جيڪب آباد (ن پ ا) آبپاشي کاتي جيڪب آباد جي عملدارن سنڌ حڪومت جا حڪم ٿڏي ڇڏيا آهن،2 ڏينهن اڳ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سھيل انور سيال ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين سان گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير آبپاشي کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري آبپاشي کاتي سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ 17 ھين گريڊ کان 20 ھين گريڊ تائين جي عملدارن کي ھيڊ ڪوارٽر ۾ رھڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سندس حڪمن باوجود جيڪب آباد ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي سيٽ 2 مھينن کان خالي پيل آهي، آبپاشي کاتي جي عملدارن جي آفيس ۾ غير موجودگي سبب پري پري کان مسئلا کڻي آبادگار سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان حوالي سان اسسٽنٽ انجنيئر مختيار احمد شيخ ٻڌايو ته صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي نيب سکر ۾ حاضري آهي، ان لاءِ آئون سکر آيل آهيان. ھن چيو ته آئون اڪثر فيلڊ تي ھوندو آھيان ان لاءِ آفيس کي گھٽ ٽائيم ڏئي سگهندو آهيان.