پيرڳوٺ ۾ مبينا اغوا بعد بازياب ٿيل ناري ڪائنات عدالت ۾ بيان بعد والد حوالي

0
821
پيرڳوٺ ۾ مبينا اغوا بعد

پيرڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ۾ مبينا اغوا بعد بازياب ٿيل ناري ڪائنات مڱريو عدالت ۾ بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد والد حوالي، پلاند ۾ اغوا ٿيل ڪانهر برادري جي 2 عورتن ۽ ٻارڙي کي بازيابي بعد عدالت آڏو پيش  ڪيو ويو، ڌياڻي، حاجاڻي ۽ سيما کي به عدالت ۾ بيان بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن ناري ڪائنات مڱريو جي اغوا بعد مڱريا ۽ ڪانهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو هو، مڱريا ڌُر جي هٿياربندن پلاند ۾ ڪارنهر ڌُر جي ٽن عورتن کي اغوا ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته بااثر ڌُرين جي ٽياڪڙي بعد ناري ڪائنات ۽ ٻارڙي سوڌو ٻن عورتن کي وارثن حوالي ڪيو ويو.