بيجنگ (دلچسپ نيوز) سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپني اوپو ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجو نئون اوپو رينو 6 پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي جنهن جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل تي ٻڌل آهي.پاڪستان ۾ اها فون اڃا پري آرڊر ۾ 2 رنگن ”آرورا ۽ اسٽيلر بليڪ“۾ دستياب هوندو ۽ ان جي قتم 59 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.اوپو رينو ۾ اينڊرائيڊ ورجزن 11 او ايس چپ سيٽ ڪولڪوم ايس ايم 1257 سنيپ ڊراگون 720 جي ڏنو ويو آهي. ان جو سي پي يو 2.3 گيگا هرٽز اوڪٽا ڪور آهي.اوپو رينو 6 جي ڊسپلي سائيز 6.4 انچ، ريزولوشن 2400/1080 ۽ ايڪسٽرا فيچر 90 هرٽز آهي. ڪمپني طرفان ميموري 8 جي بي ريم سان سگڏ 128 جي بي بلٽ ان ڏني وئي آهي.سمارٽ فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته مين ڪيمرا ۾ 8 ميگا پڪسل جي الٽرا وائيڊ اينگل ڪيمرا، ٻه ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ۽ 2 ميگا پڪسل جي مونو ڪروم ڪيمرا موجود آهي.ان کانسواءِ سيلفي ۽ وڊيو ڪال لاءِ 44 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ڏني وئي آهي. فون ۾ چارجنگ ۽ يو ايس بي لاءِ ٽائيپ سي 2.0 جو آپشن ڏنو ويو آهي. موبائل اسڪرين لاڪ کولڻ لاءِ فنگر پرنٽ جو آپشن موجود آهي جڏهن ته ڪجهه گيمز اڳ کان بلٽ ان آهن ۽ گھڻيون ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿيون.اوپو رينو 6 ۾ 4310 ايم اي ايڇ جي بيٽري ڏني وئي آهي. پر فون 50 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا اوهان جي فون کي اڌ ڪلاڪ ۾ زيرو کان 100 سيڪڙو تائين جارج ڪندو.