سنڌ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن دوران ٻن سڳن ڀائرن سميت 7 ڄڻا فوت، 6 زخمي

0
265

سنڌ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن دوران

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن دوران ٻن سڳن ڀائرن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، نينگر سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

 حيدرآباد سي آءِ اي سينٽر وٽ ٽرڪ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا، فوتين جي سڃاڻپ ميرپورخاص واسي محمد قيوم ۽ سندس ڀاءَ نعيم طور ٿي، پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

جڏهن ته ڄامشورو ويجهو انڊس هاءِ وي تي اڻڄاتل گاڏيءَ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ڏير ۽ ڀاڄائي فوت ٿي ويا، هڪ نينگر زخمي ٿي پيو، فوتين ۾ مسمات ڀانا ۽ ڏير موٽيو خاصخيلي شامل آهن، زخمي ٿيل نينگر ڄامشورو اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڀريا سٽي ويجهو به قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ڳوٺ عمرڪلهوڙو واسي نادر ڪلهوڙي  ۽ وسيم ڪلهوڙي ٿڏي تي دم ڏنو، ٻئي فوتي پاڻ ۾ سئوٽ هئا

قمبر گرڊ اسٽيشن ويجهو مسافر بس جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان امير علي ڪوري فوت، سندس چاچو عبدالجبار زخمي، ڪنڊيارو ويجهو سکر کان ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزدا ڪلٽي ٿي پئي، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 پوليس موجب مزدا جو پويون ٽائر اوچتو نڪري وڃڻ سبب مزدا ڪلٽي ٿي، زخمي ٿيل سعيد، اسلم، بابر ۽ صابر کي ڪنڊيارو اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه ريفر ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ميهڙ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 عورتون قتل