پريالوءِ (ن پ ا ) پريالوءِ ۾ نالين جو پاڻي رستن تي بيهڻ سبب عيد نماز پڙھڻ لاءِ ويندڙ ماڻھن کي سخت ڏکيائين کي مونھن ڏيڻو پيو، شھرين نعمت الله سولنگي، بدرالدين چنو، اسحاق جو چوڻ ھو ته شھر جي صفائي سٿرائي لاءِ ٽائون ڪاميٽي کي لکين رپيا ماھوار ملن ٿا پر ھن وڏي ڏينھن جي موقعي تي به شھر جو گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آھي، ھنن چيو ته عام ڏينھن ۾ ته شھر ۾ گندگي جا ڍير پيل ھوندا آھن، پر عيد جي ڏينھن ۾ گندگي ڏسي اسان کي افسوس ٿي رھيو آھي، شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بھتر بڻائي ڏنو وڃي.