڪر نٿو سيکاري سگهي. ايترو جلدي دل جي دنيا مان موڪلائڻ، مون لاءِ عذاب جي گهڙي ٿي گذري. زندگي جي ٻيڙي هلندڙ آ، شايد ڪٿي آئون به سنڌوءَ جي وهڪري ۾ موئن جي دڙي جيان زندگي جي جنگ هارائي نه وڃا، سڀ ميارون مٽي جي ماڻهوءَ کي فقط عارضي زندگي جا ڏينهن گهاريندڙ مٽي جو ماڻهو!
مٺن ٿري/ننگرپارڪر
مخالف ڌر اتحاد پي ڊي ايم وري متحرڪ!
ملڪ ۾ سياسي گھماگھمي ۾ واڌ ٿيندي نظر پئي اچي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پارليامينٽ اندر ڇا وھيو واپريو اھو سڀ ڪجهه پاڻ ڏٺو پر ھاڻ وري حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم پڻ پنهنجي ھئڻ جو احساس ڏياري پيو. تازو پي ڊي ايم قيادت پاران ملڪ جي مختلف شھرن ۾ جلسا ڪري حڪومت تي دٻاءُ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سلسلي ۾ 4 جولاءِ تي سوات ۽ 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو پر پھرين واري پي ڊي ايم ۽ موجوده پي ڊي ايم ۾ فرق آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان پھرين ان مخالف ڌر جي اتحاد کان حڪومت به خوفزدھ ھئي، شايد اھو ان ڪري ته مخالف ڌر ۾ ويٺل سموريون پارٽيون تقريبن ان اتحاد ۾ شامل ھيون پر ھن وقت صورتحال ايئن ناهي، ڪجهه وقت کان پ پ پ ۽ اي اين پي، پي ڊي ايم جو حصو ناھن ۽ ٻيو ته ڪيترن ئي معامرن ۾ مخالف ڌر پنهنجا پير پوئتي ڪيا آهن، پوءِ اھو قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جو معامرو ھجي يا ڪو ٻيو معامرو، ظاهري طور ته مخالف ڌر تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پھرئين ڏينهن کان وٺي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي پر جڏهن عمران خان چونڊن سڌارن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اتي به مخالف ڌر ۽ حڪومت ھڪ صفحي تي ناھن، ان سان گڏ انهن چونڊ سڌارن تي ته اليڪشن ڪميشن پڻ اعتراض واريا آهن، ٻيو ته پي ڊي ايم اندر پھرين ن ليگ جي نمائندگي مريم نواز ڪري رھي ھئي ۽ ھاڻ شھباز شريف ميدانِ عمل ۾ اچي ويو آھي، تنھن ڪري مريم نواز ۽ شھباز شريف جي بيانئي ۾ فرق جي پرک پڻ پي ڊي ايم جي ايندڙ جلسن ۾ چڱي ريت ڪري سگھبي.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ
اسان جا ٿا ٻارڙا پڌري پٽ پڙهن!
سائين اوهان اسان جا ۽ اسين اوهان جا، پوءِ به اسين ڇو رهياسين اڌورا، سائين تازو ئي توهان جي پوسٽ فيس بڪ تي ڄڻ ڪڪرن وانگر ڇائنجي وئي هئي، هر طرف وٺ وٺان لڳي پئي هئي ۽ انهن پوسٽن ۾ توهان جو اسيمبليءَ مان منظور ڪرايل بجيٽ جي چارٽ جو ذڪر هو ۽ جڏهن منهنجي اکين اڳيان اهي سموريون پوسٽون گذريون ۽ ان وقت منهنجي اکين کي راحت ملي هئي ته واهه واهه ٿي وئي. سائين جن پنهنجي تڪ لاءِ بهترين خوش خبري آندي آهي پر وري غمگين ٿي ويس ته سائين اسان لاءِ ته ڪجه به نه ڪيو اٿوَ، اسان جي برادري سميت سموري صحافي برادري خاص ڪري ٽائيم نيوز  تعلقي سنڌڙي جي رپوٽر اسد شر جي اسان جي اسڪول بابت هڪ خبر نشر ٿي، جنهن تي احساس مندن ته گهڻو افسوس ڪيو هو ته امير سنڌ جي ڳوٺ غلام محمد شر واسي معصوم ٻارڙا پڌري پٽ پيا پڙهن ۽ منهجي دل کي اها اميد هئي ته اسان جي اسڪول لاءِ سائين جن ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو! ضرور تڪ جي خبر سندن اکين اڳيان گذري ته ضرور هوندي ۽ اهو اسڪول به سائين جي تڪ ۾ اچي ٿو ۽ ان غلام محمد شر واسي به پ پ پ جا پڪا جيالا آهن ۽ پوءِ به ان اسڪول جي ڪا واهر نه ٿي سگهي، ڪنهن سار نه لڌي. انهي لاءِ مان لاڳاپيل سمورن ڌرين ۽ تڪ جي ايم پي اي جناب سيد ذوالفقار علي شاهه کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري اسان کي اسڪول جي عمارت ڏني وڃي ته ڳوٺ غلام محمد شر واسي سائين جن جا سموري زندگي شڪر گذار رهنداسين.
محرم علي شر/هنڱورنو
هڪڙي چٽي تڪ جي نمائندن ڏانهن!‎‎
سڀ کان پهرين ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي صاحب جون ڌيان ڇڪائجي ته سائين جن اسين ڪاڇي واسي توهان کي ڀليڪار ڪيو ٿا، ڪاڇي واسي رفيق احمد جمالي صاحب کان مطالبو ڪن ٿا ته واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي، ڪاڇي جي ڳوٺن، شهرن کي گئس جي سهولت مهيا ڪئي وڃي، ڪاڇي کي گرلس ڪاليج ڏنو وڃي، ڪاڇي کي گرلس اسڪول ڏنو وڃي، ڪاڇي جا روڊ رستا تعمير ڪرايا وڃن. واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي ڀرسان گئس فيلڊ موجود آهي، پوءِ ڪاڇي جو شهر واهي پانڌي ۽ ڳوٺ پريو جمالي گئس جهڙي نعمت کان محروم آهن. واهي پانڌي ۾ بجلي جي ڊگھي ترين لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرايو وڃي، واهي پانڌي جي انسانن لاءِ ڪا به بنيادي سهولت ناهي، مسافر خانو ناهي، نوجوانن لاءِ ڪو راندين جو گرائونڊ ناهي، پارڪ ناهن، واهي پانڌي شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ڳوٺ بازمال جي ناڪارا بڻيل واٽر سپلاءِ اسڪيم!
تعلقي جوھي ضلعي دادو، يوسي ڊرگھ بالا جو ڳوٺ بازمال کوسو جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڪافي وقت کان ناڪاره بڻيل آهي، عوام کي سھولتون ڏيڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر هتان جا رهواسين کي پئيڻ جي پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ به تڙپايو ويو آهي. ڳوٺ بازمال کوسي ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل ناڪاره بڻيل آهي، رھواسي سڄو ڏينهن پاڻي لاءِ پريشان رهن ٿا، ھڪ ته قھر جي گرمي آهي ٻيو پاڻي جو نه ھجڻ جي ڪري زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، ڳوٺ ۾ لڳل نلڪا خراب ھجڻ جي ڪري عوام سورن ۾ آهي. آخر ڳوٺ جي مسڪين ۽ غريب عوام ڪنهن جي در تي دانھن ڏئي؟ واٽر سپلاءِ اسڪيم نه ھجڻ ڪري ڳوٺ جا ماڻهو اوھان کي ھر وقت پاڻي جي ڳولا ۾ مصروف نظر ايندا، هٿ وارا نلڪا آهن، اھي پڻ خراب ٿين ٿا انهن جا پائيپ تمام گهڻو خرچ کائين ٿا، اسان جا ٻچڙا سڄو ڏينهن ڊمڙي ھٿ ۾ کڻي پاڻي جي ڳولا ۾ ھوندا آھن، خدارا پبلڪ هيلٿ وارن کي گذارش آھي ته ڳوٺ بازمال ڪي خراب پيل واٽر سپلاءِ اسڪيم جي مرمت ڪري ڳوٺ واسين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي جيئن ھن قھر جي گرمي ۾ عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.
وحيد کوسو/ بازمان کوسو، جوهي
هڪ ڪلوميٽر روڊ جو سوال!
ڊويزن جي شهر ميرپورخاص ۾ کپرو ناڪي کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ بابو شاھ هن جديد دور ۾ به مڙني انساني بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. هتي جا رهواسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٽٽل روڊ کي منهن ڏئي رهيا آهن، 12 سال گذرڻ باوجود هڪ ڪلوميٽر روڊ جي مرمت ناهي ٿي سگهي، روڊ هنڌان هنڌان ٽٽڻ جي ڪري هتي حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن. هي روڊ ڪافي ڳوٺن کي شهر سان ڳنڍي ٿو. مالهي ڪالوني، سيڊ فارم، ڳوٺ موڏو مالهي، ڳوٺ رسول بخش دل، ڳوٺ منٺار مري، ديھ سئو ڏيھ کان وٺي سئو سترهين، سئو ٻارهين تائين جا رهواسي هي روڊ استعمال ڪن ٿا، اسان جي سنڌ حڪومت، اعليٰ اختيارين ۽ وسوارن کي گذارش آهي ته هڪ ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪرائي ڳوٺن جي رهواسين جي زندگي بچائي وڃي.
امتياز علي ڪنڀر/بابو شاهه ميرپورخاص 
نشي ۾ جڪڙِيل نوجوان نسل!
دنيا ۾ نوجوان قوم جو سرمايو ھوندا آھن پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جا نوجوان نشي جي لت ۾ وڪوڙيل آهن، ان جا ڪارڻ وقت سر حڪومت پاران انتظام نه ڪرڻ آهي، هن جا اثر اسان جي نوجوان تي سڌي ريت پون ٿا. مثال طور نوجوان چوري ڪرڻ يا نشي پتي تي لٿل آهن، نوجوان بيروزگاريءَ سبب هر وقت هڪڙي جنگ وڙهي رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ننڍي پئماني تي  ٽيڪنيڪل پروگرامز، سکيا جا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي نوجوان نسل جي تربيت ڪن. ٻيو وري حڪومت کي ايڊ فري سينٽر هر ضلعي کولڻ کپن، جڏهن ڪو نشي ڦاٿل آهي ته ان کي پاڪ ڪري نسل برباد ٿيڻ کان پچايو وڃي. اڳتي هلي قوم جي سرمايو حيات بڻايو وڃي ته جيئن هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن ۽ اگتي ھلي ڊاڪٽر، انجنئير، پروفيسر، استاد ۽ سٺا سائنسدان ٿي سگهن. جڏھن اھو شعور اچي وڃي ٿو، ان کان پوءِ پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترو شعور اچي وڃي ٿو. انهن ڪاميان نوجوانن کي ڏسي ٻيا نوجوان به پڙهڻ لاءِ گڏ ٿيندا ۽ تعليم ۾ سنڌارو ايندو پوءِ  اگتي ھلي هي ملڪ ترقي جي راھ اختيار ڪندو. ڪجھ نوجوان پنهنجي پڙهائيءَ سان گڏ پنھنجي گھر جي سار سنڀال به ڪندا جيڪڏهن اھي نوجوان نشي ۾ ھوندا ته گھر ڪيئن ھلائيندا؟ نشي جي حالت ۾ مائٽن کي ڏک ڏيندا. ان جي ڪري اسين سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته جيڪي به نشي جا گڙھ آهن انهن کي بند ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان نسل جو مستقبل بچي سگھي ۽ هو پنھنجي ۽ پنهنجن مائٽن جي زندگي سٺي گذاري سگھن.
علي شيبا شڪيل/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
راشد لاشاري جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي!‎‎
سيوھڻ کان اتر طرف سنڌ جو مشھور ڳوٺ وڏيون مناھيون ڪنھن تعارف جو محتاج ناھي، جڏھن ڪو شخص ھن شھر سان پنهنجو تعلق ظاھر ڪندو آھي ته سرڪاري ڪامورن جو اڌ ساھ نڪري ويندو آھي پر اوچتو سيوھڻ پوليس کي ڪھڙو ۽ ڪٿان کان ”الھام“ ٿيو جو ايترو بيخوف ٿي ھڪ درويش صفت سموسا وڪرو ڪري پيٽ پاليندڙ راشد لاشاري کي سيوھڻ اسپتال مان کنڀي تشدد ڪري ۽ سندس ئي ڳوٺ ۾ سرڪس ڪرائي رھي ھئي، ان وقت مظلوم جي بيوسي ته پري جي ڳالھ آهي پر شھر جي معززن جي بيوسي پڻ ڏسڻ وٽان ھئي، بنا ڪنھن جاچ پڙتال جي حد جي ٿاڻي تان ويريفڪيشن جي شق جي بنياد تي  گرفتار ڪري ڳوٺ جي گھٽين ۾ گشت ڪرائڻ پويان سيوھڻ پوليس ڪھڙو مقصد حاصل ڪرڻ پي چاھيو اھا ھڪ ڳجھارت بڻيل آھي. اھا الڳ ڳالھ آھي پر راشد جي خون سان انصاف ٿيڻ جا سوين سوال اڀري رھيا آھن، آخر اھو ڪير آھي جيڪو سيوھڻ پوليس جي ھٿان ايڏي دھشت ڦھلائي رھيو آھي جو پوليس موبائل تي نظر پوڻ سان سئو صلواتون پڙھڻيون ٿيون پون. آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش آھي ته راشد لاشاري جي قتل جي فوري چاج ڪرائي حقيقتون معلوم ڪيون وڃن ۽ سندس قاتلن کي انجام تائين پھچايو وڃي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
رتيديري ۾ پائوڊر واري کير جي وڪري جو نوٽيس وٺو!
رتوديرو ۾ ھر ھنڌ پائوڊر وارو کير وڪرو ٿي رھيو آھي، جيڪو صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آھي، ان ڪري معصوم ٻارن توڙي پوڙھن، وڏن ۽ نوجوانن کي پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي اگهور ننڍ ستل آھي، ان کان سواءِ ھوٽلن تي به چانھ ۾ ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪيو پيو وڃي، جنھن ڪري اسان جي نوجوانن توڙي پوڙھن کي به مختلف قسم جون بيماريون ٿي رھيون آھن. ھتي ڪيترو ته ظلم آھي، بجلي جو ته ھر وقت آزار آھي پر ھتي انسانن کي سچو کير به نصيب ۾ نه آھي، سچي کير ۾ وري پاڻي جي ملاوٽ ڪئي ويندي آھي، ان جو خير آ پر خدارا ماڻهن کي زھر ته نه ڏيو، دنيا جي دولت جي چڪر ۾ ماڻھن جون حياتيون ٿا کسيو. رتوديرو انتظاميا کي گهرجي ته جيڪي زھر وارو کير وڪرو ڪري رھيا آھن انھن خلاف سخت ڪارروائي ڪري معصوم ٻارن ۽ شهرين جون زندگيون بچايون وڃن۔
ثقلين حيدر/ رتوديرو
خيرپور ۾ هلندڙ جعلي اڪيڊمين خلاف قدم کڻو!
خيرپور ميرس ۾شاگردن کي ڪوڙيون اڪيڊميز کولي شاگردن کي بليڪ ميل پيو ڪيو وڃي، ڪيترن ئي سالن کان سر عدنان شاھ ۽ ان جو ڀاءُ سر نعيم شاھ پاڪ چئنا ۾ سي آءِ ٽي ۽ ڊي آي ٽي جي نالي تي ڪيترن ئي شاگردن کان پئسا ورتا آهن، 2018،2019 ع کان شاگرد پڙهن ٿا پر اڃا تائين کين نه ڊگري ملي آهي ۽ نه سائين وارا رابطو ٿا ڪن، هن اداري ۾ پڙهندڙ مڙني شاگردن جي فيس به ڪليئر آهي، پوءِ به هنن کي نه ڊگريون ڏنيون پيون وڃن نه ئي اسان کي پنھنجي فيس ۽ ڊگري جا پئسا واپس ڏنا وڃن ٿا وڃن، اسان سنڌ حڪومت، وڏي وزير، تعليم جي وزير ۽ اعليٰ عھديدارن کي عرض ٿا ڪريون ته اھڙن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن ڪيترن ئي شاگردن جو وقت ۽ مستقبل داءَ تي لڳڻ کان بچي پوي.
ساجد علي/خيرپورميرس
ڪلوئي جي مختيارڪار ۽
تپيدارن خلاف ڪارروائي ڪيو!
ڪلوئي جي ڳوٺ ڪمهالو هالا جي رهواسين هاشم هالو ۽ ربنواز هالو نيب اينٽي ڪرپشن کي درخواست ڏني آهي ته ڪلوئي جي مختيارڪار سجاد انصاري تپيدارن ڀمرو سنگھ ۽ ويرجي مل گڏجي ڪلوئي تعلقي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهيم هنن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 6 يوسين ڪلوئي، ڏيپلو جي چارچ مختيارڪار ڪلوئي وٽ هئي، جنهن ڪنهن به يوسي ۾ ٽڪي جو ترقياتي ڪم نه ڪرايو، ڪوڙن وائوچرن جي ذريعي هن ست ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ڪڍرائي آهي، اهڙي ريت هن ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري ڪمن جي ڏس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. گڏوگڏ ڪلوئي جي تپيدارن ڀمرو سنگھ ۽ ويرجي مل ماڻهن کان زمين جا کاتا بدلي توڙي سيل ليٽر جي ڏس ۾ پڻ تمام وڏي ڪرپشن ڪئي آهي، اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اهڙن ڪرپٽ ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪري کين نيب يا اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎
سنڌ حڪومت پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪري ڏيکاريندي!
سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ به پيش ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي بجيٽ قابل تعريف آهي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ضلعن اندر اولڊ ايج هومس جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي، بيروزگارن کي سولين قسطن تي قرضن جي فراهمي واري اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي. لکن جي تعداد ۾ تعليم کان محروم ٻارن لاءِ فارمل ايجوڪيشن پروگرام ڏنو ويو آهي، COVID-19 جي متاثرن لاءِ پروگرام ۽ ڪجھ ٻيا پروگرام رکيا ويا آهن، تنهن کان سواءِ سنڌ حڪومت بيروزگارن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هڪ کان چار گريڊ تائين جون نوڪريون ڪڍي انهن تي ڀرتين ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، 30 هزار ماسترن جي جايون ڀرڻ لاءِ ساک واري اداري کان ٽيسٽ ڪرائي بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ ۽ پڻ ٻين کاتن ۾ ڀرتين جو ڪم سنڌ حڪومت کي ڪرڻو آهي. اها حقيقت آهي ته پيپلزپارٽي جي سرڪار ۾ اچڻ کان پوءِ وڌ ۾ وڌ بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ٻين پارٽين کان هميشه اڳ ڀري نظر ايندي آهي ۽ نوڪريون خاص ڪري وڌ ۾ وڌ بيروزگارن کي پيپلزپارٽي سرڪار ڏيندي آهي. هن وقت سنڌ حڪومت مان اها اميد ٿي ڪجي ته حڪومت پنهنجي انهن ڳالهين تي بهتر نموني عمل ڪندي ۽ سنڌي عوام ۽ ووٽرن سان ڪيل واعدا پورا ڪري ڏيکاريندي، جن ڳالهين جي ڪري ايندڙ حڪومت به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي يقينن هوندي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
وزير حسن “آس” جي نانءُ!
(حصو پهريون)
10 هزار ماڻهن خلاف اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو، يعني سنڌ جي ڪنهن به شهر مان ڪنهن کي به ڪنهن به وقت کنڀي گم ڪري سگھجي ٿو، يعني بحريا ٽائون ٻاهران ڪيل احتجاج ۾ جوابدار سنڌ کي بڻايو ويو آهي. آئون جيل جي لائبريري ۾ سنڌ جي هر هڪ فرد، وڻ ٽِڻ، پکي پکڻ، جيت جڻئي ۽ جانور لاءِ پريشان ويٺو هئس ته هڪ منشيءَ ملاقات جي پرچي کڻي آيو. ملاقات روم ۾ پنهنجي ملاقاتيءَ کي ڏاڍو ڳوليو پر شيشي جي هُن پار سواءِ سپاهي سخي جي هر هڪ چهرو مون لاءِ اجنبي هو. آخرڪار سپاهيءَ جي مدد سان مون کي منهنجو ملاقاتي ملي ويو جيڪو 18 ورهين جو نوجوان هو، هُن مون کي ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ مان خاص مون سان ملڻ آيو آهي، ڇو جو هو منهنجا خيال ”جيل جي ڊائريءَ جا ورق“ پنهنجي اخبار ۾ پڙهندو رهندو آهي. وزيرا حسن ”آس“ ميٽرڪ جو شاگرد آهي ۽ هو ڪراچيءَ ۾ بيلداري به ڪندو آهي ۽ منهنجو چاهيندڙ به آهي. هن وٽ ”پنهنجي اخبار“ جي سپر پليٽ فارم تي ڇپيل منهنجي ڊائريءَ جو سمورو رڪارڊ موجود هو. وزير حسين ”آس“ ڪجهه سوچي چوڻ لڳو ته سائين آئون به بلڪل توهان جھڙو آهيان پر توهان ديوارن سان به ڳالهائيندا آهيو ۽ آئون خاموش رهندو آهيان. هُن چيو ته آئون مزدوري به ڪراچيءَ ۾ ڪندو آهيان ۽ تعليم به اتي ئي پرائي رهيو آهيان پر اصل آئون کورواهه جي تعلقي گولاڙچي ضلعي بدين جو آهيان. آس مون لاءِ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ”زندگي سفر آهي“ به تحفي طور کڻي آيو. مون کي هن سان ملي ڏاڍي دلي خوشي ٿي. مون هن کي تعليم جي اهميت تي هڪ ننڍو ليڪچر به ڏنو جيڪو آئون هميشه پنهنجي ننڍن کي ڏيندو آهيان.(جاري)
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد