منھنجو علي ڏانھن لکيل خط!

 

علي، مون کي خبر آھي ته تون اڄ ڪلھ تمام گھڻو  اداس ۽ اڪيلو محسوس ڪندو ھوندين پر علي تون منھنجو محسن آھين، ھن دنيا ۾ منھنجو توکان سواءِ ٻيو ڪو به مخلص ڪونھي، توکي ھن دنيا جي دستور جي خبر آھي، ڪجھ مجبورين جي ڪري پنھنجي پيارن کان جدا ٿيڻو پوي ٿو. علي تنھنجي اڪيلائي  منھنجي دل کي محسوس ٿئي ٿي. علي تون اداس نه ٿيندو ڪر، مان واپس موٽي ايندس، توکي ياد ھوندو ته پاڻ ڪنھن روڊ جي موڙ تي مليا ھئاسين، ڪنھن پڇيو ھو ته توھان روڊ جي موڙ تي ڇو اڪيلا اڪيلا بيٺا آھيو؟ علي تو ھڪ شعر ۾ جواب ڏنو ھو “ھن موڙ کان شروع ٿئي ٻيھر جا زندگاني تنھنجي الھڙ وھي ھجي منھنجي به ڦوھ جواني” پوءِ اھو اجنبي اتان ھليو ويو ھو، ھن کي خبر ھئي سالن پڄاڻا وڇڙيل ڪونج وانگر مليا ھئاسين ۽ پنھنجي ھن سنسان رستي جي موڙ تي شام 3 وڳي تائين محبتن جي محفل جاري ھئي، تنھنجي چھري تي بيحد خوشي ھئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ پاڻ صدين کان پوءِ مليا آھيون. علي توکي ياد ھوندو تو چيو ھو سرفراز اڄ تون گھر واپس نه وڃجان، اڄ توکي اجازت ڪونھي، اڄ تون منھنجو مھمان ٿي رھ، پوءِ تنھنجي ھٿ کي ھٿ ۾ ڏئي تنھنجي دل جاءِ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم ته پاڻ وري ملنداسين، “وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو.” علي مون کي ياد آھي ته تنھنجي اکين ۾ اداسي ۽ نمي اچي وئي ھئي، جڏھن مون توکي چيو ھو ته اڄ منھنجي واپس سانگھڙ وڃڻ مجبوري آھي، علي ان ڏينھن مون پنھنجي دل تي پٿر رکي سانگھڙ ڏانھن سفر ڪيو ھو، مون سنسان دڳن ڏانھن مڙي مڙي به ڏٺو ھو، مون کي تنھنجو درد محسوس ٿيو ھو، گھر آيس ته ايئن لڳو جيئن جسم مان جان کي رولي آيو آھيان. علي اڄ مون کي تنھنجي ڏاڍي ياد آئي، علي آئون وري موٽي ايندس، علي تون مون کي وساري نه ڇڏجان، علي تنھنجون تصويرون اڄ به منھنجي ڪتابن ۾ رکيل آھن، علي مان موٽي ايندس، وري ساڳئي موڙ تي ملنداسين. علي وري تون مون سان ملندين. تنھنجو پنھنجو دوست، سرفراز جيڪو زندگي جي ڪنھن موڙ تي تو کان وڇڙي ويو هو.

 

سرفراز احمد لغاري/ڳوٺ حاجي احمد لغاري

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟

 

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي دھشتگرد حملي کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا دروازا بند ٿي چڪا ھئا. لاڳيتن ڇھن سالن جي ڪاوشن کان پوءِ آخرڪار بين الاقوامي ڪرڪيٽ جو سلسلو پاڪستان ڏانهن وريو آهي. بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي ملڪ ڏانھن واپسيءَ بعد ڪيترن ئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي جنھن ۾ قومي اسٽيڊيم ڪراچي، قذافي اسٽيڊيم، راولپنڊي اسٽيڊيم، ملتان اسٽيڊيم، گوادر اسٽيڊيم، فيصل آباد اسٽيڊيم ۽ پشاور اسٽيڊيم شامل آھن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کان سواءِ ٻين شھرن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنھن ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو نالو سرفهرست آھي. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو افتتاح 1961 عيسويءَ ۾ ڪيو ويو ھو. نياز اسٽيڊيم نه رڳو ڏيھي پر پرڏيهي ميچن جي ميزباني پڻ ڪئي آھي. جنھن ۾ ناليواريون ٽيمون انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ انڊيا جھڙيون ناليواريون ٽيمون ٽيسٽ توڙي ون ڊي ميچون کيڏيون آهن. اوھان کي اھو به ياد ڏياريندو ھلان ته پاڪستاني قومي ٽيم جي بالر جلال الدين 1982 عيسويءَ ۾ آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل جي پھرين ھيٽرڪ به نياز اسٽيڊيم ۾ ئي ڪئي ھئي. ھن بد قسمت اسٽيڊيم 1987 عيسويءَ ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جون ميچن جي ميزباني پڻ ڪئي هئي. ڪجھ سالن کان نياز اسٽيڊيم جي حالت تمام خراب آھي، جتي ھاڻ ڏيھي ميچون کيڏڻ جي سھولت به موجود ناھي. تازين برسات ۽ ٻوڏ پوري سنڌ جيان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد کي به بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو آھي، ھينئر تائين اسٽيڊيم مان برساتي پاڻيءَ جو نيڪال ممڪن ناھي ٿي سگھيو. اسٽيڊيم ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد جو حصو آھي، جيڪا هڪ زير وسيلا ڪاميٽي آھي پر گرائونڊ جي سار سنڀال کان بلڪل بيزار آهي. ميونسپلٽي جي دائري ۾ ايندڙ قاسم آباد جي وڏن حصن مان ته پاڻي نڪري ويو آھي پر اسٽيڊيم کي صرف ھڪ مشين فراهم ڪري بيزاري جو اظهار ڪيو ويو آھي. ميونسپلٽي وٽ نه ته وسيلا هئا نه ئي اهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ماهر. ان ۾ نه رڳو انتظاميا پر صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو به پورو پورو ڏوهه آھي، جنھن اسٽيڊيم کي ان تباھي ڏانهن ڌڪيو. ڏيھي يا پرڏيھي ميچون ته پري پر ھاڻ ته اسٽيڊيم علاقائي (ريجنل) ميچون جي ميزباني ڪرڻ جي حالت ۾ به ناھي.

 

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

 

ماروئڙا مرجهائجي نه وڃن!‎‎

 

برساتن ۽ ٻوڏن ڪارڻ ٿيل تباهيون سڄي دنيا آڏو آهن،  ڀلا ڪنهن کي خبر هئي ته اوچتو ايتري وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻو پوندو جو هر مارو پنهنجي حفاظت لاءِ ڪافي وقت اڳ ئي هي ديس ڇڏي ويندا پر شايد ايئن ٿئي به ڪو نه ها، تاريخ اسان کي اهو واضع ٻڌائي ٿي ته پاڪستان سان محبت ۽ خاص طور تي سنڌ ڌرتي جا ماروئڙا ڪنهن به مصيبت ۾ ان ڌرتيءَ کان ڌار ناهن ٿيا پر هر ڏکئي وقت ۾ ڌرڻي ڌڻين جي حيثيت سان هتي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي جو ساٿ پي ڏنو اٿن ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪروڙين خاندان گذريل برساتن ۽ موجود ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن، ان جو حد کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پڻ ٿيو آهي، گهر کان بي گهر ۽ مختلف قسمن جي بيمارين ۾ وڪوڙجي چُڪا آهن ۽ هن وقت هو ڊپريشن جهڙي مرض کي به منهن ڏئي رهيا آهن، سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ رضاڪار دوستن پنهنجي وس آهر انهن جي مدد لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. انهن کي کاڌي پيتي، رهڻ، راشن، ڪپڙي، مفت دوائن جهڙيون سهولت ڏيڻ جي ڪوششون به ورتيون آهن پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان موجب اسان سڀني کي متحد ٿي متاثر خاندان جي صحت ۽ پکڙجندڙ بيمارين کان بچاءَ ۽ صاف پاڻي ۽ ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر دوستن ڪووڊ 19 دوران اسان سڀني جون جانيون بچائڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو، وري ماروئڙن تي ڏکيو وقت آيو آهي، وري هڪ ڀيرو ٻيهر اسان سڀني کي گڏجي انهن متاثر ماڻهن جون جانيون بچائڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ هفتيوار ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون ته جيئن هي ماروئڙا رابيل جا گل مرجهائجي نه وڃن.

 

راحيل بڙدي/خيرپورميرس

 

برساتي وهڪرن جي تباهي ۽ سياري جي ايندڙ موسم!

 

اڃا منهنجي سنڌ جا مارو هن برسات ٻوڏ مان جان آجي ڪونه ڪرائي سگهيا آهن، مٿان وري سياري جي تڙپائندڙ موسم هنن ماروئڙن جون متيون منجھائي ڇڏيون آهن، هن وقت منهنجا مارو پنهنجن اجهن کي ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن ته پنهنجي ٻچن کي اجھو ٺاهي ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي، ڪئين ڪجي؟ ڪو وسيلو ڪونهي، ڪائي واھ ڪونهي، ۽ نه ئي وري ڪو واهر ڪرڻ وارو آهي، هتي ته رهبر ئي رهزن بڻيل آهن، هن هيڏي گرمي ۾ منهنجي ماروئڙا الائي ڪيئن پيا زندگيون گذارين، اهو اسان جي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي ڪا ڪل ڪانهي ۽ نه وري ڪڏهن انهن ماروئڙن کان ڪو ڪمدار يا پنهنجا واٺا موڪلي ڪا خبر چار لڌي اٿن. هن گرميءَ کي ته ڇڏيو جيئن تيئن ڏک ڏاکڙا سهي ڪجھ وقت ڪڍي ويا پر سياري جي سرد موسم منهنجي ماروئڙن جا اڃا الائي ڪيترا لاش ڳڙڪائيندي؟ سياري جي سرد موسم اڃا الائي ڪيترن مائرن جون جھوليون خالي ڪرائيندي؟ اسان هن وابا مان الائي ڪيتريون جانيون وڃايون آهن؟ منهنجي ماروئڙن ۾ تمام وڏي سهپ رواداري محبت ۽ تمام گهڻو صبر آهي، توهان رڳو اهو سوچيو جڏھن اسان کي يا اسان جي ٻچڙن کي ڪجھ به ٿيندو آهي ته اسان ڪيڏا لڏي ويندا آهيون ۽ اسان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيون. ايڏو بيرحم ۽ رهزن شايد ڪو هجي پر مون کان ڪير پڇي ته رهزن ۽ راشي ڪير آهي؟ آءُ ته بنا سوچي اهو چوندس ته وقت جا حڪمران توهان سوچيو ته هن وبا ۾ ڇا توهان حڪمرانن تي ڪو اثر پيو آهي؟ يا هن وبا ۾ اسان جي حڪمرانن جو ڪو نقصان ٿيو آهي؟ ڇا اسان جي حڪمرانن جي گهر ڀاتين کي ڪو نقصان پهتو آهي؟ ڇا انهن جو اولاد هن وبا جي ور چڙهيو آهي؟ ڇا اسان جي چونڊيل نمائندن مان ڪو هن وبا ۾ برباد ٿيو آهي؟ جي نه ته پوءِ ڇا اسان هر ڏکيو وقت اسان مسڪينن لاءِ ڇو آهي؟

 

صدام سنڌي/پيروسڻ

 

عالمي دنيا مان ملندڙ ڪروڙين ڊالرن جي امداد ۽ بي يارو مددگار ٻوڏ متاثر!‎‎

 

سنڌ ۾ مون سون جي برساتن وڏي تباهي مچائي آهي، لکين گھر ڊھي پيا، ڪروڙين انسان دربدر ٿيا پر سنڌ ۾ حڪومت ۽ انتظاميا ڪٿي به ڪو به رليف جو ڪم ڪندي نظر نه آئي. حڪومت ۽ انتظاميا ھڪ ڳوٺ کان ٻيو ڳوٺ ۽ ھڪ شھر کان ٻيو شھر ٻوڙائيندي نظر آئي، شايد جنهن جي پويان عالمي امداد جو آسرو ھو، جيئن ئي ٻوڏ وڌندي وئي سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جي ڊالر وٺڻ جي لاءِ ھاءِ گھوڙا به وڌندي وئي، ھنن کي ماڻهن جي گھرن يا ماڻهن جي مرڻ جو ڏک نه ھو ھنن جون رڙيون ۽ ماتم صرف عالمي امداد لاءِ ھو، جڏهن سڄي دنيا پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ کي ٻوڏ سٽيل ڏسي امداد ڏيڻ شروع ڪئي ته ھنن اھا امداد ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائڻ جي بدران پنهنجن گودامن ۾ لڪائي ڇڏي، جيڪا جج صاحبن ڇاپا ھڻي راشن ۽ تمبو گودامن مان بازياب ڪرائيندا رھيا ۽ امداد جي ورهاست وري زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ کان سواءِ بنگلن ۽ اوطاقن ۾ ويھي مخصوص من پسند ماڻهن ڏي راشن ۽ تمبو گاڏين ۾ لوڊ ڪري موڪليندا رھيا. اھي ننڍا وڏيرا وري حقيقي سيلاب متاثرين جي بدران پنهنجي سياسي حمايت ۽ مخالفت جي بنياد تي وڏن وڏيرن کان مليل سامان پنهنجن خاص چمچن ۾ ورھائيندا رھيا. سنڌ حڪومت جي مس مينيجمينٽ ۽ غلط پلاننگ ھزارين لکين سنڌي ماڻھو جيڪي حقيقي ٻوڏ متاثر آهن اھي ويچارا اڃا تائين بي يارو مددگار ويٺل آهن، اھي پنهنجي ڊٿل گھرن جا گارڊر وڪڻي پنهنجي ۽ ٻچن جي پيٽ جي باھ اجھائين پيا، عالمي دنيا جي سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي ڏنل امداد واڳون جي وات ۾ وئي ھلي، ڪنهن کي به ڪجھ به نه ملي سگھيو. ھينئر سنڌ جي سيلاب متاثر علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري چڪي آهي پر سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ ھر ضلعي جي انتظاميا روايتي طور تي لاتعلق بڻيل آهي، اسان عالمي دنيا، ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن ۽ ٻين ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سيلاب متاثرن جي توهان اين جي اوز وسيلي يا پاڻ سڌي طرح مدد ڪريو، باقي ھي بکيا حڪمران ڪنهن کي ڪجھ به نه ڏيندا، سيلاب آيو سيلاب گذري ويو، ھاڻي سنڌ ۾ فوري طور تي سيلاب متاثرن جي بحالي جي ڪمن جي ضرورت آهي.

 

مور چانڊيو/سيھڙ

 

منهنجي نفس جي مون کي نصيحت!

 

منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ڪو به اڻ سڃاتل آواز سڏي يا ڪو ئي خطري وارو آواز ڏئي ته مان لبيڪ چوان ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ سڏڻ واري جي آواز تي اٿندو هئس، جنهن کي مان سڃاڻندو هئس ۽ انهن رستن تي هلندو هئس جن بابت مون کي ڄاڻ هئي ته هي سولا آهن پر هاڻ ڄاڻ مون لاءِ هڪ گاڏي بڻجي وئي آهي، جنهن تي سوار ٿي مان اڻ ڄاتل منزل طرف ويندو آهيان ۽ سولائيءَ سان منهنجي لاءِ هڪ ڏاڪو بڻجي وئي آهي، جنهن تي چڙهي مان خطري تائين پهچندو آهيان. منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان انهيءَ حسن تي نظر رکان، جيڪو صورت رنگ ۽ کل جي پٺيان لڪل آهي، جنهن کي ماڻهو مڪروهه سمجهن ٿا ۽ انهيءَ کي بصيرت جي اک سان ايستائين ڏسندو رهان جيستائين ان جو حسن مون تي ظاهر نه ٿي وڃي ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ حسن کي گهٽ وڌ ٿيندڙ شعلن جي صورت ۾ ڏسندو رهندو هئس، جيڪي دونهين جي بادلن ۾ ڍڪيل هوندا آهن، پر هاڻ دونهون هلڪو ٿيندو فنا ٿي ويو آهي ۽ مان صرف روشن شين کي ئي ڏسڻ لڳو آهيان، منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ان خوشبوءِ کي سنگهڻ سيکاريو جيڪا نه گلن مان ڦٽندي آهي ۽ نه آتش دانن مان اڀرندي آهي ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ خوشبوءِ جو عاشق هئس، جنهن کي مان باغن شيشن ۽ عطردانن ۾ تلاش ڪندو هئس پر هاڻ مان اها خوشبوءِ سنگهڻ لڳو آهيان جيڪا نه دکائي ويندي آهي نه اوتي ويندي آهي ۽ پنهنجي سيني کي انهن پاڪ ساهن سان ڀرڻ لڳو آهيان، جيڪي هن دنيا جي ڪنهن به باغ کان ناهن گذريا ۽ جنهن کي هن فضا جي ڪنهن به هوا پنهنجي ڪلهن تي ناهي کنيو.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

آخر غريب ئي ظلم جي نشاني تي ڇو آهن؟

 

ھن ملڪ ۾ جيڪي به تباھيون ٿيون آهن انهن جي نشاني تي ھميشه غريب عوام ڇو رهيو آهي؟ ھن تباهيءَ جا اثر جاگيردار ۽ چونڊيل نمائندن تي آخر ڇو نٿا پون؟ غريبن سان ھمدردي ڏيکارڻ لاءِ اسان جا حڪمران اليڪشن وقت احساسن سان ڀرپور اسان جي ماروئڙن جي جذبن سان کيڏندا آهن، ماروئڙن  جي موٽ تان قربان وڃجي، جو ھر اليڪشن ۾  ھي اٻوجھ عوام تڏي جو مان رکندي ھنن کي مانائتي موٽ ڏين ٿا پر اھي ظالم حڪمران ھن وقت انهن ئي ماروئڙن کي پنهنجي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو اٿن. سنڌ جو مظلوم عوام ھر اليڪشن وقت ھنن راشي حڪمرانن تي انڌو اعتماد ڪري وري به ايندڙ وقت ۾ بھتريءَ جي اميد رکي ھنن ظالم حڪمرانن کي چونڊرائن ٿا پر ھر اليڪشن  کٽي وڃڻ کان پوءِ ھي سياسي ليڊر سواءِ دوکي، فريب جي ڪجهه ڪونه ٿا ڏين. ھي حڪمران غريب عوام کي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ڪيڙن ماڪوڙن جيتري اھميت به ڪونه ٿا ڏين. اي ظالم حڪمرانو! ايندڙ اليڪشن ۾ انهن ڳوٺن ۾ سوچي سمجهي  وڃجو، جن ڳوٺن ۾ ھن وقت توهان وڃڻ ته ڇا پر انهن ڳوٺن جي حالت ڏسڻ به پسند نٿا ڪريو، آخر توهان کي ھن مظلوم عوام تي رحم ڪڏهن ايندو؟ ھن وقت اھڙي مصيبت ۾ به توهان تي ڪو به اثر نه پيو آهي جڏهن غريبن جا اجھا ته ڇا انهن جا ٻچا به نه بچا آهن، توهان جي غلط پاليسن جي ڪري ڪيترين ئي امڙين جون جھوليون خالي ٿي ويون آهن پر توهان کي پوِءِ به انهن غريبن جو احساس نه ٿيو، ايترو به نه سوچيو ته اھي غريب پنهنجا ننگ اس، گرمي ۾ وٺي پنهنجيون نياڻيون قطارن ۾ بيھاري توهان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندا آهن، پوءِ به اھڙي مصيبت ۾ توهان انهن سان گڏ بيھڻ بجاءِ انهن سان ظلم جي انتحا ٿا ڪريو، انهن جي واھر بجاءِ انهن جي حق تلخي ٿا ڪريو، توهان ته اھڙي مصيبت ۾ به پنهنجي ووٽر جي سار نه لڌي ويتر انهن لاءِ آيل امداد به پنهنجي ڀڀ ۾ ھڻي ڇڏيو ٿا، توهان کي ڪنهن غريب جي ٻچڙي جو خيال ڪونه آيو ته ان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه آهي به يا نه؟ جڏهن به ملڪ تي قدرتي آفتون آيون آھن تڏهن غريب تي اثر پيو آ، باقي حڪمنرانن ھميشه اھڙن وقتن تي پنهنجا اڪائونٽ ڀريا آهن.

 

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

ميرپورماٿيلو کي سبزي منڊي ڏيو!

 

ميرپورماٿيلو تعلقو، ضلعي جو درجو رکندڙ آهي، هن شهر جي اردگرد وڏي آبادي آهي ۽ هي شهر ضلعي گهوٽڪي جي دل به آهي، هي شهر وچ تي هجڻ ڪري اڪثر سرڪاري ۽ خانگي آفيسون موجود آهن ۽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڀاڻ فيڪٽريFFC  به هتي آهي، تنهنڪري هن کي ضلعي جو درجو مليل آهي پر تعجب ان مان به ٿئي ٿو ته هن شهر ۾ ڪا به سھولت موجود ناهي، اتي هڪ وڏي آبادي رکندڙ تعلقي ۾ سبزي منڊي ناهي، ان جو ڪارڻ هتان جي ڪجھ مافيائون به آهن جيڪي تر جي سبزي جو پنهنجي مرضيءَ سان اگھه لڳائي خريد ڪري ريڙهين وارن کي وڪرو ڪندا آهن ۽ اهي هارين کي به اهو مناسب اگھه نه ڏيندا آهن، تنهن ڪري اها مافيا نٿي چاهي ته هن شهر ۾ ڪا سبزي منڊي قائم ٿئي، جنهن جي ڪري شهري توڙي هاري طبقو پريشان آهي، هارين کي مناسب اگھه نه ملڻ ڪري هو سبزي گهٽ پوکين ٿا، جنهن جي ڪري ڏهرڪي يا گهوٽڪي جي سبزي منڊين مان دڪاندار سبزي گهرائين ٿا ۽ ريڙهين وارا جيڪا سبزي مافيا آهن انهن کان سبزي خريد ڪري وڏي مهانگي سبزي وڪرو ڪن ٿا. ريٽ لسٽ به مهيا ڪئي ويندي آهي پر اهي ريڙهين وارا اهو چئي هر ايٽم تي 20 کان 30 رپيا وڌيڪ وٺندا آهن تي ريٽ لسٽ واري اگھه تي اسان کي سبزي اتان نٿي ملي ته اسان اوهان کي ان اگھه تي ڪيئن ڏيون؟ سبزي منڊي جي قائم ٿيڻ سان هن مافيا کي ٻنجو ايندو ۽ شهرين توڙي ننڍن شهرن جي دڪاندارن کي سبزي مناسب اگهن تي ملندي ته عوام هن مهانگائي جي طوفان کان بچي پوندو. ٻيو ته هارين کي جڏهن سبزين جو مناسب اگھه ملندو ته سبزي پوکڻ جو لاڙو به وڌندو، جنهن ڪري تازي سبزي ملندي، هن وقت جيڪا ريڙهين تي دڪاندارن کان ٿوري گهٽ اگھه تي سبزي ملي ٿي اها ڪجھ ڏينهن جي پراڻي هوندي آهي، ٻيو  ته ڪو به اھڙي سبزي وڪرو ڪرڻ وارن کي روڪڻ وارو ناهي، تنهن ڪري ميرپورماٿيلو ۾ سبزي منڊي قائم ڪري هن آزار مان جان آجي ڪرائي وڃي.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

هڪ چٺي سيڪريٽري تعليم، اڪبر لغاري صاحب ڏانهن!

 

جيئن ته 22.09.2022 تي تعلقي مٺي ٿرپارڪر جي پرائمري اسڪول ٽيچر جي ٻئي مرحلي جي ٽينٽيٽو لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اسان هارڊ ايريا جي اميدوارن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، مٺي تعلقي جي ميل، فيميل لسٽ الڳ ٺاهي وئي آهي ۽ ٻين تعلقن جي ميل، فيميل گڏيل ٺاهي وئي آهي، صرف مٺي تعلقي ۾ هارڊ ايريا جي سيٽن تي سافٽ ايريا جي فيميل اميدوارن کي رڪمڊيڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتي ڪافي اميدوار ويٽنگ ۾ ويٺل آهن، پهرين ڳالھ ته سافٽ ايريا جو اميدوار ھارڊ ايريا ۾ ڀرتي نه ڪيو وڃي جي ڪيو ويو آهي ته گرلس جي اسڪولن تي ڪيو وڃي، لسٽ موجب سيڪنڊري سائيڊ GBLS اسڪولن ۾ به فيميل کي رڪمڊيڊ ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھ فيميل اميدوار پاليسي موجب مڙس جي ڊوميسائيل تي سافٽ مان ھارڊ ايريا ۾ ڀرتي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته تعلقي مٺي يوسي ڀڪوئو جي فيميل اميدوار کي سافٽ ايريا ۾ ويٽنگ تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته گورنمينٽ پاليسي به اها ئي ٺاهي آهي ته استاد پري جي اسڪولن تي نوڪري نٿا ڪري سگن ان ڪري کين ويجهن اسڪولن تي مقرر ڪيو وڃي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته اڪثر شهر جي فيميل ٻهراڙيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ان کان سواءِ جي اي ايس ٽي جي پهرين ۽ پي ايس ٽي جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ به مينارٽي جي سيٽن تي سافٽ ايريا جي اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيڪا اسان ھارڊ ايريا جي اميدوارن سراسر ناانصافي آهي. ان ڪري ضلعي ٿرپارڪر جي موجوده ٽينٽو لسٽ تي نوٽيس وٺي ھارڊ ايريا جي اميدوارن کي جائز حق ڏياريو وڃي.

 

اعجاز علي سميجو/ مٺي، ٿرپارڪر