عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ  ڪوئيٽا جي پوليس لاهور پهچي وئي

0
197
عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ڪراچي:ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ کڻي لاهور پهچي وئي، عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ پهتل ٽيم ۾ ايس پي انويسٽيگيشن سميت 3 آفيسر شامل آهن

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي عدالت ادارن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا

 ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ گذريل ڏينهن لاهور لاءِ رواني ٿي هئي، ڪوئيٽا جي ٽيم عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ لاهور پهتل آهي، عمران خان جي گرفتاري جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا جي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست به داخل ڪري رکي آهي

هي به پڙهندا

نئون چيف اچڻ سان ڪا تبديلي ناهي آئي، سختيون وڌي ويون آهن: عمران خان