لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ حمزه جي اڪثريت ختم، عمران جو بيانيو کٽي ويو، لوٽا هارائي ويا، تحريڪ انصاف 20 مان 15 سيٽن تي ڪامياب، نواز ليگ 4 سيٽون کڻي سگهي، هڪ سيٽ آزاد اميدوار کڻي ويو، شاهه محمود قريشي جو پٽ ملتان جو ميدان ماري ويو. پنجاب جي 14 ضلعن جي 20 سيٽن تي ڪالهه پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي، ننڍي چونڊ ۾ 175 اميدوارن حصو ورتو. لاهور مان تحريڪ انصاف 4 مان 3 سيٽون کٽي ورتيون، ميان اڪرم عثمان ليگي اميدوار رانا احسن کي 5 هزار ووٽن تان هارائي ڇڏيو، پي پي 167 ۾ پي ٽي آءِ جي شبير گجر نواز ليگ جي نذير چوهاڻ کي 14 هزار ووٽن تان عبرتناڪ شڪست ڏني، ملڪ ظهير عباس کوکر پي پي 170 تي نواز ليگ امين ذولقرنين کي 8 هزار ووٽن تان مات ڏني، نواز ليگ جي اسد علي کوکر پي پي 168 ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار نواز اعواڻ کي 10 هزار ووٽن تان هارائي ڇڏيو، فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي علي افضل نواز ليگ جي اجمل چيما کي هارايو. مظفر ڳڙهه جي هڪ سيٽ تي نواز ليگ جي سطبين رضا پي ٽي آءِ جي ياسر عرفات کي 6 هزار ووٽن تان هارائي ڇڏيو، شيخوپوره ۾ نواز ليگ جو اميدوار 18 هزار ووٽن تان هارائي ويو، ساهيوال ۾ نواز ليگ جو نعمان لنگڙيال سخت مقابلي بعد تحريڪ انصاف جي غلام سرور کان 2500 ووٽن تان هارائي ويو. تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن کي سموريون ٽڪيٽون ڏيڻ وارو فيصلو نواز ليگ کي مهانگو پئجي ويو، ٽڪيٽ نه ملڻ تي نواز ليگ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويل عرفان الله نيازي خوشاب مان کٽي ويو، ليگي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض عامر اقبال شاهه پي ٽي آءِ جي ٽيڪيٽ تي لوڌران مان کٽي ويو، لوڌران جي ٻئي سيٽ تي نواز ليگ جي ٽڪيٽ نه ملندڙ رفيع بخاري آزاد حيثيت سان اليڪشن وڙهيو ۽ پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ٻنهي کي شڪست ڏني. خوشاب ۾ نواز ليگ جي اندروني ويڙهه تحريڪ کي کٽرايو. ننڍي چونڊ جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين جي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 11 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ ان کي وڌيڪ 6 سيٽن تي کيس سرسي حاصل آهي، جڏهن ته نواز ليگ 2 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار سوڀارو ٿيو آهي. هيل تائين جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف لاهور جي 4 اهم تڪن مان 3 شيخوپوره، جهنگ، ملتان، ساهيوال، خوشاب، لوڌران، ليه ۽ ڊيره غازي خان جون سيٽون کٽي ورتيون، نواز ليگ لاهور ۽ مظفرڳڙهه مان هڪ، هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پي پي 83 خوشاب جي سڀني 215 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ملڪ حسن اسلم خان 48 هزار 475 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته آزاد اميدوار محمد آصف ملڪ 41 هزار 752 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. پي پي 125 جهنگ جي سمورين 185 پولنگن جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو ميان محمد اعظم 82382 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، جڏهن ته ليگي اميدوار فيصل حيات 52178 ووٽ حاصل ڪيا، پي پي 140 خوشاب جي سمورين 165 پولنگ جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو اميدوار خرم شهزاد ورڪ 50166 ووٽ کڻي کٽي ويو، جڏهن ته نواز ليگ جي ميان خالد محمود 32105 ووٽ کنيا. پي پي 202 ساهيوال 7 جي مڪمل 176 پولنگن جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ميجر (ر) محمد غلام سرور  اپ سيٽ ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ نعمان لنگڙيال کي شڪست ڏني آهي، ميجر (ر) محمد غلام سرور 61989 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، نواز ليگ جي ملڪ نعمان احمد لنگڙيال کي 59167 ووٽ پيا. پي پي 244 لوڌران جي سمورين 158 پولنگن جي ي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي محمد اقبال شاهه 69881 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته نواز ليگ جي زوار حسين وڙائچ 56214 ووٽ حاصل ڪيا،پي پي 282 ليه جي سمورين 130 پولنگن جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو قيصر عباس خان 43922 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، جڏهن ته نواز ليگ جو محمد طاهر رنداوا 29726 ووٽ کڻي هارائي ويو. پي پي 288 ڊيرا غازي خان جي مڪمل 145 پولنگن جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي سردار محمد سيف الدين کوسا 58885 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، نواز ليگ جي عبدالقادر خان کي 32907 ووٽ مليا. تحريڪ انصاف ملتان جو ميدان به ماري ورتو، ملتان ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 217 ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي ميدان ماري ورتو، تڪ جي مڪمل 124 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب زين قريشي 46963 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته نواز ليگ جي محمد سلمان 40104 ووٽ کنيا. پي پي 158 لاهور جي سڀني 151 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ميان اڪرم عثمان 36 هزار 888 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته ن ليگ جي رانا احسن شرافت 31 هزار 447 ووٽ کنيا. پي پي 167 جي سمورين 140 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي شبير احمد 40175 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جي نذير چوهاڻ 26306 ووٽ کڻي هارائي ويو، پي پي 170 جي سمورين 79 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو ملڪ ظهير عباس 24688 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، نواز  ليگ جي محمد امين ذوالقرنين 17519 ووٽ حاصل ڪيا. پي پي 168 جي مڪمل 96 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ملڪ اسد کوکر 26169 ووٽ کڻي کٽيو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي محمد نواز اعواڻ کي 15769 ووٽ کڻي شڪست کاڌي. پي پي 7 راولپنڊي 2 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب نواز ليگ جو راجا صغير کٽي ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو شبير اعواڻ سخت مقابلي بعد ٻئي نمبر تي آهي، تڪ ۾ آر ٽي ايس سسٽم ويجهي وڃڻ سبب نتيجا دير سان آيا، پهرين تحريڪ انصاف اميدوار کي اڳتي ڏيکاريو ويو بعد ۾ نواز ليگ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف ان تي احتجاج ڪيو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس سسٽم ويهڻ جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته سسٽم 100 سيڪڙو ڪم ڪري رهيو آهي، پي پي 228 لوڌران جي 136 مان 65 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار سيد محمد رفيع الدين 20859 ووٽ کڻي اڳتي آهي، تحريڪ انصاف جو عزت جاويد خان 16778 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، پي پي 237 بهاولنگر جي 160 مان 43 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب نواز ليگ جو فدا حسين 14316 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو سيد آفتاب رضا 6208 ووٽ حاصل ڪيا. پي پي 272 مظفر ڳڙهه جي 134 مان 46 پولنگن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو محمد معظم علي خان 14505 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جي سيده زهره باسط بخاري 11581 ووٽ کنيا. تحريڪ انصاف پنجين سيٽ ساهيوال جي تڪ پي پي 202 ۾ کٽي آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب اتان تحريڪ انصاف جي ميجر (ر) غلام سرور 61 هزار 989 ووٽ کنيا، جڏهن ته نواز ليگ جو ملڪ نعمان لنگڙيال  59 هزار 167 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. واضح رهي ته 20  تڪن ۾ 45 لک کان وڌيڪ ووٽرن لاءِ 3131 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان 676 کي انتهائي حساس ۽ 1194 کي حساس قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اتي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون هيون. چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي کي به مقرر ڪيو ويو.