پنجاب ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙا ۽ ڌانڌلين جون دانهون

0
206

پنجاب ۾ ننڍي چونڊ لاءِ

لاھور: پنجاب ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙا ۽ ڌانڌلين جون دانهون، لاهور جي تڪ پي پي 158۾ پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ تي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو

 فيصل آباد جي تڪ پي پي 97 ۾ بزرگ شهري سان گڏ همراهه کي پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي جهيڙي دوران بيلٽ پيپرز ڦاٽي پيا

اليڪشن ڪميشن طرفان پي پي 158 تي جهيڙي جو نوٽيس، ڊي آر او کي صورتحال جو جائزو ۽ سيڪيورٽي عملدارن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

اسد عمر ڇا چيو؟

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته تخت پنجاب تان قبضو ڇڏائي وڏي وزير جي ڪرسي خالي ڪرائي ويندي، پرويز الاهي وڏو وزير ٿيو ته نواز ليگ وٽ ڪجهه نه بچندو

پنجاب ۾ ووٽرز پولنگ اسٽيشنز تي اچن پيا، پر پوليس کين پريشان ڪري ٿي، رپورٽس ملن ٿيون ته پوليس ووٽنگ جي عمل ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پوليس جي رويي تي ڇو خاموش آهي؟

حمزه شهباز ۽ ٻيا کُليل نموني چونڊ ضابطن جي ڀڇڪڙي ڪن پيا، چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ غيرقانوني حڪم ڏيندڙ قانوني ڪارروائي لاءِ تيار رهنپنجاب ۾ ووٽرز پولنگ اسٽيشنز

شھبا گل پاران الزام ھنيا ويا

شهباز گل پاران مظفرڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوار جي پولنگ ايجنٽس کي نيڪالي ڏيڻ جا الزام، پنهنجي ٽويٽ ۾ شهباز گل چيو آهي ته اسان جي اميدوار معظم جتوئي جي پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشن 44 ۽ 46 تان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي

پولنگ ايجنٽس کي خالي دٻا ۽ بيلٽ پيپرز چيڪ ڪرڻ به نه ڏنا ويا، فارم 46 جي شفافيت ختم ڪئي وئي آهي، خبر ناهي ته انهن پولنگ اسٽيشنز تي ڪيترا جعلي ووٽس ڪاسٽ ٿيندا، ڌانڌلين جي شروعات ٿي چڪي آهي

اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا

 اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو  آهي ته مظفر ڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشن 44 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو پولنگ ايجنٽ امير بخش موجود آهي

اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ اسٽيشن 46 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو ڪو به پولنگ ايجنٽ نه پهتو آهي، بنا تصديق جي الزام هڻي پولنگ واري عمل کي تڪراري نه بڻايو وڃي

عمران خان ۽ اينڊ ڪمپني عوامي فيصلي کي تسليم ڪن:عطاءُ الله تارڙ

، پنجاب جي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام بنا ڪنهن خوف جي ووٽ جو حق استعمال ڪري، سياسي مخالفن کي به ووٽ جي عزت ڪرڻ گهرجي

ھن چيو تھ عمران خان ۽ اينڊ ڪمپني عوامي فيصلي کي تسليم ڪن، عوامي فيصلو زوري تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪيو وڃي، چونڊن لاءِ آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور سهڪار ڪيو پيو وڃي

غنڊا گردي ۽ بدمعاشي جي ڪوشش ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، لوڌران ۾ شبلي فراز فسادين جي پٺڀرائي لاءِ هٿيارن سوڌو موجود آهي، شبلي فراز پنهنجي غندن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حوالي ڪري

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ جمشيد اقبال کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو:پوليس