ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪِلنگ جا وڌندڙ واقعا

0
172
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

اڃان حيدرآباد ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر راٺيءَ جي ڪيس جو منجهيل سُٽ سُلجهي ئي نه سگهيو هو ته وري ڪراچيءَ ۾ سنجهوري واسي اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻيءَ کي ڪراچي ايڪسپريس وي تي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي. فائرنگ ۾ سندس اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرت العين پڻ زخمي ٿي آهي. ڪراچي شهر هاڻي وري ڪلاچيءَ جو ڪُن بڻجندو وڃي، جنهن ۾ ڏوهاري مانگرن جا ٽولا وري سرگرم ٿي ويا آهن، ماڻهن کي روڊن رستن تي ٽارگيٽ ڪري ماريو پيو وڃي. شهر خوف جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙجندو وڃي. ڪنهن کي به اهو يقين نه آهي ته اهو گهران نڪرڻ کانپوءِ واپس زنده سلامت گهر پهچي سگهندو! هن شهر ۾ پراسراريت ايتري، جو “خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا”. قانون بدامنيءَ جي “بُري تي بَڇَ” ڪرڻ جي همٿ وڃائي ويٺو آهي يا وري ڪا مشروط ڇوٽ ڏنل آهي. امن امان قائم ڪرڻ جي بنيادي فرض ۾ ڪوتاهيءَ جي ڪري هاڻي نه صرف پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي پر رياست جون اکيون ۽ ڪن تصور ٿيندڙ ادارن جي سماعت ۽ بصارت تي پڻ سوال اٿڻ لڳا آهن. آخر انهن کي ڏوهاري نظر ڇو ڪونه ٿا اچن؟ ڪراچيءَ ۾ وفاقي “مهمان فورس” جي موجودگيءَ جي باوجود راڪيٽ رفتاريءَ سان ڏوهن ۾ واڌ حيرت جوڳي آهي!

جڏهن به ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي فضا ڇانيل هوندي آهي ته ڏوهن ۾ واڌ ٿي ويندي آهي، خاص طور تي ٻهراڙين ۾ اغوا انڊسٽري سرگرم ٿي ويندي آهي، ماڻهن کي ڀُنگ خاطر اغوا ڪرڻ جا واقعا وڌي ويندا آهن، جڏهن ته شهرن ۾ دهشتگرديءَ جون وارداتون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ وڌي ويندي آهي. هن وقت به ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو آهي ته وري شهرن ۾ شهرين جا نشانا چٽي انهن کي قتل ڪندڙ بندوق باز سرگرم ٿي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ٻن مذهبي شخصيتن کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر بيربل انهن قاتل ٽولن جو نئون نشانو بڻيو آهي، اهي ٽولا ميگا سٽي ڪراچيءَ ۾ وري ڪو ممڻ مچائڻ چاهين ٿا. ڪجهه ڏينهن کان اهي واقعا تواتر سان ٿي رهيا آهن پر سنڌ جا منتظمين معاملي جي سنگينيءَ کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي سنجيده وٺڻ جي لاءِ تيار نظر نٿا اچن. توڙي جو ڪجهه وقت اڳ ڪراچيءَ جي پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگردن جو حملو ٿي چڪو آهي، جنهن مان اها ڳالهه پڌري ٿي ته دهشتگردن جون هن ئي شهر ۾ نرسريون ۽ سهولتڪار موجود آهن. ڪراچي شهر ۾ اهي به محفوظ نه آهن، جن جي بِلي عوام جي تحفظ وارو حساس ڪم آهي. ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪجهه سوال جواب طلب آهن. سي سي ٽي وي ڪئميرا جي فوٽيجز ۾ موٽر سائيڪل سوار نظر اچن ٿا پر ڊاڪٽر قرت العين چواڻي، کيس ٽارگيٽ ڪِلر نظر نه آيا. ڊاڪٽر بيربل جي گاڏيءَ جو دروازو کليل هو.

ٽارگيٽ ڪلنگ صرف قتل جو واقعو ئي نه آهي، ان کان پوءِ شهر ۾ جيڪو خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس جو سونامي اچي ٿو، اهو به انتهائي خطرناڪ آهي. تارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا انتظامي اهليت تي سوال اٿارين ٿا. جڏهن ڪراچيءَ ۾ پوليس چيف جي آفيس تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ قبضو ڇڏايو ويو ته سنڌ سرڪار ان کي پوليس ۽ رينجرز جو عظيم ڪارنامو ڄاڻايو. بيشڪ اهو تحسين جوڳو ڪارنامو هو پر جنهن ڪوتاهيءَ سبب دهشتگردن کي پنهنجي مذموم مقصد جي تڪميل لاءِ وٿي ملي، ان ڪوتاهيءَ جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چوڪس هجن ته، اهي دهشتگرد ڪاروائين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي رستي روڪ ڪري سگهن ٿا.

ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي اسان انتهائي گهڻا ڏکارا آهيون. هو انسان دوست ۽ همدرد شخص هو. ان جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ صحيح رخ ۾ ٿيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي به ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن جي سنگينيءَ کي سمجهندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فعال ڪرڻ کپي.