جوڊو ڪراٽي جي ماسٽر هڪ وزير چوي ٿي ته الحمدالله اهو سال جو پهريون ريل حادثو آهي: خواجه سعد رفيق

0
437

اسلام آبا: قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هڪ وزير آهي جيڪا جوڊو ڪراٽي جي ماسٽر آهي، هوءَ چوي ٿي ته الحمد الله اهو سال جو پهريون ريل حادثو آهي. هڪ وزير صاحب آهي جيڪو ميز تي بيهي اهي ساڳيا ئي بجيٽ ڪتاب اپوزيشن کي هڻي رهيو هو جيڪو بجيٽ هنن پاڻ پيش ڪيو. هڪ وزير صاحب ڪڏهن چڱو ڀلو ماڻهو، هاڻي سائسندان بڻجي ويو آهي. هن چيو ته وزير اعظم جي خلاف ڳالهائڻ سان ڊپ ٿئي ٿو، هو جيل موڪلي ڇڏيندو آهي. معاشي عدم استحڪام تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن هڪ مقبول ليڊر کي تسليم نه ڪيو وڃي، نئين پاڪستان جي نالي تي وڏيون دعوائون ڪيون ويون، گورنر هائوسز کي يونيورسٽيون ٺاهڻو هو ۽ وزيراعظم کي ٻن ملازمن سان گڏ اچڻو هو، پر ٿيو ڪجهه ڪونه.