ڀٽ شاهه (ن پ ا) حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 280 هون عرس مبارڪ سڀاڻي 14 صفر کان ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿيندو، اڄ 13 صفر شام جو قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي 4جي اڳواڻي ۾ مزار تي چادر چاڙهي غير سرڪاري طور ميلي جو افتتاح ڪيو ويندو، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو، سرڪاري سطح تي ميلو سڀاڻي شروع ٿيندو، سڀاڻي گورنر سنڌ طرفان مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ثقافت ۽ اوقاف کاتي جا صوبائي وزير به موجود هوندا، جنهن بعد شاھ جو باغ ۾ ثقافتي ڳوٺ جو افتتاح ڪيو ويندو، صنعتي ۽ زرعي نمائش به لڳايا ويندا، 2 بجي ڌاري ايڪسيلنس هال ۾ سگهڙ ڪچهري منعقد ڪئي ويندي، شام جو ملهه پهلوانن ۾ مقابلا ٿيندا ۽ رات جو آڊيٽوريم هال ۾ ثقافت کاتي طرفان لطيفي راڳ رنگ جي محفل ٽئي ڏينهن جاري رهندي، ميلي لاءِ مختلف اسٽال به قائم ڪري بازارون سجايون ويون آهن، سيڪيورٽي لاءِ به انتظام سخت ڪري مختلف ضلعن مان پوليس طلب ڪئي وئي آهي.