مهانگائيءَ غريبن کان رُکو ڳڀو به کسي ورتو!

 

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آھي، اوچتو اٽي جي اگھن ۾ تيزي اچي وئي آھي، اٽي جو  اگھ 150 رپين کان به ڪراس ڪري ويو آھي، لاڳاپيل ادارا اٽي جي اگھن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام بڻيل آھن، وسڪارن جي تباھڪارين ماڻھن کي مالي طور تي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آھي، ٻيو وري مھانگائيءَ جا سور ماڻھن جا سنڌَ ئي ساڻا ڪري ڇڏيا آھن، ماڻھو بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن، اوچتو ملڪ اندر مھانگائي ايتري ته وڌي آھي جو ماڻھو ٻن وقتن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويا آھن، وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، مھانگائي جي خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو آھي، حڪومت جي غلط پاليسن جي ڪري ملڪ ۾ مھانگائي عروج تي پھتل آھي. آڻين ۽ چاڙھين وارو مزدور طبقو هن دور ۾ پريشان آھي، ملڪ اندر مھانگائيءَ جو طوفان اچي ويو آھي، مزدور طبقو بکون کاٽڻ  تي مجبور آھي. سندن چلھ اجھاميل آھن، بکئي پيٽ سمھڻ تي مجبور آھن، ڪڻڪ جو اٽو کاڌي جي ايٽمن هڪ اھم ايٽم آھي، جيڪو زندگي جي جياپي لاءِ ضروري آھي پر بيرحم حڪمران کي ڪھڙي خبر ته غربت ڇا ھوندي آھن؟ ھنن غربت ۽ بکن جا قصا ڪھاڻيون صرف ڪتابن پڙھيا آھن، بک جو قدر ڪنھن جھوپڙيءَ ۾ رھندڙ غريب مسڪين کان پڇو؟ جيڪو ويلو کائي ٿو ۽ ٻه ويلا بک تي سمھي رھي ٿو، چوندا آھن ته غريب جي دانھن ستين آسمان تي ويندي آھي، ڪنھن کان نڪري وئي ته توھان تخت تاج ڊھين ويندا، اي وقت جا حڪمرانو، اٽو سستو ڪيو ته جيئن ڪنھن غريب جا ٻچا بک وگھي ن مرن.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

عورت ڪا مشين ته ناهي!‎‎

 

اھا چٺي جيڪا پنهنجي اخبار لءِ موڪلڻ ضروري ھئي ڪنهن چيو ھو ته ھڪ چٺي پنهنجي اخبار لاءِ لازمي رواني ڪجان پر وقت گھٽ ھئڻ ڪري ڊگھي نه پر نارمل لکي سگھيس، جيئن ته ڀروسي تي انسان قائم ھوندو آهي، اميد جنهن تي به ماڻهو قائم آهي، جيڪڏهن غور ڪجي ته ڪنهن جو ڀروسو ٽٽي وڃي جيئن ته زال مڙس جو پاڻ ۾ اعتبار ٽٽي پوي، يقينن پوءِ ڀروسو به ٽٽي پوندو، اھا عورت نفيس دل جي مالڪ ھوندي آهي، ان کان ذري گھٽ جو درد برداشت ناهي ٿيندو پر جيڪڏهن عورت ڀروسي تي اچي وڃي ته هو پنهنجي وفا به ڏسندي آهي پر ھن جو جيون ساٿي ڀلي نه سمجهي سگهي، جيڪڏهن عورت سان بيوفائي ٿيندي آهي پوءِ ان عورت جي زندگي ھڪ درد ڀري ڪھاڻي رھي ٿي، يقينن ھڪ روشن ڏيئو اجھامي وڃي ٿو. ان مرد جي بيوفائي جدائي سمورو لوڪ ڏسندو ھجي، بدنامي ٿيندي آهي، ايئن ھر ڪا عورت مرد کي اعتبار ڪرڻ ختم ڪندي آهي. اھو ته آئون پنهنجي ناول “اداس ادائون” ۾ عورت جي بنياد تي لکي پورو ڪيو آهي. عورت کي مرد طرفان مليل ھڪ درد جيڪو سموري زندگي ان کي ياد رهي ٿو، ھاڻ جيتوڻيڪ ڪجهه محسوس ڪجي ته مجموعي طور عورتن ۾ شعور به آهي، جيڪو ھو وفا جفا کي سمجھي سگھي ٿي، عورت ھڪ ڪمزور خلق آهي پر مون کي افسوس مردن تي ٿيندو آهي اھو ته ھو پھرين عورت کي مٺيون ڳالهيون ٻڌائي کي پنهنجو ڪري بعد ۾ سڄي زندگي ان کي طعنا ھڻي درد ڏيندا آهن، ايئن به نالي ھر مرد جي ساڳي عادت ھجي پر اڪثر عورتون به مردن سان سچيون ناھين ھونديو، جيڪا عورت پنهنجي مڙس سان سچي نه ٿئي ان کي دوکو ڏئي اھا سماج ۾ بيڪار آهي. مجموعي طور ڪافي حد تائين عورتن جي زندگي ويران ھوندي آهي، سچ ته ھنن به پنهنجي زندگي جا ڪي خواب ڏٺا ھوندا، جيڪي حقيقي ٿين يا نه پر اميدن تي پورو لھندي آهي. ھو ڏينهن جا ڏينهن انتظار ڪندي آهي پر روز سج اڀاري لاھيندي آهي، يقينن عورتن کان ايترا ڪم ورتا ويندا آهن جيتوڻيڪ گھر جي ڪمن کان ويندي زمين جو ڪم ورتو ويندو آهي، عورت کي انسان نه پر ان کي مشين طور سمجھو ويندو آهي، جيڪڏهن عورتن کي وڌيڪ اوليت ڏجي ته يقين سان چئي سگھجي ٿو ته اسان مردن ۾ ۽ اسان جي نئين نسل ۾ ھڪ وڏي روشني اچي سگھي ٿي، اھو پنهنجي اخبار جي پڙھندڙ لاءِ ھڪ اھم ۽ ٿورن لفظن تي ٻڌل چٺي وڏي سوچ سمجھ رکڻ لاءِ ھي چٺي رکي اٿم. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

 

شبير احمد ڪوري/ خليفو قاسم، بدين

 

سنڌ ۾ ھٿراڌو ٻوڏ بعد مھنگائيءَ جا راڱا!

 

روز جون اخبارون ڀريون پيون آھن، اڄ فلاڻي شھر ۽ ڳوٺ ۾ بيروزگاريءَ کان تنڱ ٿي زھريلي دوا پي آپگھات ڪيو ويو. اڄ پاڻ کي ڦاھو ڏئي ٽنگي ڇڏيائين يا تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ھر صحافي ھر ليکڪ ۽ ھر اخبارن جي چٺين ۾ يا خطن ۾ لکندڙ معززين مھنگائي، آپگھاتن ۽ ٻوڏ بابت لکي لکي ٿڪجي پيا آھن پر اڄ تائين ڪو به فرق نه پيو آهي. سوچي سوچي ماڻھو پريشان ٿي ٿو وڃي ته آخر ھي ڪهڙو مسئلو آهي ۽ ڇا ٿي رھيو آھي، مون سون برساتن ته ويتر سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو، اڄ ڏينھن تائين ماڻھو دربدر آھن، جيڪي بکون ڪاٽي رھيا آھن، ٻوڏ متاثرن جو مال ته لڳ ڀڳ مري چڪو آھي، جيڪڏهن ڪجھ بچيو ھو ته وڏن مال واپارين مجبوريون ڏسي اڌ رقم کان به گھٽ خريد ڪيو، انھن پنھنجا کيسا ۽ لاڪر ڀري ڇڏيا. ھاڻي ته ماڻھو مري رھيا آھن، خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي، نلڪن جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي، زمينون غيرآباد ٿي چڪيون آھن، کجيون ۽ ٻيا باغ ختم ٿي چڪا آھن. سڀ ڪجھ ختم ٿي رھيو آھي ۽ وري مٿان سرڪار سڳوريءَ جا ڪيترائي غير عمل جوڳا اعلان ٿيا آھن ۽ ٿي رھيا آھن. 5 ھزار في ايڪڙ تي ڏنا ويندا، 52 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بادام ۽ پستا، اھي ڪنهن کي ڏنا ويا ۽ ڪيترن ٻوڏ متاثرن کي ڏنا ويا، جيڪي ھڪ ويلي مانيءَ لاءِ پريشان آھن، جيڪڏهن انھن پئسن مان ڪجھ ٻوڏ متاثرن کي گھر ڏنا وڃن ھا ته بھتر ھو. وري اعلان ٿيو ته سروي ٿيل ڳوٺن جي غريبن کي گھرن لاءِ ٽي لک ڏنا ويندا، ڇا ٽن لکن ۾ گھر ٺھندا آهن؟ مھينو گذرڻ کان پوءِ اعلان ٿيو ته 50 ھزار پھرين قسط ۾ ڏنا ويندا، وري ھڪ مھيني کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته ھاڻي ٽي لک ھڪ ئي قسط ۾ ڏنا ويندا پر اڄ تائين اھي ڪنهن کي به نه مليا آهن. اھا سڀ پلاننگ آھي، ننڍن ھارين، ننڍن زميندارن کان زمينون وٺڻ جي، وري به مينهن وسي سگھن ٿا، وري به ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھنن وٽ ڪا به پلاننگ ناھي، بس ان وقت اسان نه ھونداسين اسان جا خالي گھر ھوندا، ويران جايون، ويران باغ، ويران زمينون، ويران رستا ۽ راھون ھونديون، نه ھنن کي پئسا ڏيڻا پوندا ۽ نه ئي ھنن کي ڪنهن جي مدد ڪرڻي پوندي.

 

جعفر شنباڻي/ڪنب

 

راڌڻ ۾ شھيد ڀٽي جي سالگرھ ۽ ڀوتار وڏيرن جون من مستيون!

 

راڌڻ ۾ پ پ پ ڪارڪنن طرفان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 ھين سالگرھ تقريب پريس ڪلب راڌڻ ۾ ملھائي وئي، جنھن ۾ پ پ پ راڌڻ جي اڳوڻي صدر عبدالستار ميراڻي، موجوده جنرل سيڪريٽري محمد يونس سولنگي، اطلاعات سيڪريٽري غلام حيدر مينگل، پ پ پ يوٿ تعلقي ميھڙ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري خادم حسين سولنگي، ذوالفقار علي سومرو، ڊاڪٽر سليمان بروھي، لياقت علي گلال، دليپ ڪمار سچڏيواڻي، ڪامريڊ شمن سولنگي، راشد شيخ فھيم سولنگيءَ سميت ٻين شرڪت ڪئي ۽ شھيد ڀٽي جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته پ پ پ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي ٽائون چيئرمين دستگير ڳورڙ ۽ سندس سوٽ ۽ پيپلز يوٿ ضلعي دادو جو صدر ۽ راڌڻ ٽائون جو اڻ اعلانيل پردي پويان چيئرمين بڻيل مير مرتضيٰ ڳورڙ ۽ پ پ پ سٽي جو صدر محمد ملوڪ جانوري دعوت ملڻ باوجود سالگرھ تقريب ۾ نه آيا، ڇاڪاڻ ته پ پ پ جي غريب ڪارڪنن شھيد ڀٽي جي سالگرھ ملھائڻ لاءِ ھنن کان ڪيڪ ۽ چانھن لاءِ پنج ھزار رپيا گھريا ھئا، ان ڪري ھنن پنهنجون موبائل فونون بند ڪري پاڻ تقريب ۾ ئي شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته سٽي صدر ملوڪ جانوري ڪيڪ لاءِ ھڪ ھزار رپيا موڪلي ڏنا، پ پ پ جي جھوني جيالي نظرياتي ڪارڪن ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير عبدالستار ميراڻي پ پ پ اڳواڻن جي ان ڀٽو دشمن رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اھي اڳواڻ ھر ماھ راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي 40 لک رپين جي ترقياتي بجيٽ مان اٽڪل 20 لک رپيا ڦٻائي پنهنجي عياشين، ڊبل ڪيبن گاڏين جي تيلن تي خرچ ڪن ٿا پر جنهن شھيد ڀٽي جنھن جي نالي اقتدار وٺي ارب پتي بڻيا آهن ان جي سالگرھ جي ڪيڪ وٺڻ لاءِ انھن وٽ ٻه ھزار رپيا به ناھن، جڏھن ته ھنن پ پ پ ۾ پنهنجي خانگي ووٽ بئنڪ ٺاھڻ ۽ مال ڦٻائڻ لاءِ پ پ پ جي تنظيمي عھدن تي پڻ پنھنجا من پسند يار دوست ۽ واٺا مقرر ڪرائي ڇڏيا آهن ته جيئن کين ڪير چوڻ وارو نه ھجي ۽ ڪجھ قلم فروش صحافين کي پڻ ڦرمار جي پئسن مان ھر ماھ اجورو ملندو رهي.

 

عبدالستار ميراڻي/ راڌڻ

اچو ته تعليم سڌارڻ جو پڪو پهه ڪريون!

 

جهڙيءَ طرح ثقافت قومن جي سڃاڻپ آهي، اهڙي طرح تعليم به انتهائي اهميت واري آهي. هتي ته مستقبل جي معمارن سان اڍنگو رويو رکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن سال ٻوڏن ۽ برساتن وڏي تباهي آندي آهي، ان ڪري ماڻهو بيماري ۽ مهانگائيءَ کي منهن ڏنو آهي، ته اتي تعليم کي سڌارڻ جو عزم ڪرڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي. سنڌ ۾ اربين رپيا تعليم تي خرچ ڪرڻ کان پوءِ به ڪو خاص نتيجو نڪري نه سگهيو آهي. هن وقت لکين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا ويا آهن. اسان ماڻهو حڪمرانن تي ڀاڙيون ٿا ته سڀ ڪجهه اهي ڪن يا ڪو ٻاهريون ملڪ اچي اسان وٽ ڊالر خرچ ڪري تعليم سڌارين. اهڙي وقت ۾ به ٻارڙا يونيورسٽي تائين پهچن ٿا پر عام ۽ بي پهچ ماڻهن جا ٻار ڪيئن پڙهن؟ ڪجهه پرائيويٽ اسڪول ڪاروبار به ڪن ٿا، هن عمل جي پٺڀرائي ڪري سرڪاري اسڪولن جي تعليم کي نقصان پهچايو ويو. ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري به سرڪاري اسڪولن کي نقصان پهتو آهي، جنهن جو ذميدار پڻ استاد کي سمجهيو وڃي ٿو. گوسڙو ۽ نه پڙهائڻ وارن جو ذميدار به استاد کي مڃيو وڃي ٿو. ڪجهه انتظاميا جي به ذميواري آهي، جنهن جي صحافي نشاندهي ڪري چڪا آهن، ان لاءِ گورنمينٽ ڪو سٺو قدم نه کڻي سگهي آهي، باقي ڪجهه تعليمي آفيسر هن وقت به سچائيءَ سان ڪم ڪن ٿا. هتي سرڪاري تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، جنهن تي روزانون تنقيد ٿيندي رهي ٿي. ان لاءِ به ڪوششون وٺڻيون آهن، رڳو اڪيلي سر استاد ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، ان جو سول سوسائٽي، وڪيل، صحافي ۽ سماجي تنظيمون سچائيءَ سان مدد ڪن ته تعليم جي ٻيڙي ڪنهن ڪناري لڳي سگهي ٿي. جهڙيءَ طرح ٻيا ڏهاڙا ملهايا ويندا آهن ايئن تعليم جو ڏهاڙو به ملهايو پيو وڃي. 8 جنوري تعليم جي سڌاري لاءِ ڏينهن به ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ مختلف نعرا، تقريرون، ريليون ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون آهن پر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ان جو نتيجو ڪو خاص نٿو نڪري. هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي، اسان ته اهو ئي پراڻي نظام جي تحت تعليم ڏيون پيا، اسڪولن ۾ ڪي به سهولتون موجود ناهن، ڪواليٽي ايجوڪيشن هڪ خواب بڻجي وئي آهي. تعليم کاتو محنتي استادن لاءِ ايوارڊن جو اعلان ڪري جيڪو استاد بهتر ڪم ڪري ٿو ان کي تعليم ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنيادن کي ڏسي ترقي پڻ ڏني وڃي. تعليم سڌاريو سنڌ سنواريو.

 

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن