ڳالهه ٻول جو فن!

 

سٺي ڳالهه ٻول ڪرڻ ھڪ فن آھي، جنهن کي انگلش ۾ Communication skill چوندا آھن، جيڪو اسان کي سکڻ گهرجي، هي هڪ اهڙي اسڪل  آھي جيڪا دنيا جي پهرين نمبر اسڪل مان ھڪ اسڪل آھي، توهان گوگل ڪري ڏسندا ته به اوهان کي خبر پئجي ويندي ته ھي ٽاپ اسڪل مان هڪ اسڪل آھي، ليڊر ٿيڻ جي لاءِ ضروري آھي ته اوهان کي ڳالهه ٻول جو فن ايندو هجي، توهان ھي اسڪل سکي ماڻھن کي متاثر ڪري سگهو ٿا، ماڻھو اوهان کي وڌيڪ اھميت ڏيندا ۽ توهين پنهنجي شعبي ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا، پوءِ چاھي توهان ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندا هجو، ڳالهائڻ جو فن اوهان کي ليڊر بڻائيندو، اوهان جي روزگار ۾ اضافو ڪندو، اوهان کي وڌيڪ زندگي ۾ موقعا ملندا، ڪنهن ماڻھو وٽ ڪيڏو به علم ڇو نه هجي پر اھو ان منزل تي نه پهچي سگهندو جنهن تي ھو پنهنجي علم موجب پھچڻ گھرجي ها، ان منزل جي رڪاوٽ صرف ۽ صرف ڪميونيڪيشن جو گيپ آھي. ڪامياب ڊاڪٽر، وڪيل يا ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکڻ واري جي لاءِ ضروري آھي ته هن کي اها اسڪل اچي. وڪيل نه ڳالهائيندو ته ڪيس ۾ ڪيئن ڪامياب ٿيندو ۽ پنهنجي ڪلائينٽ کي ڪيئن مطئمن ڪندو؟ هڪ ٻيو مثال آھي، مثلن اوهان جي دوستن ڪوهه مري گھمڻ جو پروگرام ٺاھيو آھي ۽ توهان کي ضرور وڃڻو آھر پر اوهان جو پيءُ اوهان کا اهو چئي انڪار ٿو ڪري ته اوهان جا دوست گهمڻ دوران عجيب شرارتون ڪندا ۽ مون کي خوف آھي ته اوهان ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿيو پر اوهان کي ته خبر آھي ته منهنجا دوست ايئن نه ڪندا، ھاڻ توهان تي ٿو ڀاڙي ته اوهين ڪيئن ٿا پنهنجي پيءُ کي مطئمن ڪريو. ان جي لاءِ ڪميونيڪيشن جي ضرورت پوندي آھي، انسان جو ڪميونيڪيشن سان تعلق تڏهن جڙندو آھي

جڏجن ھو ماءُ جي پيٽ مان نڪرندو آھي ۽ رڙيون ڪندو آھي، بک اڃ جو اظھار رڙين ذريعي ڪندو آھي ۽ ڪن ۾ سور پوندو آھيس ته ڪن تي ھٿ رکي رڙيون ڪندو آھي، جيئن ماءُ کي خبر پوي ته هن کي ڪن ۾ سور آھي ۽ علاج وسيلو ڪري، ڳالهه جو مقصد ته ننڍڙو ٻار به ڪميونيڪيشن جا جيڪي به وسيلا هوندا آھن استعمال ڪندو آھي، رڳو انسان جي زبان نه ٿي ڳالهائي انسان جي پوري باڊي ڳالهائيندي آھي، ھٿ پير اٿندي ويهندي انسان جي چھري مان خبر پوندي آھي، ان جي خوشي، خوداعتمادي، غم، پريشاني ۽ ڪاوڙ جي تنهن ڪري ڳالهائڻ، ھلڻ، سلام ڪرڻ دوران باڊي ليگنوچ جو استعمال سکو، سٺو ڪميونيڪيٽر اھو ٿيندو آھي جيڪو سٺو ٻڌندڙ ھوندو آھي، جيڪو ٻڌي ڄاڻندو آھي. تقرير جي فن جي باري ۾ پليجو صاحب چوندو هو ته ڳالهه ٻول کي اثرائتو بڻائڻ جي لاءِ چونڊ شاعرن جي چونڊ شاعري ياد ڪريو، اوها به مختلف ٻولين ۾ فارسي ۾ شيخ سعدي، حافظ خيام، حافظ، شيرازي اردوءَ ۾ مير ساحر، مير تقي، غالب، فيض احمد فيض، احمد فراز جي. سنڌيءَ ۾ استادبخاري، شيخ اياز ۽ مرشد لطيف جي، ايئن هر ٻولي جي جڳ مشھور شاعرن جي شاعري ياد ڪريو ٻيو ڪم هيءُ ڪريو ته مختلف ٻولين جون مختلف چوڻيون ياد ڪريو، مثال جي ڳالهه هندي، سنڌي، عربي، پنجابي، اردو، فارسي، وغيرهه اهي ياد ڪري روزمره جا گفتگوءَ ۾ شامل ڪريو، ايئن ڪرڻ سان اوهان جي گفتگوءَ ۽ تقرير ۾ رس ۽ چس پيدا ٿيندو.

 

ڪامران قمر پالاري/ٿاڻو بولا خان

 

ميرپورخاص ضلعي جي هڪ لک عورتن جا ووٽ داخل ئي ناهن!

 

مردن جي هڪ هٽي ۽ انا پرستي سبب ميرپورخاص ضلعي جي هڪ لک عورتن جا ووٽ رجسٽر ٿيل ئي نه آهن، اهي ملڪ جي عورتن جي آباديءَ جو اڌ آهن پر انهن کي فيصلا سازي ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. عورتن کي سياست ۾ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي تنظيم ٻانهه ٻيلي جي طرفان صحافين جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي نجمه شيخ، محمد بخش ڪپري، عبدالرزاق کيمٽيو جي اڳواڻي ۾ مقامي هوٽل ۾ عورتن جي سياسي ڪارڪنن جي سياست ۾ ڪردار ۽ چونڊن دوران ڪوريج بابت الڳ الڳ تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ ۾ عورتن سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي ڪوٽا رڳو پنج سيڪڙو آهي، جڏهن ته عورتون ملڪ جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي فيصلا سازيءَ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي کين عام ۽ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت آهي ۽ نه ئي کين ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. جن پنج سيڪڙو عورتن کي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ ڏني وڃي ٿي انهن جو سڌي ريت عوام آڏو جوابدهه نه آهي، ان ڪري عورتن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٽڪيٽون جاري ڪيون وڃن ۽ عورتن کي پنهنجي قيادت لاءِ چونڊيو وڃي. هن صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميرپورخاص ۾ هڪ لک عورتون غير رجسٽرڊ آهن ۽ ملڪ جي آبادي جو اڌ حصو عورتون آهن پر انهن کي فيصلي سازيءَ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. هن وقت ميرپورخاص ۾ نادرا جون ست آفيسون موجود آهن جڏهن ته ايترو وڏو ضلعيو هجڻ جي باوجود صرف هڪ نادرا موبائيل آفيس موجود آهي، نادرا موبائيل جو تعداد وڌائڻ لاءِ ان مسئلي کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ پولنگ اسٽيشنز سان گڏ اليڪشن واري ڏينهن جي ڪوريج کي مانيٽر ڪيو وڃي، ووٽرن کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

رمضان المبارڪ جو مھينو ۽ مھانگائي!‎‎

 

رمضان جو ڀلارو مهينو رحمتن ۽ برڪتن سان ڀريل آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف تهوارن ۽ ڏڻن جي موقعن تي بنيادي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ويندي آهي ته جيئن هيٺين ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو به عيد ملهائي سگهن پر ٻئي طرف اسان جو ملڪ پاڪستان آھي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو پر افسوس آهي ته هتي ان جي ابتڙ تصوير پيش ڪئي وڃي ٿي، جيڪي واپاري بنيادي شين جا اگهه وڌائڻ لاءِ اڳڀرا هوندا آھن، بدقسمتيءَ سان هي رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آهن. غريب عوام لاءِ رمضان المبارڪ ۽ ٻيا مختلف مذهبي ۽ سماجي تهوار مھانگائي سبب عذاب بڻجي ويندا آھن. ڪي دڪاندار ۽ واپاري لڳ ڀڳ سڄو سال اهڙن ڏھاڙن جا منتظر رهندا آهن، اهي اڳواٽ ئي سامان جمع ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته جيئن وقت اچڻ تي ان مان کين وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن. ھن وقت ملڪ بدترين معاشي بحرانن مان گذري رهيو آهي، هتي مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي، ٻاهرين قرضن عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي، وچولي طبقي جا ماڻهو ھڪ ويلو کائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو هڪ اھڙو اسلامي ملڪ آهي جتي ڪو به عمل اسلام موجب ناھي ٿيندو، جتي ماڻهو وڌندڙ مهانگائيءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جتي غريب عوام دانھون ڪري رھيو آھي ته اهي رمضان ۾ ميوا، ڀاڄيون ۽ اهي بنيادي شيون جيڪي عوام کي رمضان ۾ سحر ۽ افطار دوران گهرجن ٿيون ڪيئن خريد ڪندا؟ حڪومت کي گھرجي ته ووٽ يا نوٽ جي عزت کي هٿي ڏيڻ بدران عوام جا مسئلا حل ڪري، بنيادي شين جي قيمتن جي عدم استحڪام کي گهٽائڻ تي ڌيان ڏي. مهانگائي ۽ بيروزگاري کي فوري طور تي ضابطو نه آندو ويو ته حڪومت کي کٽڻ يا هارڻ جو ڪو به فائدو نه ملندو ابتو ملڪ هٿن مان نڪري ويندو.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

 

پنگريو ۾ تعليمي اداري تي حملي ۾ ملوث عنصرن کي سزا ڏيو!

 

تازو 21 مارچ جي صبح جو ضلعي بدين ۾ پنگريو ڀرسان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ تعليمي اداري هيلپ پبلڪ ايليمينٽري اسڪول صديق ڳاهو تي تعليم دشمن قوتن طرفان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي ھيڊ ٽيچر سميت 6 مستقبل جا معمار معصوم شاگرد زخمي ٿيا، انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ قوم کي شعور ڏياريندڙ تعليمي ادارا به شرپسندن جي شر کان محفوظ نه رهيا آهن، تعليم دشمنن جو هي حملو هڪ اداري تي نه پر سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ جي شعور تي حملو آھي، اڄ جيڪڏهن اهڙن شرپسند عنصرن کي بخش ڪيو ويو ته سڀاڻي وري اهڙيون بزدل جاهلاڻي سوچ رکندڙ ڪي ٻيون قوتون تعليم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديون ان لاءِ منهنجي انتظاميه ۽ وس وارن کي اها اپيل آھي ته جيڪڏهن اوهان تعليم سان چاهه رکو ٿا ۽ اوهان قوم کي شعور ڏيارڻ چاهيو ٿا ته هن تعليمي اداري تي حملي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي حملي ۾ ملوث عنصرن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏياري وڃي جو وري ٻيهر ڪنهن کي تعليمي ادارن ڏانهن ميري اک کڻڻ جي جرئت نه ٿئي.

 

محمد اسلم سومرو/ کرڙاهه ٺري ميرواهه

 

شھباز حڪومت جي اڏام ۽ قومي ڊائلاگ جي ضرورت!

 

تازو ملڪي سياسي حالتن جو سياسي طور جائزو وٺي ڇيد ڪبو ته هيٺيون ڳالههيون سامهون اينديون  مثالطور ته ڇا هنن حالتن ۾ ملڪي سياسي، معاشي ۽  بين الااقوامي گردشي معاملن ۾ قوم ۽ ملڪ لاءِ قومي ڊائلاگ ضروري آھي؟ نمبر ٻيو ته ڇا موجوده شهباز شريف حڪومت جي اڏام وڌيڪ حالتن کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي؟ يا اڃا به ايئن ته ناهي جو عمران حڪومت جيان شهباز حڪومت به ڪنهن سائفر جي انتظار ۾ آھي ۽ پنهنجو حڪومتي جياپو نه رکي سگهي؟ ان کان سواءِ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام نه هجڻ سبب ڪنهن نئين صورتحال کي به جنم ڏئي سگهي ٿو، جيڪا صورتحال مشرف دور جهڙي پڻ نظر اچي سگهي ٿي. هوڏانهن چين ۽ رشيا پاران بين الااقوامي طور تي ايران سعوري تعلقات جي بحاليءَ جا به پاڪستان کي ڏيهي توڙي پرڏيهي اثرن کان ڏور نٿو رکي سگهجي. جنهن سبب به ملڪ جي سياسي توڙي معاشي پاليسين ۾ تبديلين کي نڪري سامهون اچڻ پڻ رد نٿا ڪري سگهون. انهن سڀني ڳالهين ۽ مسئلن کي سامهون رکي اسان پنهنجي ملڪي سياسي سماجي معاشي ۽ حڪومتي پاليسين جو جائزو وٺنداسين ته اسان جي سامهون عمران خان جي گرفتاري کان ويندي چوڌري شجاعت حسين جي ان ڳالھه ته قومي ڊائلاگ هجڻ کپي جنهن لاءِ مان تيار آھيان ۽ هر پارٽي اڳواڻ وٽ وڃڻ ۾ حرج محسوس ڪونه ڪندس. هوڏانهن حڪومتي ڪاررواين مان لڳي ٿو ته هو عمران خان کي گرفتار ڪن ئي ڪن ۽ عمران خان هن وقت اهڙي قسم جو سياسي جهنڊو کڻي ڦڙڪائي رهيو آھي جنهن جي منشور ۽ رنگن ۾ ڄڻ ته سواءُ ويڙهه ۽ سياسي انارڪي جي ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. حڪومتي ڪاررواين مان لڳي ٿو ته عمران خان اڄ نه ته سڀاڻي گرفتار ڪرڻ جو هنن طئي ڪري ڇڏيو آھي، جنهن سان سواءِ انارڪيءَ جي ٻيو رد عمل هوندو ئي ڪو نه ۽ عمران خان سياسي ڊاڪٽرائن به ڄڻ ڪي ان کان ٻاهر ڪونهي . انهن حالتن ۾ ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي آھي ۽ ان عام ماڻھوءَ جو جيئڻ جنجال ڪيو سابه سياسي انارڪي کي هٿي ڏيڻ ۾ باهه تي پاڻي نه پر پيٽرول هارڻ برابر هوندو. انهن حالتن ۾ سينيئر سياستدان ۽ مسلم ليگ قائداعظم جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو ڪجهه پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي چيو آھي سو ڄڻ ته ايندڙ وقت جو سياسي ۽ قومي روڊ ميپ پڻ آھي ته ملڪي سطح تي قومي ڊائلاگ ٿيڻ وقت جي اشد ضرورت آھي. هن ايستائين به چيو ته قومي مقصد ۽ رياست توڙي سياست جي مفاد خاطر مان يعني چوڌري شجاعت حسين هر سياسي اڳواڻ وٽ وڃڻ لاءِ تيار آھيان. ان ڪري ملڪ جي موجوده سياسي معاشي توڙي حڪومتي استحڪام کي مٿين ڳالهين کان پري نٿا رکي سگهون. سفارتي حلقن سان ويجهڙائي رکندڙ ذريعن جا اطلاع ته اهي به آھن ته ممڪن آھي ته شهباز شريف جي حڪومت لاءِ به ڪو تيزيءَ سان اهڙو پيغامي خط جي صورت ۾ اچي نه وڃي جنهن کي نئون سائفر اشو چئي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي يا ممڪن آھي ته هو تيزيءَ سان پاڻ کي استعيفا ڏئي ڇڪي قومي ڊائلاگ جو حصو ٿي وڃي.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

وزيراعظم شهباز شريف پاران تعريف جوڳا قدم!

 

وزيراعظم شهباز شريف معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪندي غريبن لاءِ پيٽرول تي 50 رپيا سبسڊي ڏني آهي جيڪا گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ آهي. اها موٽر سائيڪل، رڪشا سميت 800 سي سي ننڍيون گاڏيون استعمال ڪندڙ ماڻهن لاءِ آهي، جيڪا پيٽرول سبسڊي سڌو سنئون غريب عوام لاءِ ريليف جو سبب بڻجندي. تنهن سان گڏوگڏ وزيراعظم شهباز شريف چٽا ڀيٽي واري امتحان CSS لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻندي چٽا ڀيٽي CSS جي خصوصي امتحان جو انعقاد ڪرڻ لاءِ پنهنجو قدم کنيو آهي. جيڪا ڳالهه وزيراعظم پاران تمام گھڻو تعريف ۽ ساراهه جوڳو آهي، جنهن قدم سبب چٽاڀيٽي امتحان لاءِ اميدوارن جي عمر جي حد ۾ اضافي سان گڏ چوٿين چانس جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي. هي اهو امتحان آهي جنهن ۾ ويهڻ بعد پاس ٿيڻ تي ڪيترائي ڪامياب اميدوار پنهنجي ذميواري ملڻ بعد ضلعي سطح جي پوسٽن تي پنهنجو خدمتون انجام ڏيندا ۽ ڪميشن آفيسر سڏبا آهن. بهرحال هن وقت شهباز شريف طرفان چٽا ڀيٽي CSS امتحان ۾ عمر جي حد ۾ اضافي ۽ چوٿين چانس جي سهولت ملڻ ڪري ڪيترائي شاگرد ان اميد سان پنهنجي قسمت آزمائي ڪندا ۽ ان وڌيڪ سهولت ۽ موقعو ملڻ ڪري وڌيڪ محنت ڪري اهو چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ڪاميابي سان همڪنار ٿيندا رهندا.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

رات جو اوچتو وڏ ڦڙو وسي پيو، برسات کان پهريان اُتر جي هوا زوڪاٽ ڪري رهي هئي،اهو سلسلو رات جو دير تائين جاري رهيو، قيدي ڪچهرين جا مچ ٻاريون ويٺا هئا، عابد جي دلدار وساڻ تي اڃا ڪاوڙ ٺري ئي نٿي، هو دلدار جي لاءِ لفظ چشمائي استعمال ٿو ڪري جيڪا ڳالههه مون کي بلڪل به نٿي وڻي. صبح جو پسار جي لاءِ نڪتس ته اڄ هر شيءِ جو رنگ مون کي متيل محسوس ٿي رهيو هو. سج به صفا ڳاڙهو لال لڳو پيو هو جنهن کي ڏسي ڊپ جي هڪ لهر جسم ۾ جھاتيون پائڻ لڳي. ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ڪا خوبصورت اک صدين کان اوجاڳن جي اذيت برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪئي وئي هجي، پسار کان پوءِ ڏاهاڻي مون لاءِ پارڪ جم ۾ ئي نيرن وغيره کڻي آيو. پارڪ ۾ چڳندر ڪبورتن ۽ پاريهرن کي ڏسي هو چوڻ لڳو ته ڀائو آصف انهن ۾ نر به آنا لاهيندا آهن پر اُهي آنا وائي هوندا آهن. جنهن مان ڪو به ٻچو وغيره ناهي پيدا ٿييدو. منهنجي بجاءِ فقير چني ڏاهاڻي کي چيو ته تنهنجو دماغ هاڻ گھٽ ڪم ٿو ڪري، هو ٻئي اجائي بحث ۾ جُٽي ويا، جيڪو بحٿ مون کي وائي بيضي جيان بيڪار محسوس ٿيو ۽ آئون پنهنجي کوليءَ جي اُن ڪُنڊ ۾ اچي ويس جتي منهنجي ننڍڙي لائبريري ٺهيل آهي. اها ننڍي لائبريري 30 کان 40 ڪتابن تي ٻڌل آهي پر مون لاءِ منهنجو سمورو جهان اِهائي لائبريري آهي. اخبار کڻي ايندڙ منشي ٽانگي ڏاهيري هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي چيو ته ابا سائين آئون سيڪيورٽي وارڊ نمبر 9 به ويندو آهيان، جي اُتا جو ڪو ڪم ڪار هجئي ته لازمي چئجانءِ. مون هُن کي چيو ته منهنجو ڪو به ڪم ڪار ناهي جي هوندو ته توهان کي چوندس، هو پيرن تي هٿ رکي مرڪندو روانو ٿي ويو. سڄو ڏينهن جيل جي گھٽين ۾مومن ماتم ڪندا رهيا، سپاهي صابو مون کي چيو ته تون نٿو وڃين پپڙتي؟ مون هُن کي جواب ڏنو ته آئون اهڙي ماحول کان پري ئي رهندو آهيان جتي روڄ راڙي کان سواءِ تماشو به لڳل هجي. ياد رهي ته امام حسين عه کي پيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ جي هندو ڀائرن خاص طور تي مٺي ۽ ٿرپارڪر جي ماڻهن سبيلون ۽ نياز نگر ڪيا آهن، کي جس هجي. اڄ مون ونگز ۽ ٽرائسپس جي ورزش ڪئي. چاچو ٽانگو وري ملڻ آيو، هُن چيو ته مون کي چاچي شفقت ناريجي جو لاچار آهي. ان لاءِ مهرباني ڪري اُن کي واپس منشي لڳرائي ڇڏيو، هُن هٿ ٻڌندي چيو ته مون هُن کي چيو ته اها خبر ڪنهن کي به نه پوي ته ان کي آصف ڇلگريءَ ٻاهر ڪڍرايو آهي. هو جي جي ڪندو روانو ٿي ويو. شام جو دير تائين عابد سان گڏجي پسار ڪيم، سائين ولي محمد شاهه سان به ڪچهري ٿي. سائينءَ چيو ته سچا دوست ڳوڙهن جيان هوندا آهن جتي دل اُداس ٿئي اُتي اکين جي اڳيان پهچي ويندا آهن. هينئر عابد ۽ ڏاهاڻي محرم ٽرانسميشن ڏسي رهيا آهن، عابد جي اکين ۾ آلاڻ آهي ۽ ڏاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته ملان ڪجھه هٿ جي به هڻندا آهن، ان لاءِ روئو نه، جواب ۾ عابد منهن خراب ڪري چويس ٿو ته پنهنجي ڪم سان ڪم رک. ڏينهن جو چنڊ اسان جي کوليءَ جي سامهون اُداس نظر اچي رهيو آهي.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد 10 آگسٽ 2022، (شام جا 06:47 وڳا)