لاڙڪاڻي جي بالا آفيسرن ۽ انتظاميه کي گذارش!

جيئن ته 1923ع کان 1926ع تائين رائيس ڪئنال واهه لاڙڪاڻي شهر کان بلڪل ٻاهران اتر طرف ڪڍيو ويو هو، هن وقت وڌندڙ آباديءَ جي ڪري مذڪوره ڪئنال شهر جي وچ مان گذري رهيو آهي، ان وقت ڪئنال جا ٻئي ٽاپ ڪچا هئا، سنه 2010ع ڌاري ڪئنال جي ساڄي ڪپ سان محترمه فريال ٽالپر صاحبه سنگل روڊ ٺهرايو هو جيڪو گھاڙ واهه ۽ ابڙو واهه ريگيوليٽر واري پراڻي 9 فوٽ سوڙهي پل مٿان گذري لاهور محلا مين روڊ وايا رائيس ڪئنال ريگيوليٽر کان شيخ زيد اسپتال موڙ ۾ پوي ٿو، هن سوڙهي ۽ چند قدمن واري روڊ سان هڪ ايريگيشن جي پڪي مقدم لانڍي ۽ هڪ مسجد شريف آهي، ٻي ڪا به آبادي ڪونه آهي. جڏهن  17-2016ع ڌاري رائيس ڪئنال ٽاپ سان اٽڪل 35 فوٽ ويڪرو روڊ ٺهرائي سوڙهي پل جي چند قدمن تي گھاڙ ۽ ابڙو واهه مٿان 24 فوٽ ويڪري روڊ سان مين روڊ ۾ پوندڙ پليون ٺهرايون ويون پر ان جي باوجود ٻه طرفي سواري هي سوڙهو روڊ شارٽ ڪٽ استعمال ڪري ٿي جتان ٻه طرفي ٽريفڪ هلڻ ڏکي آهي ۽ مذڪوره شارٽ ڪٽ رستو اڳتي رائيس ڪئنال روڊ وٽ ٽه واٽي جي صورت اختيار ڪري ٿو وڃي جتي ڪو به ٽريفڪ اهلڪار مقرر نه آهي، جنهن ڪري وليد ٿاڻي جي حد ۾ ان هنڌ ڪيترائي خطرناڪ حادثا ٿي چڪا آهن، ان لاءِ جناب ڪمشنر صاحب، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ رائيس ڪئنال جي ايريگيشن انجنيئر کي مودباڻي گذارش ٿي ڪجي ته مهرباني ڪري انساني همدرديءَ تحت جيئن 2010ع کان اڳ وارو مين روڊ مسجد شريف جي ڪنڊ وٽ لوهي شيخن وارو وڏو گيٽ عوامي جي پيادل گذر گيٽ وجھي مسجد شريف جي نمازين ۽ خلق خدا کي اڳتي لاءِ ڪنهن اڻ وڻندڙ حادثي کان بچايو وڃي.

محمد مٺل جوڻيجو/لاڙڪاڻو

سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ ڏانهن خط!‎‎

جيئن ته سائين توهان جي ڪاوشن کان پوري سنڌ واقف آهي پر آخر لوئر اسٽاف تي ايتري ڪٽ ڇو چڙهيل آهي، هلو اڳ مينيوئل طريقو هوندو ان ۾ ڪم ۾ رنڊڪ سمجهه ۾ اچي ٿي پر اڄ هن ڪمپيوٽر جي دور ۾ هڪ ڪلڪ سان خانا پوري ڪري سگھجي ٿي. ضلعي ٽنڊوالهيار جي آءِ بي اي جي استادن جي ڀرتي ۾ گھڻي سست رفتاري ۾ ڪم پيو هلي. ٻين ضلعن ۾ پهريون فيز مڪمل ڪري جي ايس ٽي جا استاد اسڪولن ۾ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته هتي 40+ واري پاليسي تحت استادن کي اڃا آفر آرڊر به ناهن مليا ۽ پي ايس ٽي جا جي چار کان اٺ تاريخ تي ڊاڪومنٽس ورتا ويا هئا پر ان جي اڃا تائين اسڪرونٽي ناهي ٿي. جڏهن ته سائين جن کي عرض ڪندا هلون ته پوري ضلعي ۾ ڪافي بند پيل اسڪولن جا فوٽيجز ميڊيا تي هلي رهيا آهن انهن اسڪولن ۾ وڏيرن جا واڙا ۽ گودام ٺهيل ڏيکاريا پيا وڃن. پر جڏهن ڊي اي او پرائمري وٽ انهن بند اسڪولن جون خالي سيٽون ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي، وڏي بيحسي جي ڳالهه ته اها آهي ته گورنمنٽ جي 30 کان 35 شاگردن تي هڪ سيٽ خالي جي بنياد تحت سو يا ڏيڍ سو شاگردن واري اسڪول ۾ به هڪ هڪ سيٽ ڳڻائي وئي آهي، ان عمل تحت ڀلي ڪيڏو به سٺو استاد هجي تعليم جي ڪواليٽي ڪو نه ٿو ڏئي سگهي. عجيب ڳالهه ته اها آهي ته جديد دور ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪي بنيادي قدم ناهن کنيا ويا، تعلقي چمبڙ جي يوسي نصير خان لغاري ۾ في ميل استاد جي هڪ به سيٽ خالي ناهي، جڏهن ته گرلس  اسڪول موجود آهن، هڪ ڳوٺ مير حسن لغاري ۾ جتي استاد نه هئڻ جي ڪري گرلز اسڪول بند پيل آهي ۽ ان ڳوٺ جي فيميل ڪينڊيڊيٽ نالي شهزادي ٽيسٽ پاس ڪري آفيسن جا چڪر لڳائي رهي آهي پر آفيس مان موٽ ملي ٿي ته سيٽ خالي ناهي. ٻيو اسڪول علي خان لغاري ۾ آهي جتي ڳوٺ ۽ ويجهي ڳوٺن کان ڇوڪرين جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سو ٿي ويندو پر ان لاءِ صرف هڪ استاد پڙهائي رهي آهي، سائين جن کي عرض ٿو ڪجي ته تعليم قوم جو بنيادي حق آهي، ان لاءِ ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٺاهه برداشت نه ڪيو وڃي ۽ ڀرتي جي عمل کي تيز ڪري نوجوان استادن کي پنهنجي قوم جو فرض نڀائڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

مظفر بهاول لغاري/ گلاب لغاري

ٻن تعلقن کي ملائيندڙ واحد ٺري نارا روڊ ڪڏھن ٺهندو؟

ٺري ميرواھ تعلقو آباديءَ جي لحاظ کان ضلعي خيرپور جو وڏو تعلقو هجڻ باوجود تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب هتان جا رهواسي هن جديد مواصلاتي دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آھن، هن وقت تعلقي ميرواھ جا ڪيترائي لنڪ روڊ ورهين کان مرمت نه ٿيڻ ڪري عوام لاءِ آزار بڻجي ويا آهن، جن ۾ ٺري ميرواھ کي نارا تعلقي سان ملائيندڙ ٺري نارو روڊ به آھي، جيڪو ٺري ميرواھ کان وارياسي ڀٽن مان ٿيندو نارا سان ڳنڍجي ٿو، جيڪو 2010ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو، روڊ جا ٻئي پاسا وارياسيون ڀٽون هجڻ ڪري برسات دوران نيون وهي اچڻ سبب روڊ جو هن وقت نالو نشان ئي مٽجي چڪو آھي، روڊ جي مرمت لاءِ مختلف وقتن تي سرڪار پاران نارا تعلقي جي گئس ۽ آئل فيلڊ جي رائلٽي فنڊ مان ٽينڊر پڻ جاري ڪيا پر الائي ڪهڙن سببن جي ڪري هي روڊ اڃا تائين تعمير نه ٿي سگهيو آھي. نتيجي ۾ خاص نارا ۽ ٺري ميرواھ تعلقي جو عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آھي. روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پوڻ ڪري روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آھن، موٽر سائيڪل يا ڪار پنگچر ٿيڻ جي صورتحال ۾ ڪٿي به ويجهو پنڪچر شاپ نه هجڻ ڪري روڊ تي سفر ڪندڙ ماڻھو فيملين سميت سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن. ٺري ميرواھ تڪ جي چونڊيل نمائندن پاران هر اليڪشن ۾ عوام جي مطالبي تي اقتدار ۾ اچي روڊ تعمير ڪرڻ جا واعدا ته ڪيا ويندا آھن پر اڃا تائين انهن تي عمل نه ٿي سگهيو آھي. اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺري ميرواھ نارا روڊ جلد تعمير ڪرائي عوام سان انصاف ڪيو وڃي .

عابد حسين شر/ ٺري ميرواهه

مڇر مار اسپري ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو!‎‎

مون سون جي ھلندڙ برساتن کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن لاءِ ٽينٽ، راشن، مڇرمار اسپري جي منظوري ڏيڻ کان پوءِ کپرو تعلقي جي 14 يوسين لاءِ به سنڌ حڪومت پاران مليل بجيٽ مان ڪجهه يوسين ۾ مڇرمار اسپري ۽ پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪير نه پھتو آهي. ٽائون ڪاميٽي کپرو ۾ ڪروڙين رپيا اسپري مشين سميت آيل بجيٽ به موجوده آهي، سياسي پارٽي جي بااثرن جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن جي ور چڙھي ويا آهن، کپرو تعلقي جي چند يوسين ۾ جيتوڻيڪ يوسي ڀٽ ڀائٽي، يوسي روڻجھو ۽ يوسي کاھي جي ڪجهه من پسند ڳوٺن ۾ اسپري ڪرائڻ کان پوءِ ڊيزل، پيٽرول ۽ مليل بجيٽ صاحبن جي کيسن کي گرم ڪرڻ لاءِ بند لفافي جي صورت ۾ مليو وڃي. ڪجهه ڏينهن کان مڇرن جي وڌندڙ آزار کان پوءِ سوشل ميڊيا کان ويندي انتظاميا کي جاڳائڻ لاءِ مھم ھلائيسين پر انتظاميا ڄڻ ته نشو ڪري ننڍ پيل ھجي. نيٺ مجبور ٿي گذريل ھفتي ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪئيسين ته کپري تعلقي جي سمورن يوسين ۽ ھر ڳوٺ ۾ مڇرمار اسپري ڪرائي ڏني وڃي گڏوگڏ پٺتي پيل گھرن مان پاڻي ڪڍايو وڃي، جنهن تي سول جج کپرو ملوث عملدارن کي نوٽيس موڪليا ان کان پوءِ ڄڻ ته وڏو ٿرٿلو مچي ويو ھجي. مختيارڪار کپرو يوسي  ڀٽ ڀائٽي جي سيڪٽري جي مون کي ڪال آئي، چيائون ظفر ڪٿي آھيو؟ مڇرمار اسپري ڪرڻ اچون پيا. جنهن تي مون وراڻيو ته سمورن يوسين جي ھڪ ھڪ وارڊ ۽ ھڪ ھڪ ڳوٺ ۾ روز جي بنياد تي مسلسل ھڪ مھيني تائين  اسپري ڪرائي ڏيو، يوسي جي سمورن نوجوانن کي گذارش ڪندس ته پنهنجي حقن لاءِ پنهنجي ڳوٺن جي مالڪي  ڪرڻ لاءِ ڪنهن بااثر جي در تي ڌڪا کائڻ برياني جي پليٽ تي ضمير جو سودو ڪرڻ يا وري ڳاڙھي ٻوڙ سڻڀي ٽڪر تي ھلڻ بجاءِ عملي ڪم ڪريو، عدالت ۽ ڪورٽن جا دروازا کڙڪايو. توهان جي ٽئڪس جي پئسن مان مڇرمار اسپري يا مختلف ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ مليل بجيٽ اھي کائن ٿا جيڪي توهان سان مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪري توھان جي وسيلن تي ڌاڙيلن جيان ڌاڙا ھڻي ويٺا آهن.

ظفر حسين مري/کپرو

ري رڪارڊنگ قومي تراني جي قومي پرچم ڪشائي تقريب!

حڪومت پاڪستان 67 سالن کان پوءِ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن فيصلي تي حڪومت عمل ڪندي هڪ سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪري ٿيندڙ 75 سالا يوم آزادي ۽ قومي پرچم ڪشائي تقريب ۾ لانچ ڪري افتتاح ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف 14 اگسٽ تي ري رڪارڊيڊ قومي تراني جي قومي پرچم ڪشائي تقريب جو افتتاح ڪندو. ٻيهر ريڪارڊنگ ۾ نوان آواز ۽ موسيقي جي جديد سازو سامان استعمال ڪرڻ کان پوءِ ان کي پرچم ڪشائي تقريب ۾ پيش ڪيو ويندو. ڳالهه اها آهي ته قومي تراني جنهن کي اعلى سطح جي ڪاميٽي 6 سالن جي محنت کان پوءِ تيار ڪري پهريون ڀيرو 13 اگسٽ 1954ع تي ريڊيو پاڪستان کان نشر ڪيو هو. جنهن جي هاڻي ري رڪارڊنگ ڪئي وئي آهي. جنهن جا ٻول حفيظ جالنڌري لکيا ۽ ڌُن احمد غلام علي تيار ڪئي. جيڪو انگلستان جي ٽرنٽي ڪاليج آف ميوزڪ جو تعليم يافتا هو، جنهن جي تياري ۾ لڳ ڀڳ 40 موسيقي ۽ سازن جو استعمال ڪيو ويو. دل موهيندڙ موسيقي ۽ سازو آواز جي هم آهنگي جي ڪري اسان جي تراني کي دنيا جي بهترين ترانن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاڪستان 67 سالن کان پوءِ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو، ان کي عملي جامون پڻ پارايو آهي، جنهن کي جديد موسيقي ۽ جديد ٽيڪنالوجي کان ڪم وٺي 11 نون آوازن ۾ رڪارڊنگ ڪري 75 سالا يوم آزادي ۽ قومي پرچم ڪشائي تقريب ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

مظلوم مظفر سومرو سان انصاف ڪيو!

ڪجھ ڏينھن اڳ تعلقي ٺل جي ويجهو ھڪ ڳوٺ جي مدرسي ۾ ھڪ شاگرد جو لاش ڇت سان ٽنگيل ھٿ آﻳﻮ هو. لاش جي سڃاڻپ بعد ان جو نالو مظفر سومرو ۽ عمر لڳ ڀڳ 12 سال ٻڌائي پئي وڃي. ڪجھ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ھي آپگھات جو واقعو آھي پر ھي ٻار اڃا معصوم آھي، جيڪو اڃا بالغ به نه ٿيو آھي سو آپگھات جي باري ۾ ڇا ڄاڻي؟ ھڪ ھفتو گذرڻ بعد به مظلوم مظفر سومرو جا وارث انصاف جا منتظر آھن. مقتول جا وارث پريس ڪلب جي آڏو ڌرڻو هڻندا آهن پر ان جو به ڪو کڙتيل نه نڪرندو آھي. لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا خاموشيءَ جا بت بڻيل آھن. اسان سنڌ سرڪار کي ھن واقعي جي شفاف جاچ ۽ انصاف جي گھر ڪريون ٿا.

جاويد کوسو/ ٺل، جيڪب آباد

قيديءَ جي ڊائري!

(حصو پهريون)

هڪ ٿڌي صبح جو اُس وٺڻ لاءِ پارڪ ۾ سيمينٽ واري بئنچ تي ويهان ٿو ته رجو ڀائي رُلندي اچي مون وٽ نڪري ٿو، سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ چوي ٿو ته توهان سڀ سنڌي شاهه جي رسالي جي ايتري ڳالهه ڇو ٿا ڪيو، اُن جي ان ڳالهه سان منهنجي چهري تي مُرڪ وکري ٿي وڃي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارو رسالو هُن جي هٿ ۾ هو، مون هُن کي ٻڌايو ته لطيف تي ڳالهائڻ تمام سولو به آهي ۽ تمام ڏکيو به آهي، ڇاڪاڻ ته هو رڳو شاعر ناهي، هو هڪ عظيم شاعر سان گڏوگڏ هڪ يگانو مفڪر، فلسفي، سماجي سائنسدان، ٻوليدان ۽ هڪ نئين انسان جو تصور تخليق ڪندڙ ڏاهو فنڪار ۽ تخليقڪار پڻ آهي. لطيف تاريخ جو هڪ يگانو ماڻهو هو، اها ڳالهه آئون رڳو سنڌ نه پر عالمي انساني فڪر جي تناظر ۾ ٿو چوان، توهان جيترو وڌيڪ عالمي علم ۽ فڪر پڙهو ٿا ۽ پوءِ جڏهن لطيف کي سمجھو ٿا ته بس ماڻهو حيران ٿيو وڃي ته سنڌ جھڙي ڪُنڊائتي سماج ۾ لطيف جھڙو مفڪر آخر ڪيئن پيدا ٿيو؟ هن جھڙو ماڻهو اوڀر ته ڇا پر اولهه ۾ به پيدا نه ٿيو آهي، شاعريءَ ۾ ايڏو گھرو انسان ۽ سماجي فڪر ۽ زندگيءَ ڏانهن اهڙي غير معمولي فلسفي ۽ ڏاهپ جي بلندين تي پهتل روش بس لطيف جو ئي ڪمال آهي، جي اسين لطيف جي واٽ تي هلون ته دنيا جي هڪ عظيم ۽ سگھاري قوم ته ڇا پر هڪ مثالي قوم بڻجي سگھون ٿا.

ويڄين سين وائيءَ پيا، ڪِري نه ڪيائون،

جي پند پاريائون، ته سگھائي سگھا ٿيا.

لطيف هڪ نهايت گھڻ طرفو ماڻهو آهي، هن جو هر پاسو ايترو ته وسيع ۽ ڳرو آهي جو ماڻهو پنهنجي سموري حياتي سندس ڪم تي تخليقي تحقيق ڪري سگھي ٿو. لطيف تي اڃا صحيح معنيٰ ۾ گھربل تحقيقي ڪم ٿيو ئي ناهي، جي ٿيو به آهي ته لکت ۾ نه ٿيو آهي. رجو ڀائيءَ ڪجھه سوچڻ کان پوءِ ٿو چوي ته ڊاڪٽر بلوچ وڏي محنت ڪئي آهي، لطيف شناسي ۽ سنڌي سماجي جي اڏاوت تي، هُن جي ڳالهه ٻڌي هڪ ٽهڪ نڪري ويو ۽ مون هُن کي ٻڌايو ته بيشڪ ڊاڪٽر بلوچ سندس ٻوليءَ جي لغت تي وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن تي هُن کي سلام آهي پر پوءِ به سندس ٻولي، فن ۽ فڪر تي گھڻ رُخن کان تخليقي تحقيق ۽ پرک ڪرڻ جي وڏي گھرج آهي. کوليءَ جا پارٽنر ٽي ويءَ جي ٻکن ۾ ڏسان ٿو9، لوهي دروازي مان ٻاهر جي ايندڙ روشنيءَ جو هلڪو پردو کوليءَ جي اندر هلڪو اُن لکو سوجھرو وکيريندو رهي ٿو، بهار جي موسم پنهنجي فُل جوڀن ۾ اچي پهتي آهي، پرديسي پکي پنهنجي وطن ڏي تيزيءَ سان موٽي رهيا آهن، ٻُٽن کان گل وڻن کان پَن تيزيءَ سان جُدا ٿي رهيا آهن، هوا ۾ به هڪ الڳ خُمار آهي پر خبر ناهي ڪڏهن پنهنجي ڳوٺن ڏي موٽ کائينداسين، خبر ناهي ته ڪڏهن اسان تان قيديءَ جو ٺپو لهندو. ڪاش قيدي نالو دنيا جي ڪنهن ڪُتي جو به نه هجي ها.

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد/13مارچ، 2022

منهنجي ڪاليج جو سفر (سفرنامو)!

(حصو پنجون ۽ آخري)

نعت ڏاڍي زبردست بيٺي ۽ سڀن ساراهي پر منهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ هئي ته ڇوڪريون وري به کليون هونديون، سينٽر کان پو موٽ تي وين ۾ ڀيڻ ٻڌايو ته سمون اڄ پاڻ مڃايئي. پڇيومانس ته ڪيئن چيائين ته جيڪي ڇوڪريون تنهنجي تراني تان کليون هيون اهي سڀ پيون چون ان ڏينهن جنهن ڇوڪري تان اسان کلئون پيا ان زبردست ۽ سريلي نعت پڙهي، ان ڏينهن ۾ سر علي گوهر ڪميشن جو انٽرويو ڪليئر ڪيو، سينٽر تي ان جي مٺائي کاڌيسين، سينٽر تي به مزو هوندو هو اڄ به اهي ڏينهن ياد ٿا اچن، ڇا ته لمحا هئا، بس هاڻ يادگيريون آهن، بس دل ۾ جيڪي گهر ڪري ويون آهن ۽ جڏهن به اهي يادون جاڳنديون آهن ته چهري تي هڪ مسڪراهٽ وکري ويندي آهي، ان کان پوءِ سر علي گوهر سينٽر تي ڪيريئر ڪائونسلنگ جو هڪ پروگرام هو، جنهن ۾ اسان رضاڪاراڻيون خدمتون پيش ڪيون ۽ سر لاءِ تحفا به ورتا، ڇو ته ڪال ليٽر کان پوءِ سر کي وڃڻو هو، ايئن وري ڪورونا آئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اسان 11هين ۽ سينٽر کي الوداع ڪيو ۽ اسان جو 12هين جو سفر شروع ٿيو. جڏهن 12هين جو سيڪشن شروع ٿيو ته مان ڪراچي هئس ۽ پوءِ حيدرآباد، تڏهن اسان جي فيملي مڪمل حيدرآباد ۾ شفٽ ٿي وئي ۽ مان وري به ڳوٺ آيس ۽ ڪاليج ۽ سينٽر شروع ڪيم، مهينو کن سينٽر پڙهيم ته وري سر وارن جو سينٽر ڇڏي موري شروع ٿيس ۽ اتي بس ٽيوشن وٺندو هئس، ايئن ڏينهن گذرندا رهيا ۽ 2021ع به اچي ويو، مان پنهنجي پڙهائي موري ۾ جاري رکي ته فيبروري ۾ سر امداد وارن ٽوئر رکيو ۽ مان به ان ٽوئر تي ويس، ان وقت ڪافي وقت کان پوءِ ٺاروشاهه جي دوستن سان مليس، ڏاڍو مزو آيو ۽ وري مارچ ۾ شايد سر امداد وارن جي سينٽر جي الوداعي پارٽي هئي سو دوستن جي گهڻي اسرار تي سر امداد کان اجازت وٺي مان به پارٽي ۾ ويس ۽ اتي دوستن ۽ سڄڻن کي ڏسي ڏاڍو سڪون مليو، ڪورونا جي لاهن چاڙهن جي ڪري اسان جي امتحانن جو شيڊيول اڳتي ٿيندو پيو وڃي، مان به وچ ۾ ڏاڍا حيدرآباد جا چڪر هنيا ۽ عيدالفطر کان پوءِ وري ڪراچي ويس، ڏيڍ مهيني کان پوءِ وري حيدرآباد آيس، تڏهن 26 جولاءِ کان امتحانن جو شيڊيول آيو، انهن ڏينهن ۾ جولاءِ مهينو شروع پيو ٿئي، اڃا حيدرآباد ئي هيس ته دوستن ٻڌايو ته پنهنجي ڪاليج ۾ فيئرويل آهي، سو تون به اچ مان وري 2 هفتا حيدرآباد ۾ رهي  ڳوٺ آيس، هونئن ته شايد عيد تي اچڻ ٿئي ها پر پارٽيءَ جي ڪري اچڻو پيو. دوستن سان پارٽي کي ڏاڍو انجواءِ ڪري باقائدي يادگار ايوينٽ ٺاهيوسين ۽ اسان جا 26 جولاءِ کان امتحان ٿيا، ۽ امتحانن پورا ڪرڻ کان بعد اڄ هي تحرير پيو لکان، اميد ته توهان کي “منهنجي ڪاليج جو سفر” وڻيو هوندو.

عبدالسميع سولنگي/حيدرآباد