پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس

0
381
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس جاري آهي

 دفاع واري وزارت، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي اختيارين پاران اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي آهي

اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن پڌرائي ۾ چيو هو ته وفاقي گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته چونڊن جي انتظامن لاءِ فوج، رينجرز ۽ ٻي نفري جي حوالي سان آگاهي ڏني وڃي

 اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته چونڊن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي سميت حساس ادارن کان بريفنگ ورتي ويندي، اليڪشن ڪميشن سومر ڏينهن پنجاب جي نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي به گڏجاڻي لاءِ گهرايو آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ  ڪوئيٽا جي پوليس لاهور پهچي وئي