نئون دمبالو (ن پ ا ) نئون دمبالو ۾ ساڍن ستن ڪروڙن جي لاڳت سان تعمير ڪيل ڊرينيج اسڪيم رولڙي جو شڪار، لکين رپيا ھڙپ ڪرڻ جو انڪشاف. تفصيل موجب نئون دمبالو ۾ 8 سال اڳ ساڍن ستن ڪروڙن جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊرينيج سسٽم وڏي عرصي کان فعال نه ٿي سگهي. شهرين محمد رفيق باگراڻي، رستم ڪُنڊاڻي ۽ حق نواز آرائين ٻڌايو ته ناليون اٿلي پوڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي هر وقت رستن تي بيٺل هوندو آهي. يوسي نئون دمبالو جي صفائي واري عملي کي پنجن سالن کان پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن، ان ڪري انهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ شهر جي صفائي سٿرائي وارو نظام ناڪاره بڻيل آهي. ھنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نئون دمبالو ۾ صفائي واري نظام کي بھتر بڻائي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.