پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب، گورنر نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

0
205

لاهور: وڏي وزير پرويز الاهي رات اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي، پرويز الاهي جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر لاهور هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو

جسٽس عابد عزيز شيخ سوال ڪيو ته رات ايوان ۾ ڪيترا ميمبر موجود هئا، علي ظفر جواب ڏيندي چيو ته وڏي وزير تي 186 ميمبرز اعتماد ظاهر ڪيو، اعتماد جي ووٽ لاءِ 186 ميمبرز جي ئي ضرورت هئي

گورنر جي وڪيل منصور اعواڻ چيو ته فلور ٽيسٽ ٿي وئي آهي، اعتماد جي ووٽ واري ڪارروائي کي عدالتي ريڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي

اسپيڪر سبطين خان جي وڪيل وڏي وزير جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو

جسٽس عابد عزيز شيخ چيو علي ظفر فلور ٽيسٽ ٿي وئي آهي، ڇا توهان اڃا هن درخواست جي ٻڌڻي تي زور ڏيندئو؟

بيرسٽر علي ظفر چيو ته درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي پر گورنر جو نوٽيفڪيشن قانون موجب نه هو

جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته ووٽ وٺڻ کانپوءِ هڪ مسئلو ته حل ٿي ويو، هاڻي معاملو اهو رهيل آهي ته گورنر جو نوٽيفڪيشن ٺيڪ هو يا نه، وڏي وزير کي هٽائڻ واري گورنر جي نوٽيفڪيشن خلاف ٻڌڻي جاري آهي