الينوي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن پلاسٽڪ جي ٽڪرن کي غذائي پروٽين ۾ تبديل ڪندڙ ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتو ان سان گڏوگڏ انهن ڏهه لک يورو جو ”فيوچر انسائيٽ پرائز“ به ماڻي ورتو آهي.زينگر نيوز جي ويب سائيٽ موجب اها ٽيڪنالاجي يونيورسٽي آف الينوي اربانا شيمپين جي بايو انجنيئر، پروفيسر ٽنگ لو ۽ مشي گن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي بائيولاجسٽ اسٽيفنٽيڪٽمين گڏيل طور تيار ڪئي آهي جنهن ۾ جينيتاتي طور تي تبديل ڪيل خوردبيني جاندار (مائڪروبز) استعمال ڪيا ويا آهن.سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ تقريبن ڏهه کرب مختلف قسمن جا خوردبيني جاندار موجود آهن پر انهن مان هن وقت تائين تقريبن هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ئي ڳولي سگهيا آهيون.جراثيمن کي ان جي قابل بڻائڻ لاءِ ته جيئن هو پلاسٽڪ کي پروٽين ۾ تبديل ڪري سگهن، انهن ۾ سڀ کان پهريان جين سڃاڻپ ڪئي وئي ته ڪهڙا اهو ڪم سٺي نموني ڪري سگهن ٿا.ان کانپوءِ جينياتي ترميم جي ذريعي جراثيمن ۾ اهو جين اهڙي انداز ۾ شامل ڪيو ويو ته اهو پلاسٽڪ جي مختلف قسمن کي غذائي پروٽين ۾ تبديل ڪرڻ لڳو.في الحال استعمال ٿيل پلاسٽڪ مان پروٽين ٺاهڻ واري اها ٽيڪنالاجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر ان کي وڌيڪ ڪارآمد بڻائي صعنتي پيماني تي تائين پهچائڻ جا چٽا امڪان موجود آهن.