ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون وقت تي ٿينديون: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيهر ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0
183

ڪراچي: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون وقت تي ٿينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

 عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هئڻ بابت تفصيلي فيصلو دليل ٻڌڻ بعد ڏنو ويندو

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي هلائي

ايم ڪيو ايم درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪندڙ اليڪشن ڪميشن جي بينچ جو ڪورم پورو نه هو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ اڳ به ايم ڪيو ايم جي مڪاني چونڊون روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي