اچو ته سنڌ ڌرتي سان ايڪتا طورمحبتن جوڏھاڙو ملھايون

 

سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ته ھزارين سال پراڻي آھي جنھن جو اسين ايڪتا طور ڏھاڙو ملھائي پوري خطي کي پيغام ڏيندا آھيون ته سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي جو ڏڻ عقيدت ۽ احترام سان ملھائيندا آهن ۽ اها انھن جي روايت بڻجي چڪي آھي ۽ اسين سنڌي سڀئي ڀائر گڏ آھيون. جنھن جو ثبوت سنڌي ماڻھو ميڍيا جي زينت بڻجي ٻڌي ۽ ايڪي طور ڏيندا رھن ٿا. اھڙي ڏينھن ملھائڻ لاءِ سنڌي ماڻھو ڀرپورموٽ ڏئي سڄاگي جو ثبوت ڏيندا آھن. نھ رڳو سنڌ ۾ پر پرڏيھ ۾ به جٿي سنڌي رھن پيا، اتي پنھنجي جيجل امڙ جو ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ ھڪ آواز ٿي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي نڪرن ٿا. ثقافتي ڏھاڙواسان سنڌي قوم لاءِ عيد مثل آھي. سنڌي ماڻھو جڏھن سنڌي لباس پھري جڏھن گيتن تي رقص ڪن ٿا ته اھا محبت جي انتها آھي. اچو ته سڀ ڀائر ننڍا توڙي وڏا، پڪا ۽ پوڙھا گڏجي ھن عيد جھڙي ڪاڄ کي مضبوطي سان ملھائي ۽ رقص ڪري سامراجي قوتن کي ٻڌايون ته اسين سڀ سنڌي ھڪ آھيون. اسان جي وڏن جي قربانين ڏيڻ ڪري اسان کي، سنڌي قوم کي ھي موقعومليو آھي. سنڌي قوم کي پنھنجو ڏڻ محبت ۽ ڀائيجاري سان ملھائڻ کپي ۽ پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سڀني سنڌين جو فرض آھي، جيئن اسان پنھنجي دشمن سان جنگ جاري رکي سگھون ڇو ته ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪو ڪھاڙي اسان جي سڃاڻپ آھي. ڪنھن بھ ذات پات توڙي مذھب کي ھڪ پاسي رکي ايڪتا ملھائڻ لاءِ ھٿ ھٿن ۾ ڏئي انساني زنجير ٺاھي جيجل امڙ جي ٿڃ ملھايون. اسين پنھنجي سنڌي ثقافت ملھائڻ لاءِ سڀئي ويڇا وساري نفرتون ختم ڪريون.

 

گل بيگ چانگ

سنڌ جي ثقافت ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ڪردار

 

سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي تائين محدود نه آھي، بلڪه هڪ وسيع ثقافت آھي جنهن کي خاص طور اسان جي ٻهراڙي جا رهاڪو زندھ رکندا پيا اچن. سنڌ جي ثقافت ۾ ٻھراڙي جي ڳوٺن اندر سگهڙ عورتن جا ھٿرادو هنر جنهن ۾ رليون، هٿرادو پکا، پنڊيون، ڀرت جو ڪم  ان کان علاوه ڪنڀرن جا ٺھيل ٺڪر جا ٿانو، ٻهراڙي جي ماڻھن جا سادا کاڌا، سرنهن جو ساڳ، للر، چڀڙ، کير، لسي، مکڻ وغيره اسان جي ثقافت جو حصو آھن. ٻني ٻاري جو ڪم ڪار، وسندڙ اوطاقون، مهمان نوازي، سياري جي موسم ۾ مچ  ڪچهريون، اونهاري جي موسم ۾ وڻن جي ڇانو هيٺ ڪچهريون ائين کڻي چئجي ته اسان جون ٻھراڙيون اسان جي ثقافت سان سلهاڙيل آھن. جيستائين اسان جون ٻهراڙيون آباد آھن ته اسان جي ثقافت به زندھ رهندي. اسان جي ٻهراڙين کي آباد ڪرڻ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اهم ڪردار آھي. ڇو ته  اسان جي ٻھراڙين مان لڏ پلاڻ جو مکيه ڪارڻ تعليمي سهولتون نه هجڻ آھي، پر الحمد الله سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسان جي ٻھراڙين اندر اعليٰ قسم جا تعليمي ادارا قائم ڪري، اتان جي ماڻهن کي مفت ۾ اهي ئي سهولتون ميسر ڪيون آھن، جيڪي شهرن جي خانگي ادارن ۾ آھن. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ جي هارڊ ايرياز ۾ عاليشان ادارا قائم ڪري عظيم ڪارنامه سرانجام ڏنا آھن. اسان جو گمان به نه هو ته اهڙن هارڊ علائقن ۾ اعليٰ قسم جون تعليمي سهولتون ميسر ٿينديون سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعليمي جدوجهد جي ڪري سنڌ جي ٻھراڙين مان لڏ پلاڻ ختم ٿي رهي آھي. جنهن ڪري اسان جون ٻھراڙيون وسنديون رهنديون. اسان جي ثقافت پڻ دائم قائم رهندي.

 

محمد اسلم سومرو/کرڙاھ ٺري ميرواھ

ڪرپشن نا انصافي ۽ غلامي

 

خراب حڪمراني سبب سنڌ صوبو ڪرپشن جو مرڪز ۽ ڪرپشن جو قلعو بڻيل آهي. سنڌ جا چونڊيل نمائندا ھجن يا سنڌ جا بيوروڪريٽ سڀني ڪرپشن جي وھندڙ گنگا مان خوب ھٿ ڌوتا آهن. سنڌ ۾ برٿ سرٽيفڪيٽ کان وٺي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ تائين ڪرپشن آهي. سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جون اسڪيمون ھجن يا سرڪاري نوڪريون ھر ھنڌ ڪرپشن جي بازار لڳل آهي. سنڌ جا حڪمران ته روايتي وڏيرڪا ذھن آهن، پر سنڌ جو پڙھيو لکيو بيوروڪريٽ به انهن جو ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي. ڪرپشن ۽ انصاف جي عدم فراھمي اسان جي ذھنن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي ذھني غلامي جي حالت اھا آهي ته جيڪو ملازم عوام جي خدمت جي لاءِ رکيو ويو ھو اسان ان ملازم کي به صاحب بڻائي ڇڏيو آهي. سپاهي کان وٺي صوبيدار تائين سڀ صاحب ٿي ويا آهن، يوسي سيڪريٽري  کان وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر به صاحب آهن. ڊسپينسر کان وٺي ڊاڪٽر تائين سڀ صاحب ٿي ويا آهن ان جو سبب ڪرپشن ۽ ذھني غلامي آهي. حالانڪه مٿي ڄاڻايل سڀ سرڪاري ملازم عوام جا خادم ۽ نوڪر آهن پر غلامي اسان جا ذھن مفلوج بڻائي ڇڏيا آهن. پاڪستان ۽ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ رياست جو ڪو به ملازم پاڻ کي عوام جو نوڪر ۽ عوام جو خادم ڇو نٿو سمجهي؟ سڄي دنيا ۾ عھدن جي لحاظ کان سرڪاري ملازمن ۾ ڪو به متڀيد نه آهي. ڪرپشن پاڪستان کي دنيا جي ناڪام ترين رياست بڻائي ڇڏيو آهي. ڪرپشن سبب حڪمران ھجن يا بيوروڪريٽ سڀ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويا آهن. سرڪاري ملازم جيڪو عوامي خدمت عيوض پگھارون وصول ڪندو آهي اھو صاحب ڪيئن ٿيو؟ اسان کي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي مالڪ ۽ صاحب عوام آهي. گورنمينٽ سروينٽ عوام جا خادم ۽ نوڪر آهن جن کي عوامي خدمتن عيوض پگھار جي صورت ۾ معاوضو ملندو آهي.

 

مور چانڊيو/ سيھڙ

 

خيرپور يونيورسٽي ۽ ڪاليج استادن ۽شاگردن جا مسئلا آخر ڪيئن حل ٿيندا!

 

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي سنڌ جو ھڪ بھترين ناليوارو ادارو آھي، ھي يونيورسٽي سنڌ جي ٻين يونيورسٽين کان وڌيڪ اسڪالر پيدا ڪري ٿي. پر ھي يونيورسٽي سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن جي ڪري معاشي بحران جي ور چڙھيل آھي. ان م ڪو شڪ نه آھي ته ھن مقدس اداري کي ايڊمنسٽريشن تباھ ڪيو آھي پر انھن جي ناانصافين شاگردن جي مستقبل سان ڪلور ۽ زندگين سان کيڏيو آھي ته ڪاليجن جي استادن کي به نه بخشيو آھي. يونيورسٽي کي ڪاليج لڳ ڀڳ 2 اربن کان مٿي ھر سال روينيو فين جي مد ۾ ڏين ٿا پر يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليج جي استادن کي وقت تي چيڪ به نه ٿا ملن. ڪاليجن جا استاد يونيورسٽي جا چڪر لڳائي لڳائي ٿڪجي پون ٿا پر انھن کي وي سي يا ايڊمنسٽريشن مثبت جواب نه پئي ڏئي. ڪاليجن جي پروفيسرس جا لکين روپيا بلن جا 2017ع کان رھيل آھن. ھن وقت يونيورسٽي جي طرفان خانگي امتحان جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آھي ته 6 ڊسمبر تي امتحان ورتو ويندو. پر ڪاليج جي استاد تنظيم سپلا ۾ ٻن گروپن ۾ ھڪ ڌڙي امتحان وٺڻ کان بائيڪاٽ ڪيو آھي پر اصل سپلا به امتحان وٺڻ جي حق ۾ نه آھي. شاگردن جو به مستقبل داءُ تي لڳل آھي. يونيورسٽي ھن وقت تائين 2019ع کان ويندين امتحان نه ڪرايو آھي ۽ نه وري يونيورسٽي وقت تي امتحانن جو نتيجو ڏئي ٿي. اسان يونيورسٽي ۽ بورڊن جي وزير اسماعيل راھو ۽ يونيورسٽي جي وي سي انتظاميا کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪاليجن جي استادن جا جائز مسئلا جلد حل ڪريو ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪريو شاگردن جو نقصان نه ڪريو ۽ ڪو بھتر طريقيڪار جوڙيو.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

نوشهروفيروز صحافي اتحاد جي قيام جا سبب

 

گذريل ڏينهن هالاڻي جي صحافي دوست روزانه پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز چينل جي رپورٽر سيد جاني شاه 27 نومبر آچر جي ڏينهن پريس ڪلب هالاڻي تي هڪ صحافتي گڏجاڻي جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان گڏجاڻي ۾ هڪ ضلعي سطح جي صحافي تنظيم ٺاهڻ لاءِ صلاح مشورو ڪيو ويندو. ان دعوت بعد منهنجي ذهن ۾ اهو سوال اڀريو ته آخر ايترين تنظيمن جي موجود هئڻ باوجود هڪ ضلعي صحافتي تنظيم ٺاهڻ جو صحافي دوستن کي خيال آخر ڇو آيو؟ ان سوال جو جواب مون کي ان ڏينهن ملي ويو جنهن ڏينهن اها گڏجاڻي ٿي. قلم ڌڻين چيو ته ڊزن کن صحافتي تنظيمون موجود هجڻ باوجود هتان جي صحافين جا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا. ڪيترائي صحافي انتهائي ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ سرڪار طرفان ڪروڙين روپيا انهن تنظيمن کي ڏنا ويا آهن پر پيسا ڪٿي خرچ ڪيا انهن جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي رکيو. اسان جي تنظيم جا مقصد هوندا ته هر شهر جي صحافين سان رابطو ڪري هڪٻئي غلط فهيون ختم ڪري کين هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، سندن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، سندن ڏکن سکن ۾ شامل ٿيڻ ۽ سرڪار کان ننڍن شهرن جي پريس ڪلبن ۽ صحافين لاءِ فنڊ وٺڻ. اميد ته هي تنظيم انهن واعدن تي پوري لهندي ۽ اڳوڻين تنظيمن وانگر ثابت نه ٿيندي.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

تعليم کاتي جو مذاق يا نااهلي ؟

 

ڪجهه ڏينهن پهرين تعليم کاتي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو  هو ته ٽي اي او ماتلي پرائمري سائين محرم علي پهنور کي مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن اچڻ سان پوري تعلقي ماتلي جي پرائمري اسڪولن جا وزٽ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي گوسڙو ماستر به اسڪول اچڻ لڳا. پر اڄ وري اچانڪ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته سائين کي ٽي اي او ماتلي پرائمري جي سيٽ تان هٽايو ويو آهي. آئون سيڪريٽري ايجوڪيشن کان پڇڻ ٿي چاهيان ته آخر هي ڪهڙو مذاق آهي؟ هڪ ايماندار ماڻهو آخر ڪنهن کان برداشت ڇو نٿو ٿئي؟ تعليم کاتي ۾ سياست کي نه اچڻ گهرجي۔ اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سائين محرم علي پهنور کي هڪ دفعو ٻيهر ٽي اي او ماتلي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن تعلقي ماتلي جي تعليم بهتر ٿي سگهي.

 

صوبيا کوسو/ماتلي

 

نئين آرمي چيف جي سينارٽي بنياد تي مقرري

 

بلند عسڪري عهدي تائين پهچڻ وارن سڀني آفيسرن جي اهليت، قابليت، صلاحيت، حب الوطني، جرئت ۽ بهادري ڪا گهٽ ڪانهي هوندي. فوج حقيقت آهي ۽ ملڪ جي عوام وٽ اداري جو وقار بلند آهي. پر آرمي چيف جي مقرري لاءِ لسٽ مان چار پنج آفيسرن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ وزيراعظم جو صوابديد آهي. فوج ۾ سمورا جنرل انتهائي ذميوار، قابل ۽ ميرٽ تي پورو لهندڙ جنرل آهن. جيڪي ذميواريون ملڻ بعد احسن طريقي نڀائيندا آهن. اداري لاءِ ڀرپور جذبي تحت پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا رهندا آهن. فوج ۾ ڪرنل، برگيڊيئر، ميجر جنرل ۽ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ وقت به سينارٽي وارو اصول ناهي اپنايو ويندو. ڏٺو اهو ويو آهي ته گهڻن جونيئر جنرلن کي سُپر سيڊ ڪري ترقي ڏني ويندي آهي. جونيئر آفيسر اڳيان اچي ويندا آهن. جنهن سبب سينئر جنرل ترقي ۽ مقرري حاصل ناهن ڪري سگهندا. ڳالهه اها آهي ته آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي رٽائرمنٽ ٿيڻ ڪري. وزيراعظم شهباز شريف کي نئين آرمي چيف جي مقرري ڪرڻي هئي، جنهن پاڪ فوج جي آرمي چيف لاءِ چونڊ ڪري ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو، جيڪو 2019 ۾ ڪور ڪمانڊر گجرانوالا ۽ 2021 کان ڪوارٽر ماسٽر جنرل جا فرض انجام ڏئي رهيو هو. جنهن کي هن وقت آرمي چيف جو عهدو سونپيو ويو آهي ۽ ساحر شمشاد کي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ڪيو ويو آهي. سينارٽي لسٽ ۾ ٻنهي ٿري اسٽار جنرلز جا نالا پهريان هئا. جنرل عاصم منير جو نالو لسٽ ۾ پهرئين ۽ جنرل شمشاد جو نالو ٻئي نمبر تي هو. اهو پهريون دفعو ٿيو آهي ته سينارٽي بنياد تي فيصلو ڪري آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي. هن دفعي اها تقرري چيف جسٽس آف پاڪستان وانگر سينارٽي بنياد تي ٿي آهي، جيڪا ڳالهه خوش آئند ۽ ساراهه جوڳي آهي. جنهن فيصلي جو خيرمقدم ڪندي عوام خوشي جو اظهار ڪيو آهي. هن خط ذريعي نئين آرمي چيف کي سينارٽي بنياد تي مقرري لحاظ کان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. اميد ڪجي ٿي ته نئون آرمي چيف اها ذميواري ملڻ ڪري وڌيڪ ڀرپور نموني ملڪ ۽ اداري جي خدمت ڪندو رهندو.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

شهيد دانش جمالي جي خون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو

 

ڦوھ جوانيءَ ۾ گلاب مکڙيون مرجهائجي وڃن ته ان جو ڏک ۽ صدمو صدين تائين پنهنجو اثر رکندو آهي. ائين ئي دادو ۾ اسان کان ظالمن هڪ گلاب کسي ڇڏيو، هڪ ٽهڪندڙ چهرو ڦري ويا، امڙ جي آس اميدن جي دنيا اجاڙي ويا سو شهيد دانش حقيقتن خوشبوءِ ڏيندڙ گلاب هو جنهن کي جواني جي جوڀن ۾ مرجهايو ويو آهي.  دانش جمالي25 آگسٽ 2000 ۾ پوليس کاتي ۾ سرڪاري ملازم اي ايس آئي عبدالرؤف جمالي جي گهر ۾ اک کولي. ننڍي لاءِ کان سٻاجهڙو سلجهل ۽ صابرين طبيعت جو مالڪ هو. دانش جمالي پرائمري تعليم پنهنجي پاڙي ۾ اقراء اسڪول مان ورتي ان کان پوءِ ميٽرڪ طالب المولا هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪرڻ کان پوءِ  انٽر استاد بخاري ڪاليج مان ڪيائين. شهيد دانش جمالي بي اي پارٽ ٽو جو شاگرد هو.  شهيد دانش جمالي کي 18 آڪٽوبر 2022 تي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.  جڏهن رات جي وقت شھر جي ڳتيل آبادي جي وچ ۽ ريلوي اسٽيشن جي بلڪل ويجهو  دانش پنهنجي دوست دلاور بوزدار سان گڏ، موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هئا، ته ڦورون هنن کان گاڏي کسڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هنن مزاحمت ڪئي جنهن تي ڦورون هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ دانش جمالي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ سندس دوست دلاور بوزدار کي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيو. هڪ جوابدار کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي مان  گرفتار ڪيو ويو، جيڪو ڦورن جو سهولت ڪار هو. جنهن پوليس کي سڀ تفصيل ڏنا ڦورو مڪمل طور تي ظاهر ٿي ويا هئا. پر پوءِ پوليس مسلسل سست رفتاري سان ڏوهارين جي گرفتار  لاءِ ڪم ڪندي رهي ڏوهارين کي ڇوٽ ملي وئي ۽ هو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي وڃي ٻين مخفي علائقن ۾ رهڻ لڳا. هڪ جوابدار نياز جمالي ڪنهن وڏيري ڀوتار ڪاموري جي معرفت اچي گرفتاري پيش ڪئي.  پر پوليس پنهنجي سستي، ڪاهلي  واري روايت کي برقرار رکيو پئي اچي، جو اڄ شھيد دانش جمالي کي شهيد ٿئي ٽيتاليھ ڏينهن ٿي گذريا آهن، پر افسوس مان چوڻو ٿو پوي ته اهڙي هن جديد دور ۾ شهيد دانش جا قاتل نه گرفتار ٿيا آهن. جنهن شھر ۾ 1600ڦورو روپوش هجن سي به معمولي نه پر وڏا ڏوهاري. اتي اسين شھر واسين پنهنجي ٻچڙن کي هن بدامني جي ماحول ۾ ڪيئن اسڪول ڇڏيون؟اسين شھر واسي ۽ شهيد دانش جمالي جا وارث اھو مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد دانش جا قاتل گرفتار ڪيو ۽ انهن کي انجام تائين پهچايو امن قائم ڪرايو ته دادو واسي ڪو سُک جو ساھ کڻي سگهن.

 

اصغر جمالي

 

ڇا گوسڙو صرف استاد ئي آھن.؟

 

سماج اندر استاد کي مقدس يعني پيغمبري پيشي سان ڀيٽيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته استاد پنھنجي علم، عقل، ڏاھپ ۽ خداداد صلاحيتن کي استمعال ڪري سماج مان جھالت کي ختم ڪري ماڻھن ۾ ماڻھپو پيدا ڪري ٿو ۽ کين اعليٰ مقام تائين پھچڻ ۾ پنھنجو احسن ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا جي سڌريل سماج اندر استاد جو وڏو مان مرتبو آھي کيس عزت، شھرت حاصل آھي پر اسان جي سماج اندر استاد کي اھا عزت ۽ شان و شوڪت نه ٿي ڏني وڃي جنھن جو ھو حقدار آھي. ھتي بس جي ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر، لوھار، واڍي، رازي کي ته استاد جي لقب سان پڪاريو ويندو آھي پر جيڪو علم جي لولي ڏئي ٿو جيڪو فرش کان عرش تائين پھچائي ٿو ان کي ماستر چيو ويندو آھي. نه صرف ايترو پر جيڪو ماڻھو گھران ڪاوڙبو ان جي به استاد تي ئي ڪاوڙ ھوندي ۽ بنا ڪنھن تصديق ۽ ثبوتن جي سندس واتان ھميشه ھي لفظ ٻڌا ويندا ته استاد ڊيوٽي چور آھن، استاد پڙھائن نه ٿا ۽ ھن وقت اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي چند فردن جي ڪري استاد کي اڻ وڻندڙ لقبن سان ڀيٽيو وڃي ٿو جھڙوڪ ” گوسڙو استاد“. آءٌ مڃان ٿو ته ھر ڊپارٽمينٽ ۾ ڪاريون رڍون آھن پر جيئن پنج ئي آڱريون برابر نه آھن تئين سڀئي استاد به ھڪ جھڙا نه آھن. ھا البته ڪجھه اھڙا استاد به ھوندا جيڪي پنھنجا فرائض ايمانداري سان ادا نه ڪندا ھوندا پر ڪجھه فردن جي ڪڌي عمل سبب سڀني استادن جي عزت  نفس کي ڇيھو نه پھچايو وڃي. آءٌ ھن پليٽ فارم تي سڀني ساڃاہه وندن کان ھڪڙو جنرل سوال پڇڻ چاھيان ٿو ته ڇا گوسڙو صرف استاد ئي ھوندو آھي؟ ڇا ٻين ڊپارٽمينٽ جا ملازم گوسڙو نه آھن؟ ھتي ھن سوال پڇڻ سان منھنجو ھر گز اھو مطلب نه ڪڍيو وڃي ته ڪو آءٌ گوسڙو استادن جي حمايت ڪريان پيو. مون سميت ڪيترا ئي ساڃاہه وند ماڻھو جڏھن گوسڙو استادن جي لسٽ ڏٺي ھوندي ته سندن ضرور دل آزاري ٿي ھوندي ۽ ٿيڻ به گھرجي ڇو ته اسين پھريان ئي تعليم جي شرح ۾ ٻين صوبن کان گھڻو پوئتي آھيون ۽ وري مٿان ھزارن جي تعداد ۾ گوسڙو استاد به ھجن ته پوءِ سنڌ جي ماڻھن جي تقدير ڪيئن ٺھندي؟ ھن پليٽ فارم تي  آءٌ تعليم سان لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن آڏو ھڪ عرض رکندس  ته انھن ماڻھن جي به پت وائکي ڪئي وڃي جيڪي استاد کي گوسڙو بڻائي ڪري ھن قوم سان دشمني ڪري رھيا آھن. انھن تعليم دشمن عنصرن خلاف به ايڪشن کنيو وڃي پوءِ چاھي اھي ڪيڏا به طاقتور ڇو نه ھجن.

 

عبدالستار کوکر/ڪنب