نئون چيف اچڻ سان ڪا تبديلي ناهي آئي، سختيون وڌي ويون آهن: عمران خان

0
289
نئون چيف اچڻ سان ڪا تبديلي ناهي آئي، سختيون وڌي ويون آهن: عمران خان
نئون چيف اچڻ سان ڪا تبديلي ناهي آئي، سختيون وڌي ويون آهن: عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون سوچيو نئون چيف ايندو ته تبديلي ايندي، پر ڪابه تبديلي ناهي آئي، ويتر سختيون وڌي ويون آهن

برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اِهو بيان هلي رهيو آهي ته مان آرمي چيف سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو، مونکي اسٽبيلشمينٽ جي ضرورت ناهي، جنهن پارٽي سان گڏ ملڪ جو عوام هُجي، اُن کي ڪنهن ٽئين ڌُر جي ضرورت ناهي هوندي

هن چيو ته مان رڳو ملڪ ۾ عام چونڊون چاهيان ٿو ۽ اُن لاءِ هو ڪنهن سان به ڳالهين لاءِ تيار آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مونکان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسٽبيلشمينٽ اوهان سان ڳالهيون ڪري ته ڇا اوهان ڳالهيون ڪندا؟، جواب ڏنم ته مان سياسي ماڻهو آهيان، چورن کانسواءِ سڀني سان ڳالهيون ڪندس

عمران خان اور ترہب اصغر

عمران خان واضح ڪيو ته هُن نئين آرمي چيف کي ڳالهين جي دعوت ڏني نه وري شهباز شريف کي ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي

فوجي قيادت جي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي رويي بابت سوال تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نئين چيف جي اچڻ سان ڪو فرق ناهي پيو، جنرل باجوه جي دور ۾ اسان تي ڪيس ٺاهيا ويا، ان کان اڳ ڪڏهن به سينيئر سياستدانن تي ايترو تشدد ناهي ٿيو، اسان سوچيو هو ته نئون چيف آيو ته تبديلي اچي ويندي، پر تبديلي نه آئي آهي، بلڪه مشڪلاتون وڌيون آهن

پرويز الاهي کي پارٽي صدر بڻائڻ جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته وائيس چيئرمين پارٽي جي ٻئين نمبر جي قيادت آهي، جنهن کي پارٽي قيادت ڏني آهي

عمران خان چيو ته منهنجي خلاف 70 کان وڌيڪ ڪيس آهن، اهي ڪيس عجيب نوعيت جا آهن جيڪي عدالت ۾ ويندا ئي ختم ٿي ويندا

هي به پڙهندا

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو عمران خان سان ملاقات کان انڪار

آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن: آرمي چيف