ٻوڏ ھيٺ آيل ملڪ جي حڪمرانن جون عجيب اوليتون

0
168
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عجيب صورتحال آھي اڌ کان وڌيڪ ملڪ پاڻي ھيٺ آھي ذري گھٽ ٽي ڪروڙ ماڻھو دربدر آھن ڪنھن کي ڇت ناھي، تھ ڪنھن کي ماني نھ ٿي ملي تھ ڪي بيمارين ۾ ورتل آھن.ماڻھو ٻوڏ جي پاڻي مان پنھنجي پيارن جا لاش ڪڍي رھيا آھن تھ بيماريون روزانو ڪيترن ماڻھن جون حياتيون کسي رھيون آھن.وري جڏھن ملڪ جي سياسي ڌرين جي سرگرمين کي ڏسجي ٿو، اھي حڪمران ھجن يا مخالف ڌر وارا تھ لڳي ئي نھ ٿو تھ اھي بھ ڪو انھي ملڪ ۾ سياست ڪري رھيا آھن  جيڪو ٻوڏ ھيٺ آھي ،انھن جون ترجيحون ئي الڳ آھن، انھن جا مفاد ئي ٻيا آھن ۽ انھن جون دلچسپيون ئي ٻيون آھن.انھن جي بيانن ڳالھين ۽ سرگرمين کي ڏسي لڳي ئي نھ ٿو تھ ڪو اھو ملڪ ٻوڏ ھيٺ آيل آھي يا وري انھن جو ڪو عوام سان تعلق آھي.اھي وفاق جا حڪمران ھجن يا رياستي ذميوار،صوبن ۾ حڪومتن جا چڱا مڙس ھجن يا آئيني عھدن تي ويٺل شخصيتون، انھن کي مرندڙ،ٻڏندڙ عوام جي ڪا پرواھھ ئي ناھي،پرواھھ آھي تھ پنھنجي سياسي مفادن جي جنھن سياست سان ھو ڳنڍيل آھن ۽ اھا سياست وري ڪري عوام جي نالي تي رھيا آھن.لڳي ٿو انھن جي عوام بھ الڳ آھي ڇاڪاڻ تھ جيڪي ڳالھيون اھي ڪري رھيا آھن تھ انھن جو انھي عوام سان ڪو تعلق ناھي جيڪا ٻوڏ جي ڪري تڪيلفن ۾ آھي.

جنھن ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ آھي انھي ملڪ جو صدر فرمائي رھيو آھي  ته آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، اهو سنجيده معاملو آهي، سياستدانن ۽ پارليامينٽ کي ويهي طئي ڪرڻ گهرجي. اپوزيشن ۽ حڪومت چونڊن بابت ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪن. ھوڏانھن وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي تھ پنجاب ۾ تبديلي ضروري آهي، 15 ميمبر رابطي ۾ آهن، تبديلي لاءِ 4، 5 ووٽن جي ئي ضرورت آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ جو فيصلو ڪابينا يا پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي تھ هي صوبي ۾ گورنر راڄ نه ٿا لڳائي سگهن. نواز شريف ايندي ئي پڪڙيو ويندو، هن چيو ته پنجاب حڪومت مون کي الله تعاليٰ ڏني آهي، شريف خاندان پنجاب حڪومت جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جا خواهشمند پنهنجو فڪر ڪن.  اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي موڪلڻ جي معاملي تي وفاق ۽ ڪي پي آمهون سامهون اچي ويا آھن، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي اسلام آباد ۾ فورسز موڪلڻ جي مخالفت ڪندي چيو  آهي ته ڪي پي  ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، وفاق ڪابه مدد ناهي ڪئي، سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت هتي آهي، وفاق کي سيڪيورٽي اهلڪار نه ڏينداسين، وفاقي گهرو وزير اسلام آباد لاءِ سيڪيورٽي گهري رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪهڙا دهشتگرد اچي رهيا آهن؟ سڌ سماءُ جي خاص صلاحڪار بيريسٽر سيف چيو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪي پي کان پوليس گهري رهيو آهي، صوبائي حڪومت پنهنجي پوليس فورس وفاق کي نه ٿي ڏئي سگهي. ان کان اڳ پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر چيو هو ته پنجاب ۾ پهرين ئي پوليس گهٽ آهي، اضافي نفري ٿي ته پوءِ وفاق کي پوليس ڏينداسين.اھي ۽ انھن جھڙا ٻيا کوڙ بيان ۽ ڳالھيون پڙھي ٻڌي لڳي ئي نھ  ٿو تھ ڪو  ھي صدي جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ ھيٺ آيل ملڪ جا حڪمران يا سياسي اڳواڻ آھن،جيڪي پنھنجون توانايون ۽ ملڪي وسيلا  ٻوڏ جي تڪليف ھيٺ آيل عوام کي رليف پھچائڻ ۾ ڪتب آڻڻ بدران پنھنجي سياسي ۽ اقتداري ويڙھھ ۾ پورا آھن

اسان سمجھون ٿا تھ اقتداري ۽ سياسي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ ھر سياسي ڌر جو حق آھي پر جيڪي معاملا قانوني طور واضح آھن انھن کي  پنھنجي سياسي مفادن لاءِ جرڳي وانگر حل ڪرڻ جي ڪوشش اھا بھ ان وقت جڏھن اڌ کان وڌيڪ ملڪ ٻڏل ھجي، عوام بک ۽ بيمارين ۾ مري رھيو ھجي، لکين انسان ڇت کان محروم ھجن عوام تي ٺٺول ڪرڻ کانسواءِ ڪجھھ بھ نھ آھي. آئيني عھدي تي ويٺل شخص جيڪڏھن حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڪنھن مقرري لاءِ گڏ ويھڻ جي صلاح ڏئي سگھي ٿو تھ ڇا ھو عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻنھي ڌرين کي گڏ ويھارڻ جي صلاح نھ ٿو ڏئي سگھي تھ ھن وقت پنھنجا اختلاف وساري عوام جي بحالي لاءِ ڪم ڪيو باقي سياسي جھيڙا پوءِ نبيري وٺبا يا ھلندا رھندا.