پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ رهواسين کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، شهر جي سيد، چانڊيا ۽ ملاح پاڙي جي رهواسين معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو، اخلاق شاهه، رياض خاصخيلي، يوسف چنا، ذاڪرچانڊيو، نويد پنهور، منصور، امجد شاهه ۽ ٻين دانهيو ته يوسي جي هيڊ ڪوارٽر شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ٻن مهينن کان کوٽ آهي، اسانجا ٽي پاڙا به متاثر آهن، معصوم ٻار وٺي پاڻيءَ ڍُڪَ لاءِ گهرن مان نڪتا آهيون، هنن چيو ته اسان بي وس ٿي ويا آهيون ڪير دانهن نٿو ٻُڌي، جمهوريت جي آڙ ۾ چونڊيل نمائندا يزيد ٿي ويا آهن، هتي مقرر پبلڪ هيلٿ جا ملازم اوور واٽر هيڊ ٽينڪ جو پاڻي آبادي ڏانهن بند ڪري ڇڏيو آهي، پبلڪ هيلٿ کاتي جو جوڙايل اسي واري ڏهاڪي جو سسٽم اسان لاء لاڀائتو ناهي، هنن سيشن جج دادو کان مطالبو ڪيو ته پيارو اسٽيشن جي رهواسين تي رحم کائي پاڻي کوٽ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ نااهل چونڊيل نمائندن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.