افغانين بابت جوڙيل پاليسيءَ تي عمل ٿي سگهندو؟

0
150
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

هن ملڪ ۾ جيڪي به غير قانوني پرڏيهي اچن ٿا، انهن مان اڪثريت جو منهن سنڌ ڏانهن، خاص طور تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ڏانهن هوندو آهي. ملڪي ادارا صرف ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن پرڏيهين جو تعداد 40 لک ٻڌائي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت افغاني پناهگيرن جي آهي. حقيقي ڳاڻيٽو ته ان تعداد کان به گهڻو آهي. انهن غير قانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن سنڌ ۾ ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن، اڪثريت ته “سڪه رائج الوقت” جي طاقت توڙي هتي جي ڪجهه سياسي ڌرين جي سهڪار سان هن ملڪ جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتي جي شهريت وٺي ورتي آهي، ڇو ته شهريت لاءِ لازمي ڊاڪيومينٽ ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ ئي آهي. هاڻي مس مس وفاقي حڪومت کي اهو احساس ٿيو آهي ۽ ان افغان پناهگيرن جي لاءِ نئين پاليسي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن موجب انهن ڪٽڪن تي به پناهگيرن وارا ضابطا لاڳو ڪيا ويا آهن. افغان پناهگير ڪنهن به جڳهه تي آزاداڻي چرپر نه ڪري سگهندا، انهن جي چرپر ٿاڻن ۾ داخلا سان مشروط ڪئي وئي آهي. اسلام آباد، صوبن ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر جي لاءِ داخلا ڪرائڻ لازمي هوندي. نئين شهر ۾ وڃڻ جي مقصد ۽ ايڊريس بابت به ٿاڻي کي آگاهي ڏيڻي پوندي. ويزا يا رهائشي اجازت نامي جو وقت ختم ٿيڻ بعد کين واپس وڃڻو پوندو.

پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي ٻوڏ تڏهن آئي هئي، جڏهن سوويت يونين افغانستان تي قبضو ڪيو هو. سوويت يونين خلاف آمريڪي آشيرواد سان سخت مزاحمت ڪئي ويئي. “وار لارڊز” پيدا ڪيا ويا، جن انساني کوپڙين جا مينار ٺاهيا، انساني کوپڙين ۾ سنگينن سان سوراخ ڪري انهن ۾ ميڻ بتيون روشن ڪري فتح جا جشن ملهايا. جنگي صورتحال سبب افغانستان جي وڏي آباديءَ پاڪستان جو رخ ڪيو. ٿيندو ائين آهي ته جنگين يا ٻين قدرتي آفتن جي ڪري اتي جا شهري ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندا آهن ته انهن جي مڪمل داخلا رکي ويندي آهي، انهن جي چرپر کي محدود ڪري کين پناهگير ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو آهي ۽ وري انهن جي ملڪ ۾ حالتون سازگار ٿيڻ تي کين واپس موڪليو ويندو آهي، پر هن ملڪ کي بين الاقوامي يتيم خانو سمجهيو ويو آهي. افغان پناهگير هجن يا بنگالي، بهاري، برمي هجن، انهن ته هن ملڪ کي ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ کي مستقل ٿاڪ بڻائي ورتو آهي. ڪي ڌريون ته ميانمار (برما) جي روهنگيا ماڻهن کي سنڌ ۾ آڻڻ جي گهر ڪنديون رهيون آهن ۽ انهن روهنگين جو ڪيترو تعداد اهي ڌريون هتي آڻي، انهن کي سڪونت اختيار ڪرائي چڪيون آهن، انهن لاءِ به سروي جي ضرورت آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ بوسنيا واري لڙائيءَ دوران هن ملڪ ۾ جيڪي پناهگير آيا هئا، انهن بابت پڻ اهي خبرون تڏهن ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيون هيون ته انهن مان به ڪيترن ڪراچيءَ کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻائي ورتو هو. سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جو وڏو تعداد رهي ٿو، جن هن ملڪ جا قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، انهن کي ڪيئن تڙيو ويندو؟ اڳ ۾ اها رپورٽ آئي هئي ته افغانين جي وڏي تعداد کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ نادرا جو عملو ملوث آهي ۽ پوءِ نادرا جي اهڙي عملي کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جون خبرون پڻ آيون هيون.

هر ملڪ ۾ پناهگيرن کي ترسائڻ لاءِ هڪ واضح پاليسي ۽ اصول هوندا آهن. انهن کي خيمه بستين ۾ ترسايو ويندو آهي، اهي ملڪيتون خريد ڪري ناهن سگهندا، پر هن ڪشورِ حَسين ۾ ته صورتحال ئي “اور” آهي. حڪومت افغانين جي حوالي سان پاليسي ته جوڙي آهي پر ڇا ان تي عمل ٿي سگهندو؟ ڪراچيءَ ۾ ته وڏي تعداد ۾ سياسي پارٽيون، غير سرڪاري تنظيمون، فلاحي تنظيمن جي نالن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو انهن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن. سياسي ڌرين جا انهن سان مفاد وابسته آهن. انهن جي ووٽ بينڪ آهي، انهن کي سيڙهي بڻائي اهي اسيمبليءَ ۾ پهچن ٿا. وفاقي حڪومت ته افغان پناهگيرن بابت پاليسي جوڙي آهي، پر ان تي عمل جي حوالي سان گهڻو ڪم سنڌ حڪومت جي حصي ۾ اچي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ مستقل مهمان بڻيل افغان پناهگيرن کي تڙيو وڃي. جيڪي غير قانوني طور تي قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، اهي رد ڪرائڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي. اهي افغاني سنڌ جي وسيلن تي بار آهن، سنڌ جي قومي تشخص ۽ چونڊيل ايوانن ۾ نمائندگيءَ لاءِ خطرو آهن. امن امان کي تارپيڊو ڪندڙ، دهشتگردي، ڀُنگ خاطر اغوا ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ انهن جي ملوث هجڻ جون رپورٽون ته ملڪي ادارا وقت به وقت ڏيندا رهيا آهن.