اشو آف دي ڊي .. لالو رانئڪ جو ٺُل

0
220

  هيءُ ٺل لالو رانئڪ شهر کان اولھه ڏکڻ جي ڪنڊ تي، ڳوٺ ٿيٻا کان اولھه طرف ۽ ڳوٺ فتح محمد ماڇيءَ کان اوڀر پاسي يعني ٻنھي ڳوٺن جي وچ تي آهي. ٻنهي ڳوٺن جي وچ وارو فاصلو اٽڪل ڏيڍ ڏيڍ ڪلوميٽر ٿيندو. هيءُ ٺل ديھه پيچوها ۾ واقع آهي. وارھ لاڙڪاڻي جي قومي شاهراھ جي ڏکڻ ۾ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. هيءُ ٺل سنڌ جي ٻين ٺلن وانگر خاص اهميت جو حامل آهي. مذڪور ٺل زمين جي مٿاڇري کان اٽڪل ويھه فوٽ کن اوچو آهي. هن جي اولھه پاسي ڏانهن ڏاڪڻ جا نشان ظاهر آهن ۽ ڏاڪڻ جي هيٺان کيس ٻه دروازا ونگن تي ٺهيل آهن ته جيئن انهن جي هيٺان پاڻيءَ جو گذر آسانيءَ سان ٿئي ۽ ڪنهن به نقصان کان محفوظ رهي. منجهس ڪچيون ۽ پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن، جن جي اوساري گاري سان ٿيل آهي. ٺل ويڪر ۾ اٽڪل چار کان پنج ميٽر ٿيندو. ۽ ڊيگھه ۾ لڳ ڀڳ ڏھ ميٽر ٿيندو. منجهس اوڀر پاسي ڏانهن فوٽ ڏيڍ جا جارا /روشندان ٺهيل آهن. وچ ۾ پڪ سِرو گولائون ٺل ٺهيل اٿس جنهن کي مقامي ماڻهن کان وڏو نقصان پهتل آهي. جيڪي جارا نظر آيا، انهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هي مٿان کان ڍڪيل هوندو. پر وقت جي ستم ظريفي کيس ڪاپاري ڇيهو رسايو آهي. ان کان علاوه برساتن به ساڻس ڪافي هاڃو ڪيو آهي. تنهن هوندي به ڏسڻ وٽان آهي،

ليڪن مٿان کان ڊٺل آهي. هيءُ مذڪوره ٺل ۽ ماروءَ جو ٺل (تعلقو ميهڙ) پاڻ ۾ بيهڪ جي حساب سان ڪي قدر ملن جلن ٿا. ماروءَ جو ٺل به ڪچين ۽ پڪين سرن سان جُڙيل آهي. ۽ هيءُ ٺل به ڪچين ۽ پڪين سرن سان جوڙيو ويو آهي. هن مذڪوره ٺل جو ذڪر ڪنهن به تاريخدان نه ڪيو آهي. مگر حاڪم شاھ بخاري ۽ بدر ابڙي صاحبان جي نظرن کان پڻ اوجهل رهيو آهي. بدر ابڙي ۽ حاڪم شاھ بخاري صاحبان  پنهنجي پنهنجي ڪتابن ۾ گاجي کهاوڙ جي ٺل (تعلقو وارھ) جو ته بيان ڪيو آهي، پر هيءُ تاريخي ٺل سارسنڀال نه هئڻ ڪري پنهنجي ساخت وڃائي نه ويهي ۽ سندس رڳو نالو وڃي رهي  ڇوته گاجي کهاوڙ جو ٺل پنهنجو وجود بچائي نه سگهيو ۽ صرف سندس نالو ڪاغذن ۾ پڙهيو وڃي ٿو. (ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو واٽس ايپ ميسيج. تصويرون روشن تونيو)