آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن: آرمي چيف

0
192

ڪراچي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻپ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ڌوڏي نه ٿا سگهن

آرمي چيف جنرل عاصم منير گوادر جي دوري دوران وڌيڪ چيو ته گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ٽوڙي نٿا سگهن

آرمي چيف کي گوادر ۾ سيڪيورٽي صورتحال، فارميشن جي آپريشنل تيارين، سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي،  جنرل عاصم منير سمورين رينڪس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي

آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پيشيوراڻي عزم سان ڪم جاري رکڻ تي زور ڀريو، آرمي چيف مقامي معزز ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي

آرمي چيف جو چوڻ هو ته آڱرين تي ڳڻپ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي امن ۽ خوشحالي واري عزم کي ڌوڏي نه ٿا سگهن، هن چيو ته عوام ۽ فوج امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن

آرمي چيف عاصم منير علائقي لاءِ تعليم، سولر سسٽم لڳائڻ، ماهي گيري، پاڻي، صحت، راندين ۽ ٻين منصوبن جو اعلان به ڪيو

هي به پڙهندا

ڏکيو وقت گذري ويو، ڊيفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو ، ملڪ هاڻي ترقي ڪندو: آرمي چيف

پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته فرق نه پوندو: آصف زرداري