ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ٿيٻا روڊ تي مختيار شاه ڪالوني ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي  ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، ڏنڊا ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڌرين جا 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ھڪ ڌر جا بشير احمد چنو، انصاف چنو، صداقت چنو ۽ ٻي ڌر جا محمد نواز کوسو، فراز کوسو ،عمران علي کوسو ،عامر کوسو شامل آھن. ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي ميهڙ پوليس پاران ٻنهي ڌرين جي زخمين کي طبي چڪاس وارو  ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ميهڙ موڪلي ڇڏيو. جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي ميهڙ پوليس ڪا به ڪاروائي نہ ڪري سگھي آھي