نيويارڪ (دلچسپ نيوز) ٽَچ موبائل ۾ موجود ”جهاز“ جو ڪهڙو ڪم آهي؟ اهو سوال اڪثر صارفين ڪندا رهندا آهن، جهاز هڪ اهڙو موڊ آهي جنهن جي ڪري توهان جو موبائل ۾ موجود سِم يا سِمن سان رابطو رکي يا ختم ٿي سگهي ٿو.مطلب جيڪڏهن توهان پنهنجي موبائل کي جهاز جي موڊ تي رکو يا ان جهاز واري موڊ کي آن ڪيو ٿا ته توهان جو پنهنجي سِمن سان رابطو ختم ٿي ويندو، ان سان توهان جي موبائل ۾ ٻيو سڀ جو سڀ ايپليڪيشنز ڪم ڪنديون رهنديون ۽ توهان انهن کي ان ئي صورت ۾ استعمال ڪري سگهندا پر توهان جي سِم تي ڪنهن به قسم جي ڪال يا ميسيج موصول نه ٿيندو.ان جهاز توهان جي موبائل ۾ اصل ۾ ان جي لاءِ رکيو ويو هو ته جڏهن توهان اصل جهاز ۾ سفر ڪرڻ لڳو ته توهان پنهنجي موبائل کي سِم جي استعمال کان ختم ڪيو، ڇو ته سِم جي ايڪٽو هجڻ جي ڪري توهان جي سِم مختلف جاين تان گذرندي ويجهي ۽ مختلف ٽاورن تان سنگل ڪيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي جنهن سان جهاز ۾ موجود پائليٽ روم جي سگنلز تي سڌي ريت اثر پوندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪير جهاز تي سفر ڪندو آهي ته ان ۾ موجود عملو گهڙي گهڙي توهان کي ياد ڏياريندو رهندو آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي موبائل کي ايئروپلين موڊ تي رکو.