ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻٽي شهريت ڪيس ۾ نااهلي جي باوجود ضمني چونڊن ۾ حصي وٺڻ وارو مامرو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ وڏي وزير مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 2013 ۾ مراد علي شاهه کي ٻٽي شهريت لڪائڻ تي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو، نااهلي جي باجود مراد علي شاهه ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو، مراد علي شاهه کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت مستقل نااهل قرار ڏنو وڃي.