حڪمران سستو اٽو به مهيا نه ٿا ڪري سگهن؟

0
167
سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

ملڪ جي معاشي صورتحال بابت  اڄڪلهه هر اهو شخص پريشان آهي جيڪو سمجهي ٿو ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن. معيشت جي انگن اکرن کان ته ماهر ئي واقف هوندا پر جڏهن سستي اگهه تي سرڪاري اٽو وڪڻڻ آيل ٽرڪن سان گڏ هٿياربند محافظن جي ضرورت پوي ته سمجهي سگهجي ٿو ته حالتون ڪيتريون خراب آهن.اها حالت رڳو ملڪ جي ڪنهن هڪ صوبي ۾ نه آهي جتي ڪڻڪ گهٽ پيدا ٿيڻ سبب بحران آيو هجي پر زرعي  سڏجندڙ هن ملڪ جي هر صوبي ۾ اها حالت آهي  جو  سستو سرڪاري  اٽو وٺڻ لاءِ ماڻهو ٻيا سڀ ڪم ڇڏي صبح کان وٺي شام تائين اهي سرڪاري ٽرڪون ڳوليندا رهن ٿا جتان اٽو ملڻو هوندو آهي يا وري ڪا ٽرڪ هٿ اچڻ تي اتي ماڻهن جي ايتري پيهه ٿي وڃي ٿي جو اٽي جو ٿيلهو وٺڻ جي ڪوشش ۾ هڪٻئي کي لتاڙي وجهن ٿا.زرعي ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي يا انهن ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ  ڪنهن جو ڪم آهي جو سرڪار ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود اڃا تائين سستو اٽو مهيا ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.

ڪيتري وقت کان وٺي ملڪ خاص ڪري سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿي رهيون آهن ماڻهن کي جيڪي اڳ سهولتون سرڪار مهيا ڪندي هئي اهي آهستي آهستي گهٽ يا ختم ٿينديون پيون وڃن،سرڪاري اسپتالن جو حال اهو آهي جو اتي هاڻي علاج لاءِ ٽڪي به نه ٿي ملي. سرڪاري اسڪول ايترو خرچ ڪرڻ باوجود معياري تعليم ڏيڻ جهڙا ناهن رهيا جتي رڳو ڄڻ ته پگهان لاءِ عملو مقرر ڪيو ويندو آهي. ڊرينيج کان وٺي صفائي جون سهولتون ڏيڻ مڪاني حڪومتن يا ميونسپل انتظاميا جو ڪم آهي پر سنڌ جو شايد ئي ڪو شهر يا علائقو هوندو جيڪو صاف سٿرو نظر اچي يا جتي گهٽين ۾ گدو پاڻي بيٺل نه هجي. اهي سڀ اهڙيون سهولتون آهن جيڪي ڏيڻ سرڪار جو ڪم آهي پر سرڪار عوام کي خانگي شعبن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ڪنهن کي معياري تعليم ٻارن کي ڏيارڻي آهي ته اهو خانگي ۽ مهانگن اسڪولن ۾ ٻارڙن کي داخلا وٺي ڏيڻ تي مجبور آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي صحت جو مسئلو آهي ته اهو خانگي اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، باقي جيڪو افورڊ نه ٿو ڪري سگهي اهو انهي سرڪاري ادارن جي حوالي آهي جتي بجيٽ ۾ ته ڪروڙين رپيا رکيل ڏيکاريل هوندا آهن  پر عوام کي اتان ڪجهه به نه ٿو ملي.عوام اهي سڀ سهولتون نه ملڻ باوجود زندگي جو گاڏو گهلي رهيو هو پر جڏهن معاملو  پيٽ جي باهه اجهائڻ جو اچي وڃي ته عوام جو صبر جواب ڏئي وڃي ٿو. سنڌ ۾ اڄڪلهه اهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي جو اٽو وٺڻ لاءِ ماڻهو دربدر آهن. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو ڪيترن شهرن ۾ سستو اٽو مهيا ڪرڻ لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن ميرپورخاص ۾ اهڙو واقعو ٿي ويو جو جيڪڏهن اهو واقعو ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ ٿئي ها ته تخت تاج لڏي وڃن ها پر هتي ته حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ به نه ٿي سري جو ڪو وزير مشير ڪامورو لڙي وڃي انهي خاندان جي داد رسي ڪري جنهن جي ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ لاءِ خاندان جو وڏو پيهه ۾ لتاڙجي فوت ٿي ويو.ڇا حڪمران اڃا انتظار ڪري رهيا آهن ته اهڙا ٽي چار واقعا ٻيا ٿين تنهن کان پوءِ هر شهر ۾ سستو اٽو مهيا ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا.

اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن تي شايد اٽي مهانگي ٿيڻ جو ڪو اثر نه پوندو هجي ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي کيسي جي خرچ تي ناهن هلندا انهن لاءِ سڀ رعايتون آسائشون عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي ئي پيدا ٿينديون آهن پر اهو مهانگو اٽو عوام لاءِ  جيئڻ جا رستا بند ڪري  رهيو آهي.تنهن ڪري حڪمران انهي عوام جي رکي سکي ماني لاءِ سستي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻن، ايئن نه ٿئي جو اٽي جي ٽرڪن پٺيان ڊوڙندڙ عوام اٽو نه ملڻ ڪري حڪمرانن جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪري. هونئن به چوڻي آهي ته “بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري” جڏهن ماڻهن جا ٻچا بک تي هوندا ته پوءِ اهي ڪوبه قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندا.