ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) ميروخان لڳ زهريلي لَسي پيئڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ٻارڙن ۽ عورتن سميت 8 ڀاتي بيهوش، 2 ڀينرن سميت 4 ڄڻيون فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ غوث بخش بروهي ۾ نصير بروهي جي گهر ۾ زهريلي لَسي واپرائڻ سبب 8 گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا، بيهوش ٿيلن ۾ جنت خاتون، بلقيس، روبينا، شيما، مومنه، حفيظ، ذوهيب ۽ غوث بخش شامل آهن، جن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي 21 ورهين جي بلقيس خاتون ۽ 14 ورهين جي شيما بروهي، حاجران زال عزيز بروهي ۽ مومنه اسپتال ۾ فوت ٿي ويون، فوتي ٻن ڀينرن جي والد گهر ڌڻي نصير بروهي الزام هنيو ته ڊاڪٽرن طرفان بهتر علاج نه ڪرڻ سبب منهنجي ٻن نياڻين سميت 4 گهر ڀاتي فوت ٿيا، جڏهن ته نينگر غوث بخش بروهي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، هن ٻڌايو ته گهر ۾ پيل لسي ۾ زهريلي ڪِرڙي ڪِري پئي هئي، جنهن ڪري لسي زهريلي ٿي وئي، فوتي 4 ڄڻين جا لاش لاڙڪاڻي اسپتال مان ڳوٺ غوث بخش بروهي گهر آندا ويا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.