ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ نامعلوم هٿياربندن جو هوٽل ۽ دڪان تي حملو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو، پشين سان واسطو رکندڙ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪيو. خبر موجب گولا موڙ وٽ موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوٽل مالڪ محمد عيسيٰ ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ساڳين هٿياربندن شهر جي مصروف علائقي مرزاپور ۾ ڪپڙي جي دڪان تي ويٺل 2 ڄڻن کي پڻ گوليون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ وارثن مقتول جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته هٿياربند شهر ۾ سرعام داخل ٿي آساني سان واردات ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جيڪا پوليس جي نااهلي آهي. هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس وقت سر نه پهتي ۽ نه ئي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، هنن چيو ته شهر اندر ڪيتريون ئي پوليس چوڪيون آهن پر هٿياربند آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوئيٽا جي پشين واري علائقي ۾ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هڪ ڌر جي هٿياربندن پشين مان اچي هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪيو. هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جو چوڻ آهي ته پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هي واقعي پيش آيو، هن چيو ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتا آهن، 3 ڏينهن اندر معاملي جي سڄي حقيقت سامهون اچي ويندي، هن چيو ته پريس ڪانفرنس ڪندڙ حالتون خراب ڪرائڻ چاهين ٿا، ڪنهن کي حالتون خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن جي ذاتي دشمني هئي، پوليس واردات ڪندڙن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهي، هٿياربند ڪوئيٽا جي علائقي پشين مان آيا، پوليس مقتول جي وارثن کي انصاف ڏياريندي.