نيويارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ بلب کي لاڳيتو ٻرندي صدي گذري وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دنيا ۾ ڪيتريون ئي انوکيون شيون موجود آهن جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هجڻ سبب ماڻهن جي نظرن جو مرڪز هجن ٿيون، اهڙي ئي هڪ انوکي شي آمريڪا ۾ پڻ موجود آهي اها انوکي شي بلڪل عام نوعيت جي آهي جنهنکي اسان پنهنجي گهرن جي اهم ضرورت طور استعمال ڪندا آهيون يعني بلب پر اهو اسين لاڳيتو نه ٻاريندا آهيون ان جي ابتڙ آمريڪا ۾ اهڙو انوکو بلب موجود آهي جيڪو گنيز بڪ ۾ به پاڻکي شامل ڪرائي چڪو آهي، فائربرگيڊ جي آفيس ۾ لڳل اهو بلب 120 سالن کان لاڳيتو ٻرندڙ آهي جنهن سبب ان کي 1971 ۾ گنيزبڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو هو.