جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو پهريون)

 

سڄي رات عجيب و غريب قسم جي جيتن جڻين رات جو ڪو ٽي چار ڀيرا ننڍ ڦٽائي ڇڏي، اهي جيت برسات جي ڪري وارڊ ۾ وڌي ويا آهن، ڏيڏرن به سڄي رات پنهنجا سُر سنگيت پي ٻڌايا. صبح جو ڏاهاڻي کيرڻيءَ جو وڏو وٽو بورچي خاني مان ڀري کڻي آيو. اها کيرڻي جشن آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ جيل وارن تيار ڪرائي آهي. منهنجي دل ۾ باغياڻا خيال اچي رهيا هئا. جيل ۾ سنڌي ۽ ٻروچ قيدين کي اوتري ڇوٽ ۽ آزادي ناهي جيتري پنجابي، مهاجرن ۽ پٺاڻ قيدين کي ڇوٽ مليل آهي. هو جيل انتظاميه جا ٻانهه ٻيلي بڻيل آهن. اڄ جيل ۾ جشنِ آزاديءَ جو جشن پنجاپين، پٺاڻن ۽ مهاجرن قيدين لاءِ ئي آهي. ها باقي جيڪو ٻروچ ۽ سنڌي قيدي خرچ ڪندو، آفيسرن جي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون وٺي جي حضوري ڪندو، ان لاءِ جيل وارا به ان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن. اهي جي حضوريءَ وارا وڏيرا ۽ چڱا مڙس هر دور ۾ هن ملڪ ۾ رهيا آهن. خاص طور تي حڪومت سان گڏجي اهي انقلابين ۽ باغين کي بکيو ۽ فقير سمجھندا رهيا آهن ۽ پاڻ کي معزز ۽ معتبر سمجھندا آهن. اهي هر دور جا غلظ ۽ غدار آهن جن لاءِ هڪ هنڌ سائين آڪاش انصاريءَ چيو آهي ته:

قاتلن جي ڪلهن ۾، وڌئي اجرڪون،

او ويڪو وڏيرا! ٿُڪو ٿئي ٿُڪون،

ٽڪن لئه وڪيو تو، سنڌي ٽوپيون.

سچ اهو آ ته، سچ کي شرم ٿو اچي،

دلاليون دليري سان اهڙيون ٿيون،

ڏيهه واسيو ڏسو! ڏوهه ڪنهن کي ڏيون؟

ڪالهه ڌرتيءَ مٿي، رت جي رقص تي،

زخم، زنجير سان، نينهن جي نير سان،

جنم جيلن اندر، جيڪي ڇوورن ڇُريون،

عشق جون اجرڪون، ڪستيائين ڀلا،

ايئين ارزان ڪيون؟ جنين پنهنجي سينن،

سنگينون هنيون، اسان جي ننگن ڏي،

نگاهون کنيون، ڏسي تن سِرن تي،

سنڌي ٽوپيون، ۽ ٽوپين ۾ جڙيل،

چون ٿيون ٽڪون، او ويڪو وڏيرا!

ٿُڪون ٿئي ٿڪون.

اسان سنڌي ۽ ٻروچ قيدين کي وري تقسيم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيڪي غيرتمند قيدي جيل انتظاميه ۽ انهن جي دلالن تي ڌيان نٿا ڏين انهن جي ٻڏي ٽوڙڻ جي لاءِ طرحين طرحين جا حربا ۽ اٽڪلون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ نمازي پرهيزي ۽ بزرگ عملدارن کان سواءِ اسان جا ئي قيدي ڀائر ڪردار ادا ڪن ٿا، انهن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. ان کان سواءِ فسادي ماڻهوءَ لاءِ آخر ۾ به تمام گھڻو عذاب تيار آهي جن ۾ هو هميشه هميشه لاءِ رهندو.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد

 

خلا ۾ زندگي گذارڻ جو خواب ساڀيان ٿي سگهندو؟

 

(حصو ٻيون ۽ آخري)

 

ISS هڪ فٽبال اسٽيڊيم جيتري وسيع آهي، هن ۾ 6 بيڊرومز، باٿروم پڻ آهن، هن ۾ سسٽم هلائڻ لاءِ وڏو سولر پينل لڳل آهي، اهو سولر پلانٽ 120 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ٿو. هتي 50 ڪمپيوٽر پڻ لڳل آهن، جن وسيلي زمين تي سائنسدانن سان رابطو ۽ ڄاڻ موڪلي ۽ حاصل ڪبي آهي. ISS اسان جي زمين جي چوڌاري سال ۾ 16 چڪر لڳائي ٿو. جيڪو 27500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندو رهي ٿو. ISS جي خلابازن جو مقصد صرف تحقيق ڪرڻ آهي، هي خلائي اسٽيشن آمريڪا ۽ روس جي سهڪار سان ڪم ڪري ٿو. خلاباز دنيا مان آندل مختلف شين جا تجربا ڪندا آهن، ان کان سواءِ هو هاڻي مريخ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اتي رهائش کي ڪيئن ممڪن بڻائجي. هن خلائي اسٽيشن تي هڪ ئي وقت 6 خلاباز رهندا آهن جيڪي هڪ ڪيپسول وسيلي جڙيل آهن. هتي خلابازن لاءِ هر سهولت موجود آهي، خلاباز هتي پنهنجو وزن محسوس نٿا ڪن، اهي پاڻ کي ٿورو ڌڪڻ سان ٻئي هنڌ پهچي ويندا آهن، سڌو گفتگو ٻڌي نٿا سگهن، انهن کي مختلف کاڌا زمين تان موڪليا وڃن ٿا. خلا ۾ هو سست ٿي پون ٿا. ان ڪري انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 2 ڪلاڪ روزانون ورزش ڪرڻي پوي ٿي. هو اتي مختلف طريقن سان وهنجندا آهن جتي پاڻي ڄميل هوندو آهي، هو پاڻي جسم تي وجهي ٽوال سان اگهندا آهن. خلابازن کي ڪڏهن ضروري ڪم سبب اسٽيشن کان ٻاهرين وڃڻو پوي ٿو ته هو لازمي خلائي پوشاڪ پهرين ٿا، ڇاڪاڻ ته خلائي اسٽيشن ٻاهران سج جي روشني ۾ 250 ڊگري گرمي ۽ سج نه هئڻ جي صورت ۾ اوتري ئي ٿڌ هوندي آهي. جيڪڏهن هو پوشاڪ نه پائيندا ته سج جي روشني ۾ سڙي ويندا يا وري برف جيان ڄمي ويندا. سمهڻ لاءِ ڪئبن ٺهيل اٿن. جتي هو پاڻ کي بند ڪري آرام ڪن ٿا. خلابازن کي 6 يا 7 مهينن جو کاڌو پهچايو وڃي ٿو، هڪ ڪلو کاڌو پهچائڻ تي تقريبن 10 هزار ڊالر يعني 760000 هزار رپيا خرچ اچن ٿا. هنن جو کاڌو عام بورچي نه ٺاهيندا آهن پر خلائي اداري جا سائنسدان ٺاهيندا آهن. اهڙو کاڌو ٺاهيندا آهن جنهن ۾ وزن گهٽ هجي، ست مهينا اسٽور ڪري سگهجي ۽ ان ۾ کاڌي جا سڀ قيمتي جزا موجود هجن. هو کاڌي کي اهڙو بچائي پيڪ ڪندا آهن جو کاڌي جو 97 سيڪڙو پاڻي ختم ٿي وڃي ٿو، باقي کاڌو رهجي وڃي ٿو. خلابازن جو کاڌو هڪ پارسل ۾ سپلاءِ ماڊيول جي سگنل ۾ رکي ڇڏبو آهي، اهو ماڊيول 48 ڪلاڪ سفر ڪري کاڌو خلائي اسٽيشن تائين پهچي وڃي ٿو. خلاباز زمين تي رهڻ وارن جي ڀيٽ ۾ فقط هڪ سيڪڙو پاڻي پيئن ٿا، ساهه کڻڻ لاءِ هٿرادو آڪسيجن جو استعمال ڪن ٿا. هڪ ڏينهن ۾ هر ماڻهو 840 گرام آڪسيجن استعمال ڪري ٿو. هو آڪسيجن زمين تان نٿا کڻي وڃن پر اتي آڪسيجن ٺاهڻ جو نظام موجود آهي. هو سولر پينل کي پاڻي مان گذاري آڪسيجن ٺاهن ٿا.

 

آخوند نوراحمد ڏھوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

 

دهلارين جي بازيابي، پوليس جي ڪاميابي!

 

بدامني ايتري آهي جو ڌاڙيلن دهلارين کي به نه بخشو، کين اغوا ڪري مغوي بڻائي رکيو، جن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو. پنجاب جي ضلعي چنيوٽ جي دهلارين کي ڪچي جي ڌاڙيلن شادي ۾ ڳائڻ وڄائڻ لاءِ پروگرام طئي ڪري انهن کي شهري علائقي ۾ گهرايو. جتان بعد ۾ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کين ڪچي جي علائقي ۾ پهچايو، جتي پهچي اهي ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويا. جن کي ڌاڙيلن پاڻ وٽ مغوي بڻائي رکيو. 9 دهلاري مڱڻهارن جي اغوا جو اطلاع کان 23 ڏينهن بعد آخرڪار پوليس حرڪت ۾ اچي کين بازياب ڪرائي ورتو، جتي اهي قيد هئا. ڪچي جو اهو علائقو ڌاڙيلن لاءِ ڀنگ لاءِ اغوا جهڙن ڏوهن جو هنڌ بڻيل آهي. سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، جنهن لاءِ سکر، شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف ڪايروايون پڻ جاري آهن. هن وقت دُهلاري مڱڻهار جي بازيابي بابت ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته پوليس ان سلسلي ۾ ڪارروائي ڪري مهينو اڳ چنيوٽ جي 9 مڱڻهارن کي ڌاڙيلن جي هڪ گروپ ڪچي واري علائقي ۾ ڌوڪي سان وهانءُ جي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رحيم يارخان مان گهرايو جتي کين ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. مغوين کي زنجيرن ۾ ٻڌي ڇڏيائون ۽ وارثن کان وڏي رقم ڀنگ طور گهرڻ لڳا، جنهن سلسلي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪمانڊر ايس ايس پي تنوير تنيو طرفان ڀنگ لاءِ اغوا جهڙي ڪيسن ۾ تجربيڪار اهلڪارن جي ٽيم جوڙي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو. جنهن ۾ کيس ڪاميابي ملي. ايس ايس پي تنوير تنيو ان لحاظ کان هڪ ڪامياب ۽ تجربيڪار پوليس ڪمانڊر آفيسر آهي جيڪو تازو صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ماڻي چڪو آهي. مغوين جي بازيابي لاءِ وڏي ڪاميابي ملي آهي ۽ دهلاري بازياب ٿيا. هن وقت ايس ايس پي گهوٽڪي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

لعلورائنڪ ۾ “آئيس” جو نشو ڪير بند ڪرائيندو!

 

سموري ملڪ ۾ هيروئن، چرس، آفيم، شراب، ڀنگ، ڪوڪين، نشي آور گوريو ۽ انجيڪشنن سميت مختلف نشن جي استعمال سبب ڪيترن ئي مرد توڙي عورتن جو موت ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترا ئي ماڻهو اهڙن نشي جي عادتن ۾ ورتل آهن، بهرحال جيئن جيئن دنيا ترقيءَ طرف وڃي ٿي تيئن تيئن منشيات نشي ۾ به هڪ نِت نيون شيون اچي رهيون آهن. اهڙو ئي هڪ نئون نشو جنهن کي منشيات جي دنيا ۾ “آئيس” جو نشو چيو وڃي ٿو، جنهن کي ڪجھ سال ئي اڳ مارڪيٽ ۾ متعارف ڪيو ويو آهي. موجوده دور ۾ هي نشو انتهائي تيزيءَ ساڻ نوجوانن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي رپورٽن موجب هن نشي ۾ نوجوان ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون پڻ تيزيءَ سان هن جون عادي ٿي رهيون آهن، هڪ اندازي موجب يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ تعليم پرائيندڙ نوجوان شاگرد ۽ سٺين گهرن سان واسطو رکندڙ نوجوان هن طرف مائل ٿي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته “آئيس” ميٿ ايمفٽامين نالي هڪ ڪيميڪل مان ٺهندو آهي، جنهن کي ٻين نالن جهڙوڪ ميٿ، گلاس ۽ ڪِرسٽل ميٿ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، هي کنڊ ۽ لوڻ جي داڻن جيان اڇي رنگ ۾ ڪرسٽل پائوندر جي شڪل جيان ٿيندو آهي، هن کي سنهڙي شيشي مٿان رکي هيٺيان باھ ڏئي گرم ڪيو ويندو آهي، ماهرين موجب ان جو سولو استعمال بلب جي شيشي ۾ ٿيندو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي عام نشن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن حد تائين هڪ نئون نشو آهي، ظاهري ڏسڻ سان لڳندو به نه ته هي ڪا منشيات آهي، ذريعن موجب هن جي وڪري ۾ ڏوهاري ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ ڌريون شامل آهن، لعلو رائنڪ ۾ هڪ اندازي موجب ٽي سئو کان مٿي نوجوان هن جا عادي بڻجي چڪا آهن، گذريل 12 ڏينهن کان آئيس جي سرعام وڪري خلاف لعلورائنڪ جا شعور وند شهري، صحافي توڙي سياسي سماجي ماڻهو احتجاج سان گڏ علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهن پر ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ڪنهن به پوليس عملدار جي ڪن مٿان جُونءَ به نٿي سُري، ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي اهڙي اهم مسئلي جي احتجاج تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. لعلورائنڪ پوليس پنهجي جند آجي ڪندي ٻه هڪڙا چرس پيئندڙ موالي اندر ڪري مٿن ٻه سئو گرام چرس جو ڪيس داخل ڪري پاڻ کي ايس ايس پي آڏو سرخرو ڪري ڇڏيو آهي. لعلورائنڪ سميت ضلعي جو سمورو عوام چاهي ٿو ته آئيس جو ڪاروبار مڪمل طور تي بند ٿيڻ گهرجي پر اهو اهڙو ڪڌو ڪاروبار جيڪو اسان جي نوجوانن جو مستقبل ۽ حياتيون ڳڙڪائي ٿو اهو بند ڪير ڪرائيندو؟ هي هڪ وڏو سوال ۽ چئلينج پڻ آهي. اچو ته سڀ گڏ ٿيون ۽ هڪ آواز ٿيون ۽ انتظاميه کي ان جو فرض ياد ڏياريون جيئن ان آئيس نشي جو مڪمل طور خاتمو ٿي سگهي.

 

علي عباس جمالي/لعلورائنڪ

 

ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ بدامني جي باھ!

 

ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعي ۾ جيڪا بدامني وڌي رهي آھي، تنهن رڪارڊ قائم ڪري ورتو آھي. جنهن وقت به سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا تي نظر ڦيرائجي ٿو ته اغوائن، ڦرن جون خبرون ئي پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون، جيئن زندگي ۾ ھر شعبي سان لاڳاپيل خبرون ملن ٿيون، تيئن ماڻھن جي چرپر جون ڳالهيون به سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ گونجن ٿيون ته فلاڻو ماڻھو اغوا ٿي ويو، فلاڻو اڃا ڌاڙيلن جي ڄار ۾ آھي. ڳالھ رڳو ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعي جي به ناهي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن مان اھڙا ڪيترائي خبرون رپورٽ ٿين ٿيون، گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعو اهڙي ته ماحول کي جنم ڏئي پيو جتي قانون نالي ڪا به شيءِ موجود ناهي، هتي امير طبقو سڪون ۾ ۽ غريب جي جان مال، عزت ۽ آبرو جو ڪو محافظ ناهي. عوام پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي ته خاص به محفوظ ناهن جي ها! پوليس عملو به محفوظ ناهي قانون جي بالادستي نالي ماتر رهجي وئي آھي. شڪارپور ضلعي جي خانپور انڊس هاءِ وي تان هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ سکر کان ڪنڌڪوٽ لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس کي روڪي لاشاري برادري جي ماڻھن کي هٿياربندن يرغمال بڻائي روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪري سولائيءَ سان فرار ٿي ويا. اهڙي ڪريل حرڪت کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي مرده به محفوظ نه رهندا، هڪ ٻي ڳالھ به اهم آھي ته هن قسم جي واقعن تي سڀني ماڻھن کي سخت صدمي مان گذرڻو پوي ٿو ته حيرت آھي جڏھن قانون جا محافظ ئي بيوس نظر اچن ٿا ته اتان جا غريب ماڻھو ڇا ڪري سگهن ٿا. ڊسٽرڪٽ شڪارپور ۽ ڪشمور جي انڊس هائي وي تان هر روز ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڦريو ۽ اغوا ڪيو وڃي ٿو، انتظاميا اڃا تائين ڪجھ به نه ڪري سگهي آھي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته جن علائقن ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آھي، انهن علائقن ۾ ان کي وسائڻ لاءِ ڪي قدم کڻي ته جيئن سڪون قائم ٿي سگهي.

 

بجار/جعفري ڪرمپور

 

قومي ڪارڪن ۽ قومپرستي

 

جديد سائنسي دور ۾ قومپرستي جا به نوان رخ ڏسڻ وٽان ملن ٿا. سائين جي ايم سيد جي زماني جي جيڪر ڳالھ ڪجي ته سندس بيان تاريخ جي ورڪن ۾ اڄ به لکيل آهي ته “اسين مائي بينظير سان بغض ڪري ڄام ساقي جي حمايت ڪئي پر ڦاسي وياسين.” دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ اسٽيٽ قومپرستي جي سياست ڪن پيا پر سنڌ ۾ قومپرستي ھڪ عقيدي پرستي بڻجي چڪي آهي. سنڌ ۾ دنيا جي نرالي قومپرستي ٿئي پئي. ھن قومپرستي جي لحاظ کان نه رڳو سنڌوديش جو نعرو لڳائڻ ڪافي آهي پر خانداني سياست به لازمي آهي. پارلياماني سياست ۾ جلال محمود شاھ سنڌو ديش جو نه رڳو مخالف پر سخت قسم جي راءِ رکندڙ آهي پر ان تي ڪير به تنقيد نه ڪندو. تنقيد ڪندو ته رسول بخش پليجي جھڙي داناءَ يا وري قادر مگسي جھڙي شخصيت تي، ڇاڪاڻ ته اھي ٻئي نه رڳو مڊل ڪلاس فيميلي سان تعلق ٿا رکن پر اھي خانداني سياستدان به ناھن. منهنجي دوستن منجھان 150 اھڙا دوست آهن جيڪي اڄ کان 7 سال پھريان جسقم جا ڪارڪن ھئا جسقم تي پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندا ھئا ۽ اڄ ھو ايس يو پي ۾ آهن يا جسقم ۾، مون کي پاڻ ذاتي طور تي خبر ناهي لڳي سگھي. ٽي ڏينهن جسقم جي ريلي ۾ ته ٽي ڏينهن ايس يو پي جي ريلي ۾. اھا الڳ ڳالھ آهي ته ٻنھي قومپرست پارٽين جا نه رڳو الڳ الڳ منشور آهن پر ھي ٻئي ھڪ ٻئي جا سخت مخالف پڻ آهن. ھڪڙا آزادي جي نعري تي سرگرم آهن ته ٻيا خودمختياري تي ڪم ڪن پيا. جسقم جا ڪيترا ئي سرگرم ڪارڪن اڄ ايس يو پي جو باقائدگي سان حصو آهن، ڪجھ مرڪز ۾ پڻ آهن. مان جسقم جي دوستن سان جڏهن ملندو آھيان ته انهن کان اھو سوال ضرور ڪندو آھيان ته مون کي رڳو اھو ٻڌايو ته اوھان انهن جي خلاف ڇونٿا ڳالھايو جيڪي سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِ جسقم ڇڏي ويا؟ ياد رھي ته قرآن شريف ۾ ھڪ ھند لکيل آهي ته “نماز نه پڙھو!” اڳيان لکيل آهي “نشي جي حالت ۾” ھاڻي ھي ڪم اھو آهي ته اسين ويٺا دليل ڏيون ته قرآن ۾ لکيل آهي ته نماز نه پڙھو، ته اسين نه پڙھنداسين ڀلي پويان لکيل ھجي نشي جي حالت ۾! ايندڙ وقت ۾ قومپرست به طالبانن جيان سڏبا. ھڪ ھنڌ طالبان دھشتگرد ڪوٺبا ته ٻئي ھنڌ وري قومپرستن کي پڻ دھشتگرد سمجھيو ويندو. اڄ جو عام ماڻهو آزادي پسند قومپرست کان تنگ ٿي ويو آهي. ھاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم دوست ساٿي گڏجي ھڪ پارلياماني پليٽ فارم جوڙين جيئن اسين وڏيرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھون، باقي شيخ مجيب جھڙي به پارليامنٽ ۾ اڪثريت ٺاھي پوءِ آزادي ماڻي ھئي.

 

ظھور ميمڻ/ڳوٺ سيدپور شريف، گھوٽڪي