پاڪستان ۾ ٻن سالن دوران خودڪشي جي واقعن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

0
258

ڪراچي: سنڌ سوڌو سڄي دنيا ۾ خودڪشين جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ٻن سالن دوران خودڪشي جي واقعن ۾ 5 سيڪڙو واڌ، سنڌ ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ روڪڻ لاءِ نه عملي اپاءَ نه ورتا ويا، ٿر ۾ خودشڪين جي واقعن ۾ پريشان ڪندڙ واڌ، سنڌ سرڪار خودڪشي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

وفاقي حڪومت کي خودڪشي کي  ذهني بيماري قرار ڏيڻ لاءِ نئين سر قانونسازي جي سفارش، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته برطانيا سوڌو ٻين ملڪن ۾ آپگهات کي ڏوهه قرار ڏيڻ جا قلم رد ٿي چڪا آهن، متاثر کي ڏوهاري نه پر ذهني مريض سمجهڻ گهرجي، ٿرپارڪر ۾ خودڪشين تي ماهرن اڀياس ڪيو آهي، تڪرار، سماجي ۽ مالي مسئلا ٿر ۾ خودڪشين جا وڏا ڪارڻ قرار ڏنو ويو.