قبائلي سردار جهيڙا ختم ڪرائيندا !؟

0
263
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن سرڪار پاڻ جهيڙن، ڏوهن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن کي قانون ذريعي منهن ڏيڻ بدران مٽي مائٽي ،سرداري ۽ برادري جي ذريعي حل ڪرڻ جون واٽون ڪڍندي ته ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته حڪومت کي ئي قانون تي اعتماد يا اعتبار ناهي يا اها پنهنجي حڪومتي رٽ تان ئي هٿ کڻي رهي آهي. سڄي دنيا انهي ڳالهه تي متفق آهي ته قانون تي مڪمل عمل ڪرڻ سان ئي معاشرا اڳتي وڌندا آهن ۽ ڪي شارٽ ڪٽ ڳولڻ يا مسئلن کي عارضي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪا ٻي واٽ ورت ويندي آهي ته اهي مسئلا اڳتي هلي اڳ کان به وڌيڪ ڀيانڪ شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن، جنهن جا معاشري کي اڻڳڻيا نقصان برداشت ڪرڻا پوندا آهن. سنڌ حڪومت به هڪ اهڙو ئي فيصلو ڪيو آهي جنهن سڄاڻ ڌرين ۽ خاص ڪري ڪمزور طبقن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ان تي عمل ٿئي ٿو ته هڪ ته سرداري نظام مضبوط ٿيندو ٻيو عام ماڻهو جو قانون تان اعتماد کڄي ويندو ۽ هر ڪو قانون بدران پنهنجي سردار يا برادري ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندو.
سنڌ ماضي ۾ هڪڙي بدامني جي باهه ۾ سڙي آهي جنهن ۾ قبائلي جهيڙن کان وٺي ڌاڙيلن جون ڪارروايون ۽ بدامني قانون تي ويساهه رکندڙ پرامن شهرين لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهيا. پرامن سنڌ ۾ هٿيارن جا انبار به انهن قبائلي جهيڙن جي ڪري ٿيا ته ڌاڙيل فيڪٽر به انهي قبائلي جهيڙن جي بٺي مان پچي راس ٿيا، پوءِ قانون حرڪت ۾ آيو سخت آپريشن جو فيصلو ٿيو ته اهي ڌاڙيل ختم ٿيا ته قبائلي جهيڙن ۾ به ٺاپر ٿي. هاڻي وري ويجهي ماضي کان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ اها ساڳي صورتحال پيدا ٿيڻ شروع ٿي آهي ، اوچتو ئي اوچتو ڌاڙيلن جون ڪئمپون آباد ٿيڻ شروع ٿيون، اغوا جون وارداتون وڌڻ لڳيون ته انهي سان گڏ قبائلي جهيڙا شروع ٿي ويا.گهڻو ڪري سنڌ جا اتر وارا ضلعا انهي باهه ۾ سڙڻ شروع ٿيا ،عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا جون وارداتون وڌي ويون ته گڏوگڏ بدامني به پر پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا.قبائلي تڪرار جون ٻه ٽي اهڙيون وارداتون ٿيون جن سنڌ کي ڇرڪائي وڌو جنهن تي هر ساڃاهه وند انهن قبائلي جهيڙن جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪڻ کان اڳ وسائڻ جا مطالبا ڪري رهيو هو ۽ قبائلي جهيڙن جي خاتمي ۽ قانون جي رٽ کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو. وڏي وزير جي صدارت ۾ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جن مان ٻه فيصلا انتهائي اهم آهن هڪ اهو ته ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ دريائي فورس ٺاهيو ويندو ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل اڪثر ڪري ڪچي ۾ پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهيو ويٺا آهن، ٻيو فيصلو اهو ته قبائلي جهيڙا سردارن ذريعي ختم ڪرايا ويندا. دريائي فورس ٺاهڻ وارو سنڌ سرڪار جو فيصلو ته سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ بهتر فيصلو آهي پر قبائلي جهيڙا سردارن ذريعي ختم ڪرائڻ واري ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي. سڄي دنيا سمجهي ٿي ته انهن قبائلي جهيڙن جو مرڪز ئي اهي سردار آهن جن جي سياست، اٿي ويٺي ايتري تائين جو روزگار انهن جهيڙن ذريعي ٿئي ٿو وري انهن ذريعي ئي اهي جهيڙا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري اها به سرڪار، جنهن وٽ فورس آهي، انتظاميا آهي، قانون آهي ته پوءِ عام ماڻهو ڏانهن ڇا پيغام ويندو ته سردار ته سرڪار کان به مٿي آهن. جيڪي ڪم سرڪار نه ٿي ڪري سگهي اهي سردار ڪري رهيا آهن.انهي سڄي پريڪٽس سان هڪ ته عام ماڻهو جو قانون تان اعتماد کڄي ويندو ٻيو اهي سردار وڌيڪ مضبوط ٿيندا جيڪي اڳ ۾ ئي سنڌ جي سماج لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهيا آهن جيڪي مس مس وڃي 88 ع جي چونڊن کانپوءِ ڪمزور ٿيا پر مشرف جي دورجي مڪاني نظام ۾ انهن کي ڄڻ وري جياريو ويو ۽ هي پ پ سرڪار ڄڻ انهن کي وري اها پراڻي طاقت بخشي رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار جو قبائلي جهيڙا سردارن ذريعي ختم ڪرائڻ جو فيصلو انتهائي نامناسب ۽ قانون تان هٿ کڻڻ وارو فيصلو آهي.جتي جتي قبائلي جهيڙا آهن اتي قانون کي حرڪت ۾ آندو وڃي۽ هٿيارن جي رسد کي روڪيو وڃي ته پاڻ ئي جهيڙا ختم ٿي ويندا ۽ عوام جو قانون تي اعتماد بحال ٿيندو پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي سردارن جي سهاري ڇڏيو ويو ته نه جهيڙا ختم ٿيندا نه امن ٿيندو، رهندو اڳتي هلي انهي سياسي حڪومت لاءِ ئي اهي سردار مٿي جو سور بڻبا جن کي طاقتور بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي .