ميرپورخاص (بيورورپورٽ) زراعت ملڪ لاءِ ڪرنگھي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي وفاق پاران پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پاڻي جي لاءِ پريشان آهن، آءِ ايم ايم جي ڊڪٽيشن تي تيار ٿيندڙ بجيٽ پاڪستان جي غريب عوام جي رت جو آخري ڦڙو به چوسي ڇڏيندي، مهانگائي، بيروزگاري، بدامني پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي ملڪ ۾ڌاڙيل راڄ آهي عوام ۽ سيڪيورٽي جا ادارا به محفوظ ناهن، اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ميرپورخاص ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته 11 ڏينهن تائين فلسطين جي بيگناهه عوام تي اسرائيلي حڪومت وحشياڻي بمباري ڪري مسلمانن جو ايترو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڪري دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو پر ڪنهن به مسلمان ملڪ کي همت نه ٿي ته فلسطين کي دهشتگرد چوي ۽ حملا روڪرائڻ ۽ مظلومن جي مدد لاءِ کُلي سامهون اچي.