پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو

0
326
تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
تحريڪ انصاف 5 فيبروري تي انٽراپارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاھور: پنجاب جي 20 تڪن تي ننڍي چونڊ، پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 15 سيٽون ٻهاري وئي، نون ليگ رڳو 4 سيٽون کٽيون ۽ هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو

ملتان جِي صوبائي سيٽ 217 تي مخدوم شاهه محمود قريشي جو پٽ مخدوم زين حسين قريشي کٽي ويو، پي پي 288 ڊي جي خان تي پي ٽي آءِ جو سردار سيف الدين کوسا، پي پي 83 خوشاب واري سيٽ پي ٽي آءِ جو حسن اسلم،  پي پي 282 ليا جِي سيٽ پي ٽي آءِ جو قيصر عباس خان کٽي ويو

پي پي 202 تي تحريڪ انصاف جو رٽائرڊ ميجر محمد غلام سرور کٽي ويو، پي پي 224 لوڌران تي پي ٽي آءِ جو اقبال شاهه ڪامياب، پي پي 158 لاهور واري سيٽ پي ٽي آءِ جو محمد اڪرم عثمان کٽي ويو، پي پي 167 لاهور تي به پي ٽي آءِ جو شبير گجر ڪامياب ٿي ويو

 پي پي 125 جهنگ تي پي ٽي آءِ جو ميان محمد اعظم کٽي ويو، پي پي 168 لاهور تي ن ليگ جو ملڪ اسد علي کوکر ۽ پي پي 273 مظفر ڳڙهه تي ن ليگ جو سبطين رضا ڪامياب ٿي ويو

 پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران جشن ملھايو ويو، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان نين عام چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ ووٽرز نون ليگ سان گڏ سموري رياستي مشينري، پوليس جَي ظلم ۽ جانبدار اليڪشن ڪميشن کي به شڪست ڏني آهي

ھن چيو تھ  ملڪي مسئلن جو واحد حل قابل اعتماد اليڪشن ڪميشن ذريعي شفاف چونڊون آهن، ڪو به ٻيو رستو وڌيڪ سياسي غير يقيني ۽ معاشي تباهي ڏانهن وٺي ويندو

نواز ليگ کي کليل دل سان نتيجا مڃڻ گهرجن ۽ دل وڏِي ڪرڻ گهرجي: مريم نواز

عمران خان دهشتگردن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي

نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ کي کليل دل سان نتيجا مڃڻ گهرجن ۽ دل وڏِي ڪرڻ گهرجي، سياست ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي ٿيندي رهندي آهي

مريم نواز چيو تھ عوام جَي فيصلي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي، ڪمزورين جي نشاندهي ڪري انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙا ۽ ڌانڌلين جون دانهون