پنجاب اليڪشن ريويو ڪيس، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

0
289
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني واري اليڪشن ڪميشن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊون ڪرائڻ جو رڳو اختيار نه آهي، اها آئيني ذميواري آهي، جتي به آئيني ڀڃڪڙي ٿيندي عدالت مداخلت ڪندي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کان وڌيڪ تياريءَ لاءِ هڪ  هفتي جي مهلت گهري هئي